Selected
Original Text
Taj Mehmood Amroti
Abdullah Yusuf Ali
Abdul Majid Daryabadi
Abul Ala Maududi
Ahmed Ali
Ahmed Raza Khan
A. J. Arberry
Ali Quli Qarai
Hasan al-Fatih Qaribullah and Ahmad Darwish
Mohammad Habib Shakir
Mohammed Marmaduke William Pickthall
Muhammad Sarwar
Muhammad Taqi-ud-Din al-Hilali and Muhammad Muhsin Khan
Safi-ur-Rahman al-Mubarakpuri
Saheeh International
Talal Itani
Transliteration
Wahiduddin Khan
بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ
In the name of Allah, Most Gracious, Most Merciful.
70:1
سَأَلَ سَآئِلٌۢ بِعَذَابٍ وَاقِعٍ
70:1
ھڪ سوال ڪندڙ ڪافرن تي پوندڙ عذاب جو سوال ڪيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
70:2
لِّلْكَـٰفِرِينَ لَيْسَ لَهُۥ دَافِعٌ
70:2
جنھن کي ڪو ھٽائڻ وارو نه آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
70:3
مِّنَ ٱللَّهِ ذِى ٱلْمَعَارِجِ
70:3
جو وڏن مرتبن واري الله جي طرف کان (پوندڙ) آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
70:4
تَعْرُجُ ٱلْمَلَـٰٓئِكَةُ وَٱلرُّوحُ إِلَيْهِ فِى يَوْمٍ كَانَ مِقْدَارُهُۥ خَمْسِينَ أَلْفَ سَنَةٍ
70:4
جنھن ڏينھن جي ڊيگھ پنجاھ ھزار ورھيه آھي تنھن ۾ ملائڪ ۽ جبرئيل الله ڏانھن چڙھندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
70:5
فَٱصْبِرْ صَبْرًا جَمِيلًا
70:5
تنھنڪري تون چڱو صبر ڪر. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
70:6
إِنَّهُمْ يَرَوْنَهُۥ بَعِيدًا
70:6
ڇوته ڪافر انھيءَ (ڏينھن) کي پري ڏسن ٿا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
70:7
وَنَرَىٰهُ قَرِيبًا
70:7
۽ اسين اُن کي ويجھو ٿا ڏسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
70:8
يَوْمَ تَكُونُ ٱلسَّمَآءُ كَٱلْمُهْلِ
70:8
جنھن ڏينھن آسمان پگھريل ٽامي وانگر ٿيندو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
70:9
وَتَكُونُ ٱلْجِبَالُ كَٱلْعِهْنِ
70:9
۽ جبل رڱيل اُن جان ٿيندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
70:10
وَلَا يَسْـَٔلُ حَمِيمٌ حَمِيمًا
70:10
۽ ڪو مائٽ ڪنھن ٻئي مائٽ کان نه پڇندو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
70:11
يُبَصَّرُونَهُمْ ۚ يَوَدُّ ٱلْمُجْرِمُ لَوْ يَفْتَدِى مِنْ عَذَابِ يَوْمِئِذٍۭ بِبَنِيهِ
70:11
(توڙي جو) اُھي کين ڏسڻ ۾ ايندا، گنھگار گھرندو ته جيڪر اُن ڏينھن جي عذاب جي بدران پنھنجا پُٽ بدلو ڏئي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
70:12
وَصَـٰحِبَتِهِۦ وَأَخِيهِ
70:12
۽ پنھنجي زال ۽ پنھنجو ڀاءُ (به). - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
70:13
وَفَصِيلَتِهِ ٱلَّتِى تُـْٔوِيهِ
70:13
۽ پنھنجو اُھو سارو قبيلو (به) جنھن کيس ٽڪايو ٿي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
70:14
وَمَن فِى ٱلْأَرْضِ جَمِيعًا ثُمَّ يُنجِيهِ
70:14
۽ اُھو (به) جيڪي سڀئي زمين ۾ آھي پوءِ سندس اھو (بدلو ڏيڻ) ڇڏائيس. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
70:15
كَلَّآ ۖ إِنَّهَا لَظَىٰ
70:15
ائين نه آھي، بيشڪ اِھو (دوزخ) الانبن واري باھ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
70:16
نَزَّاعَةً لِّلشَّوَىٰ
70:16
مَٿي جي کَل کي ڇڪيندڙ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
70:17
تَدْعُوا۟ مَنْ أَدْبَرَ وَتَوَلَّىٰ
70:17
جيڪو (خدا کان) پٺيرو ٿيو ۽ منھن موڙيائين تنھنکي سڏي ٿي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
70:18
وَجَمَعَ فَأَوْعَىٰٓ
70:18
۽ (مال) گڏ ڪيائين پوءِ سانڀيائين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
70:19
۞ إِنَّ ٱلْإِنسَـٰنَ خُلِقَ هَلُوعًا
70:19
بيشڪ ماڻھو حرص وارو پيدا ٿيل آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
70:20
إِذَا مَسَّهُ ٱلشَّرُّ جَزُوعًا
70:20
جڏھن (ڪو) ڏُک پھچندو اٿس (ته) دانھون ڪندو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
70:21
وَإِذَا مَسَّهُ ٱلْخَيْرُ مَنُوعًا
70:21
۽ جڏھن ڪو سُک پھچندو اٿس (ته) ڪنجوس ٿيندو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
70:22
إِلَّا ٱلْمُصَلِّينَ
70:22
پر (اُھي) نمازي (نه). - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
70:23
ٱلَّذِينَ هُمْ عَلَىٰ صَلَاتِهِمْ دَآئِمُونَ
70:23
جيڪي پنھنجي نماز تي ھميشه پورا آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
70:24
وَٱلَّذِينَ فِىٓ أَمْوَٰلِهِمْ حَقٌّ مَّعْلُومٌ
70:24
۽ اُھي (به) جن جي مالن ۾ (خداءَ جو) حصّو مقرر ٿيل آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
70:25
لِّلسَّآئِلِ وَٱلْمَحْرُومِ
70:25
سوال ڪندڙ ۽ نه سوال ڪندڙن لاءِ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
70:26
وَٱلَّذِينَ يُصَدِّقُونَ بِيَوْمِ ٱلدِّينِ
70:26
۽ اُھي جيڪي قيامت جي ڏينھن جو يقين رکندا آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
70:27
وَٱلَّذِينَ هُم مِّنْ عَذَابِ رَبِّهِم مُّشْفِقُونَ
70:27
۽ اُھي جيڪي پنھنجي پالڻھار جي عذاب کان ڊڄڻ وارا آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
70:28
إِنَّ عَذَابَ رَبِّهِمْ غَيْرُ مَأْمُونٍ
70:28
بيشڪ سندس پالڻھار جو عذاب (اھڙو آھي) جنھن کان بچي نه سگھبو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
70:29
وَٱلَّذِينَ هُمْ لِفُرُوجِهِمْ حَـٰفِظُونَ
70:29
۽ اُھي جيڪي پنھنجين اگھڙن کي نگاھ رکڻ وارا آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
70:30
إِلَّا عَلَىٰٓ أَزْوَٰجِهِمْ أَوْ مَا مَلَكَتْ أَيْمَـٰنُهُمْ فَإِنَّهُمْ غَيْرُ مَلُومِينَ
70:30
پنھنجين زالن يا پنھنجين ٻانھين کانسواءِ پوءِ بيشڪ اُھي ملامت وارا نه آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
70:31
فَمَنِ ٱبْتَغَىٰ وَرَآءَ ذَٰلِكَ فَأُو۟لَـٰٓئِكَ هُمُ ٱلْعَادُونَ
70:31
پوءِ جيڪي اُن کانسواءِ (ٻي ڳالھ) طلبيندا سي ئي حد کان لنگھڻ وارا آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
70:32
وَٱلَّذِينَ هُمْ لِأَمَـٰنَـٰتِهِمْ وَعَهْدِهِمْ رَٰعُونَ
70:32
۽ اُھي جيڪي پنھنجين امانتن کي ۽ پنھنجن انجامن کي پوري ڪرڻ وارا آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
70:33
وَٱلَّذِينَ هُم بِشَهَـٰدَٰتِهِمْ قَآئِمُونَ
70:33
۽ اُھي جيڪي پنھنجين شاھدين تي قائم آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
70:34
وَٱلَّذِينَ هُمْ عَلَىٰ صَلَاتِهِمْ يُحَافِظُونَ
70:34
۽ اُھي جيڪي پنھنجي نماز جي سنڀال ڪندڙ آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
70:35
أُو۟لَـٰٓئِكَ فِى جَنَّـٰتٍ مُّكْرَمُونَ
70:35
اُھي (بھشت جي) باغن ۾ عزت سان رھندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
70:36
فَمَالِ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ قِبَلَكَ مُهْطِعِينَ
70:36
پوءِ ڪافرن کي ڇا (ٿيو) آھي جو توڏانھن ڪنڌ کڻي ڊوڙندا آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
70:37
عَنِ ٱلْيَمِينِ وَعَنِ ٱلشِّمَالِ عِزِينَ
70:37
سڄي پاسي کان ۽ کٻي پاسي کان ٽوليون ٽوليون ٿي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
70:38
أَيَطْمَعُ كُلُّ ٱمْرِئٍ مِّنْهُمْ أَن يُدْخَلَ جَنَّةَ نَعِيمٍ
70:38
منجھائن سڀڪو شخص نعمت واري بھشت جي گھڙڻ جي طمع ڪري ٿو ڇا؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
70:39
كَلَّآ ۖ إِنَّا خَلَقْنَـٰهُم مِّمَّا يَعْلَمُونَ
70:39
ائين نه آھي، بيشڪ اسان اُنھن کي اُنھيءَ شيءِ مان پيدا ڪيو آھي جنھنجي خبر اٿن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
70:40
فَلَآ أُقْسِمُ بِرَبِّ ٱلْمَشَـٰرِقِ وَٱلْمَغَـٰرِبِ إِنَّا لَقَـٰدِرُونَ
70:40
پوءِ اُڀرندن ۽ اُلھندن جي پالڻھار جو قسم کڻان ٿو ته بيشڪ اسين وسوارا آھيون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
70:41
عَلَىٰٓ أَن نُّبَدِّلَ خَيْرًا مِّنْهُمْ وَمَا نَحْنُ بِمَسْبُوقِينَ
70:41
ھن (ڳالھ) تي جو اُنھن کان چڱا (ٻيا) مٽائي آڻيون ۽ اسين ڪي عاجز ٿيڻ وارا نه آھيون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
70:42
فَذَرْهُمْ يَخُوضُوا۟ وَيَلْعَبُوا۟ حَتَّىٰ يُلَـٰقُوا۟ يَوْمَهُمُ ٱلَّذِى يُوعَدُونَ
70:42
پوءِ (اي پيغمبر) انھن کي (ايسين) ٺاھ ٺاھيندو ۽ راند ڪندو ڇڏي ڏي جيسين اُھي پنھنجو اُھو ڏينھن ڏسن جنھن جو کين انجام ڏجي ٿو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
70:43
يَوْمَ يَخْرُجُونَ مِنَ ٱلْأَجْدَاثِ سِرَاعًا كَأَنَّهُمْ إِلَىٰ نُصُبٍ يُوفِضُونَ
70:43
جنھن ڏينھن قبرن مان ڊوڙندا نڪرندا ڄڻ ته اُھي ڪنھن جھنڊي ڏانھن ڊڪن ٿا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
70:44
خَـٰشِعَةً أَبْصَـٰرُهُمْ تَرْهَقُهُمْ ذِلَّةٌ ۚ ذَٰلِكَ ٱلْيَوْمُ ٱلَّذِى كَانُوا۟ يُوعَدُونَ
70:44
ان وقت سندن اکيون جھڪيون ھونديون انھن کي خواري وٺي ويندي، اِھو اُھو ڏينھن آھي جنھن جو کين انجام ڏنو ٿي ويو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)