Selected
                        Original Text
                        
                    
                
                    
                        Taj Mehmood Amroti
                        
                        
                        
                    
                
                Abdullah Yusuf Ali
Abdul Majid Daryabadi
Abul Ala Maududi
Ahmed Ali
Ahmed Raza Khan
A. J. Arberry
Ali Quli Qarai
Hasan al-Fatih Qaribullah and Ahmad Darwish
Mohammad Habib Shakir
Mohammed Marmaduke William Pickthall
Muhammad Sarwar
Muhammad Taqi-ud-Din al-Hilali and Muhammad Muhsin Khan
Safi-ur-Rahman al-Mubarakpuri
Saheeh International
Talal Itani
Transliteration
Wahiduddin Khan
                    بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ
                
                
                    In the name of Allah, Most Gracious, Most Merciful.
                
            
                    89:1
                    وَٱلْفَجْرِ
                
                
                
                
                
                    89:1
                    پرھ جو قسم آھي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    89:2
                    وَلَيَالٍ عَشْرٍ
                
                
                
                
                
                    89:2
                    ۽ ڏھن راتين جو قسم آھي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    89:3
                    وَٱلشَّفْعِ وَٱلْوَتْرِ
                
                
                
                
                
                    89:3
                    ۽ ٻڌيءَ ۽ اِڪئيءَ جو قسم آھي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    89:4
                    وَٱلَّيْلِ إِذَا يَسْرِ
                
                
                
                
                
                    89:4
                    ۽ رات جو قسم آھي جڏھن ھلي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    89:5
                    هَلْ فِى ذَٰلِكَ قَسَمٌ لِّذِى حِجْرٍ
                
                
                
                
                
                    89:5
                    ھان ڌيان واري لاءِ ھن (قسمن) ۾ بيشڪ پورو قسم آھي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    89:6
                    أَلَمْ تَرَ كَيْفَ فَعَلَ رَبُّكَ بِعَادٍ
                
                
                
                
                
                    89:6
                    نه ڏٺئي ڇا ته (قوم) عاد سان تنھنجي پالڻھار ڪيئن ڪيو.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    89:7
                    إِرَمَ ذَاتِ ٱلْعِمَادِ
                
                
                
                
                
                    89:7
                    (جي) ارم وارا وڏن ٿنڀن (جي عمارتن) وارا ھوا.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    89:8
                    ٱلَّتِى لَمْ يُخْلَقْ مِثْلُهَا فِى ٱلْبِلَـٰدِ
                
                
                
                
                
                    89:8
                    جن جھڙو شھرن ۾ ڪونه بڻايو ويو آھي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    89:9
                    وَثَمُودَ ٱلَّذِينَ جَابُوا۟ ٱلصَّخْرَ بِٱلْوَادِ
                
                
                
                
                
                    89:9
                    ۽ (قوم) ثمُود سان (ڪيئن ڪيائين) جن ميدان (قرٰا) ۾ پھڻن جون ڇپون گھڙيون ھيون.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    89:10
                    وَفِرْعَوْنَ ذِى ٱلْأَوْتَادِ
                
                
                
                
                
                    89:10
                    ۽ ميخن واري فرعون سان (ڪئن ڪيائين).  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    89:11
                    ٱلَّذِينَ طَغَوْا۟ فِى ٱلْبِلَـٰدِ
                
                
                
                
                
                    89:11
                    انھن (مڙني ٽولين) جن شھرن ۾ سرڪشي ڪئي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    89:12
                    فَأَكْثَرُوا۟ فِيهَا ٱلْفَسَادَ
                
                
                
                
                
                    89:12
                    پوءِ منجھن گھڻو فساد ڪيائون.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    89:13
                    فَصَبَّ عَلَيْهِمْ رَبُّكَ سَوْطَ عَذَابٍ
                
                
                
                
                
                    89:13
                    تنھنڪري تنھنجي پالڻھار مٿن عذاب جو چھبڪ وھايو.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    89:14
                    إِنَّ رَبَّكَ لَبِٱلْمِرْصَادِ
                
                
                
                
                
                    89:14
                    بيشڪ تنھنجو پالڻھار گھَٽَ (واري ھنڌ) ۾ (عملن کي ڏسندڙ) آھي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    89:15
                    فَأَمَّا ٱلْإِنسَـٰنُ إِذَا مَا ٱبْتَلَىٰهُ رَبُّهُۥ فَأَكْرَمَهُۥ وَنَعَّمَهُۥ فَيَقُولُ رَبِّىٓ أَكْرَمَنِ
                
                
                
                
                
                    89:15
                    پوءِ ماڻھو کي جڏھن سندس پالڻھار (ھن طرح) پرکيندو آھي جو اُن کي مانوارو ڪندو آھي ۽ نعمت ڏيندو اٿس، ته چوندو آھي ته منھنجي پالڻھار مون کي نوازيو.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    89:16
                    وَأَمَّآ إِذَا مَا ٱبْتَلَىٰهُ فَقَدَرَ عَلَيْهِ رِزْقَهُۥ فَيَقُولُ رَبِّىٓ أَهَـٰنَنِ
                
                
                
                
                
                    89:16
                    ۽ جڏھن کيس (ٻئي طرح ھيئن) پرکيندو آھي جو مٿس روزي تنگ ڪندو آھي ته چوندو آھي ته منھنجي پالڻھار مون کي بي مانو ڪيو.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    89:17
                    كَلَّا ۖ بَل لَّا تُكْرِمُونَ ٱلْيَتِيمَ
                
                
                
                
                
                    89:17
                    (ھرگز) ائين نه آھي بلڪ ڇوري ٻار کي تعظيم نه ڏيندا آھيو.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    89:18
                    وَلَا تَحَـٰٓضُّونَ عَلَىٰ طَعَامِ ٱلْمِسْكِينِ
                
                
                
                
                
                    89:18
                    ۽ نڪي مسڪينن جي کارائڻ تي ھڪ ٻئي کي رغبت ڏياريندا آھيو.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    89:19
                    وَتَأْكُلُونَ ٱلتُّرَاثَ أَكْلًا لَّمًّا
                
                
                
                
                
                    89:19
                    ۽ مُئن جو مال سموروئي ڳھي ويندا آھيو.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    89:20
                    وَتُحِبُّونَ ٱلْمَالَ حُبًّا جَمًّا
                
                
                
                
                
                    89:20
                    ۽ گھڻي پيار سان مال کي پيارو رکندا آھيو.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    89:21
                    كَلَّآ إِذَا دُكَّتِ ٱلْأَرْضُ دَكًّا دَكًّا
                
                
                
                
                
                    89:21
                    ائين نه ڪجي جڏھن زمين (جي اونچاڻ) ڪٽي ڪٽي سنئين ڪئي ويندي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    89:22
                    وَجَآءَ رَبُّكَ وَٱلْمَلَكُ صَفًّا صَفًّا
                
                
                
                
                
                    89:22
                    ۽ تنھنجو پالڻھار ايندو ۽ ملائڪ صِف صِف ٿي (ايندا).  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    89:23
                    وَجِا۟ىٓءَ يَوْمَئِذٍۭ بِجَهَنَّمَ ۚ يَوْمَئِذٍ يَتَذَكَّرُ ٱلْإِنسَـٰنُ وَأَنَّىٰ لَهُ ٱلذِّكْرَىٰ
                
                
                
                
                
                    89:23
                    ۽ اُن ڏينھن دوزخ کي آڻبو، اُن ڏينھن ماڻھو نصيحت وٺندو ۽ اُنھيءَ مھل (اھا نصيحت وٺڻ) اُن کي ڪٿي فائدي واري آھي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    89:24
                    يَقُولُ يَـٰلَيْتَنِى قَدَّمْتُ لِحَيَاتِى
                
                
                
                
                
                    89:24
                    چوندو ته ھاءِ ارمان جيڪر پنھنجي (ھن ھميشه جي) حياتيءَ لاءَ (ڪجھ) اڳي موڪليان ھا.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    89:25
                    فَيَوْمَئِذٍ لَّا يُعَذِّبُ عَذَابَهُۥٓ أَحَدٌ
                
                
                
                
                
                    89:25
                    پوءِ انھيءَ ڏينھن الله جي عذاب جھڙو ڪوبه ڪونه عذاب ڪندو.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    89:26
                    وَلَا يُوثِقُ وَثَاقَهُۥٓ أَحَدٌ
                
                
                
                
                
                    89:26
                    ۽ نڪو ڪو الله جي قيد ڪرڻ جھڙو قيد ڪندو.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    89:27
                    يَـٰٓأَيَّتُهَا ٱلنَّفْسُ ٱلْمُطْمَئِنَّةُ
                
                
                
                
                
                    89:27
                    (مؤمنن کي چئبو ته) اي آرام وٺڻ وارا جيءُ.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    89:28
                    ٱرْجِعِىٓ إِلَىٰ رَبِّكِ رَاضِيَةً مَّرْضِيَّةً
                
                
                
                
                
                    89:28
                    تون پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽِ ھل (تون اُن کان) راضي ٿيل آھين (ھو توکان) راضي ٿيل آھي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    89:29
                    فَٱدْخُلِى فِى عِبَـٰدِى
                
                
                
                
                
                    89:29
                    تنھنڪري (تون) منھنجي ٻانھن (جي ٽوليءَ) ۾ داخل ٿيءُ.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    89:30
                    وَٱدْخُلِى جَنَّتِى
                
                
                
                
                
                    89:30
                    ۽ منھنجي بھشت ۾ گِھڙ.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)