Selected
Original Text
Taj Mehmood Amroti
Abdullah Yusuf Ali
Abdul Majid Daryabadi
Abul Ala Maududi
Ahmed Ali
Ahmed Raza Khan
A. J. Arberry
Ali Quli Qarai
Hasan al-Fatih Qaribullah and Ahmad Darwish
Mohammad Habib Shakir
Mohammed Marmaduke William Pickthall
Muhammad Sarwar
Muhammad Taqi-ud-Din al-Hilali and Muhammad Muhsin Khan
Safi-ur-Rahman al-Mubarakpuri
Saheeh International
Talal Itani
Transliteration
Wahiduddin Khan
بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ
In the name of Allah, Most Gracious, Most Merciful.
44:1
حمٓ
44:1
حٰمٓ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
44:2
وَٱلْكِتَـٰبِ ٱلْمُبِينِ
44:2
(ھن) پڌريءَ ڪتاب جو قسم آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
44:3
إِنَّآ أَنزَلْنَـٰهُ فِى لَيْلَةٍ مُّبَـٰرَكَةٍ ۚ إِنَّا كُنَّا مُنذِرِينَ
44:3
ته بيشڪ اسان ھن (ڪتاب) کي برڪت واريءَ رات ۾ لاٿو بيشڪ اسين ڊيڄاريندڙ ھواسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
44:4
فِيهَا يُفْرَقُ كُلُّ أَمْرٍ حَكِيمٍ
44:4
اُن (برڪت واريءَ رات) ۾ سڀڪو ڪم حڪمت وارو فيصل ڪبو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
44:5
أَمْرًا مِّنْ عِندِنَآ ۚ إِنَّا كُنَّا مُرْسِلِينَ
44:5
(اھو) پاڻ وٽان (پنھنجي) حڪم سان (لاٿوسون) بيشڪ اسين (ئي پيغمبر کي) موڪلڻ وارا ھواسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
44:6
رَحْمَةً مِّن رَّبِّكَ ۚ إِنَّهُۥ هُوَ ٱلسَّمِيعُ ٱلْعَلِيمُ
44:6
تنھنجي پالڻھار جي ٻاجھ سبب (اُن کي لاٿوسون)، بيشڪ اُھوئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
44:7
رَبِّ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَآ ۖ إِن كُنتُم مُّوقِنِينَ
44:7
(جو) آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي انھن جي وچ ۾ آھي تنھنجو پالڻھار آھي، جيڪڏھن اوھين وسھندڙ آھيو (ته وسھو). - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
44:8
لَآ إِلَـٰهَ إِلَّا هُوَ يُحْىِۦ وَيُمِيتُ ۖ رَبُّكُمْ وَرَبُّ ءَابَآئِكُمُ ٱلْأَوَّلِينَ
44:8
اُن کانسواءِ (ٻيو) ڪوبه عبادت جو لائق نه آھي (جو) جياريندو آھي ۽ ماريندو آھي (اُھوئي) اوھان جو پالڻھار ۽ اوھان جي اڳين پين ڏاڏن جو پالڻھار آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
44:9
بَلْ هُمْ فِى شَكٍّ يَلْعَبُونَ
44:9
بلڪ ڪافر (قيامت) کان شڪ ۾ آھن جو راند ڪندا آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
44:10
فَٱرْتَقِبْ يَوْمَ تَأْتِى ٱلسَّمَآءُ بِدُخَانٍ مُّبِينٍ
44:10
پوءِ جنھن ڏينھن آسمان پڌرو دونھون آڻيندو (تنھن ڏينھن جو) تون انتظار ڪڍ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
44:11
يَغْشَى ٱلنَّاسَ ۖ هَـٰذَا عَذَابٌ أَلِيمٌ
44:11
جو ماڻھن کي ويڙھي ويندو، اھو ڏکوئيندڙ عذاب آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
44:12
رَّبَّنَا ٱكْشِفْ عَنَّا ٱلْعَذَابَ إِنَّا مُؤْمِنُونَ
44:12
(پوءِ چوندا ته) اي اسان جا پالڻھار اسان کان اِھو عذاب ٽار (جو) بيشڪ اسين مُسلمان ٿيون ٿا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
44:13
أَنَّىٰ لَهُمُ ٱلذِّكْرَىٰ وَقَدْ جَآءَهُمْ رَسُولٌ مُّبِينٌ
44:13
کين نصيحت وٺڻي ڪيئن ٿيندي حالانڪ بيشڪ وٽن پڌرو پيغمبر آيو ھو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
44:14
ثُمَّ تَوَلَّوْا۟ عَنْهُ وَقَالُوا۟ مُعَلَّمٌ مَّجْنُونٌ
44:14
وري کانئس مُنھن موڙيائون ۽ چيائون (ٿي) ته (ھيءُ) ماڻھو سيکاريل (۽) چريو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
44:15
إِنَّا كَاشِفُوا۟ ٱلْعَذَابِ قَلِيلًا ۚ إِنَّكُمْ عَآئِدُونَ
44:15
بيشڪ اسين ٿورو (وقت) عذاب ٽارڻ وارا آھيون بيشڪ اوھين (وري ڪُفر ۾) ڦِرڻ وارا آھيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
44:16
يَوْمَ نَبْطِشُ ٱلْبَطْشَةَ ٱلْكُبْرَىٰٓ إِنَّا مُنتَقِمُونَ
44:16
جنھن ڏينھن تمام وڏي پڪڙ ڪنداسون (تنھن ڏينھن) بيشڪ اسين بدلو وٺڻ وارا آھيون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
44:17
۞ وَلَقَدْ فَتَنَّا قَبْلَهُمْ قَوْمَ فِرْعَوْنَ وَجَآءَهُمْ رَسُولٌ كَرِيمٌ
44:17
۽ بيشڪ کائن اڳ فرعون جي قوم جي آزمائش ڪئي سون ۽ وٽن (ھن ڳالھ سان) سڳورو پيغمبر آيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
44:18
أَنْ أَدُّوٓا۟ إِلَىَّ عِبَادَ ٱللَّهِ ۖ إِنِّى لَكُمْ رَسُولٌ أَمِينٌ
44:18
ته الله جي ٻانھن کي منھنجي حوالي ڪريو، بيشڪ آءٌ اوھان وٽ امانت دار پيغمبر (آيو) آھيان. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
44:19
وَأَن لَّا تَعْلُوا۟ عَلَى ٱللَّهِ ۖ إِنِّىٓ ءَاتِيكُم بِسُلْطَـٰنٍ مُّبِينٍ
44:19
۽ (چوڻ آيو آھيان) ته الله جي آڏو ھٺ نه ڪريو، بيشڪ آءٌ اوھان وٽ پڌري حُجت آڻيندس. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
44:20
وَإِنِّى عُذْتُ بِرَبِّى وَرَبِّكُمْ أَن تَرْجُمُونِ
44:20
۽ بيشڪ مون پنھنجي پالڻھار ۽ اوھان جي پالڻھار جي پناھ ورتي ته (متان) مون کي پھڻن سان ماريو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
44:21
وَإِن لَّمْ تُؤْمِنُوا۟ لِى فَٱعْتَزِلُونِ
44:21
۽ جيڪڏھن مون تي ايمان نه آڻيو ته مون کان پاسو ڪريو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
44:22
فَدَعَا رَبَّهُۥٓ أَنَّ هَـٰٓؤُلَآءِ قَوْمٌ مُّجْرِمُونَ
44:22
پوءِ پنھنجي پالڻھار کي سڏيائين ته ھيءَ ڏوھاري قوم آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
44:23
فَأَسْرِ بِعِبَادِى لَيْلًا إِنَّكُم مُّتَّبَعُونَ
44:23
پوءِ (حُڪم ڪيوسون ته) منھنجن ٻانھن کي راتو رات وٺي نڪر جو اوھان جي پٺيان پوندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
44:24
وَٱتْرُكِ ٱلْبَحْرَ رَهْوًا ۖ إِنَّهُمْ جُندٌ مُّغْرَقُونَ
44:24
۽ (تون) سمنڊ کي سڪل ڇڏ، بيشڪ اُھي ٻڏڻ وارا لشڪر آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
44:25
كَمْ تَرَكُوا۟ مِن جَنَّـٰتٍ وَعُيُونٍ
44:25
باغ ۽ تلاءَ گھڻائي ڇڏيائون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
44:26
وَزُرُوعٍ وَمَقَامٍ كَرِيمٍ
44:26
۽ پوکون ۽ خاصيون جايون (به). - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
44:27
وَنَعْمَةٍ كَانُوا۟ فِيهَا فَـٰكِهِينَ
44:27
۽ اُھي نعمتون (به) جنھن ۾ مزا ماڻيندا ھوا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
44:28
كَذَٰلِكَ ۖ وَأَوْرَثْنَـٰهَا قَوْمًا ءَاخَرِينَ
44:28
اھڙي طرح (ٿيو)، ۽ ٻي قوم کي انھن (وسلن) جو وارث ڪيوسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
44:29
فَمَا بَكَتْ عَلَيْهِمُ ٱلسَّمَآءُ وَٱلْأَرْضُ وَمَا كَانُوا۟ مُنظَرِينَ
44:29
پوءِ مٿن آسمان ۽ زمين نه رُنو ۽ نڪي اُنھن کي مُلت ڏني ويئي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
44:30
وَلَقَدْ نَجَّيْنَا بَنِىٓ إِسْرَٰٓءِيلَ مِنَ ٱلْعَذَابِ ٱلْمُهِينِ
44:30
۽ بيشڪ بني اسرائيلن کي خوار ڪندڙ عذاب کان بچايوسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
44:31
مِن فِرْعَوْنَ ۚ إِنَّهُۥ كَانَ عَالِيًا مِّنَ ٱلْمُسْرِفِينَ
44:31
جو فرعون کان (پھچندو) ھونِ، بيشڪ اُھو ھٺيلو حد کان لنگھندڙن مان ھو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
44:32
وَلَقَدِ ٱخْتَرْنَـٰهُمْ عَلَىٰ عِلْمٍ عَلَى ٱلْعَـٰلَمِينَ
44:32
۽ بيشڪ بني اسرائيلن کي ڄاڻي واڻي (ساري) جھان وارن کان پسند ڪيوسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
44:33
وَءَاتَيْنَـٰهُم مِّنَ ٱلْـَٔايَـٰتِ مَا فِيهِ بَلَـٰٓؤٌا۟ مُّبِينٌ
44:33
۽ کين اُھي مُعجزا ڏناسون جن ۾ پڌري آزمائش ھئي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
44:34
إِنَّ هَـٰٓؤُلَآءِ لَيَقُولُونَ
44:34
بيشڪ اُھي (مُشرڪ) چوندا آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
44:35
إِنْ هِىَ إِلَّا مَوْتَتُنَا ٱلْأُولَىٰ وَمَا نَحْنُ بِمُنشَرِينَ
44:35
ته (اسان جي پڄاڻي) رڳو اسان جو (ھيءُ) پھريون موت آھي ۽ اسين وري نه اُٿارباسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
44:36
فَأْتُوا۟ بِـَٔابَآئِنَآ إِن كُنتُمْ صَـٰدِقِينَ
44:36
جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته اسان جي ابن ڏاڏن کي (جياري) آڻيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
44:37
أَهُمْ خَيْرٌ أَمْ قَوْمُ تُبَّعٍ وَٱلَّذِينَ مِن قَبْلِهِمْ ۚ أَهْلَكْنَـٰهُمْ ۖ إِنَّهُمْ كَانُوا۟ مُجْرِمِينَ
44:37
اُھي ڀلا آھن يا تبع (حميري) جي قوم ۽ جيڪي کائن اڳ ھوا سي؟ اُنھن (سڀني) کي ناس ڪيوسون، بيشڪ اُھي ڏوھاري ھوا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
44:38
وَمَا خَلَقْنَا ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَا لَـٰعِبِينَ
44:38
۽ آسمان ۽ زمين کي ۽ جيڪي اُنھن جي وچ ۾ آھي سو راند ڪري نه بڻايوسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
44:39
مَا خَلَقْنَـٰهُمَآ إِلَّا بِٱلْحَقِّ وَلَـٰكِنَّ أَكْثَرَهُمْ لَا يَعْلَمُونَ
44:39
انھن کي پوريءَ رِٿ کانسواءِ نه بڻايوسون پر انھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
44:40
إِنَّ يَوْمَ ٱلْفَصْلِ مِيقَـٰتُهُمْ أَجْمَعِينَ
44:40
بيشڪ انھن مڙني جو انجام نبيري جو ڏينھن آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
44:41
يَوْمَ لَا يُغْنِى مَوْلًى عَن مَّوْلًى شَيْـًٔا وَلَا هُمْ يُنصَرُونَ
44:41
جنھن ڏينھن ڪوبه دوست ڪنھن دوست کان ڪجھ به (عذاب) نه ٽاريندو ۽ نڪي کين مدد ڏبي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
44:42
إِلَّا مَن رَّحِمَ ٱللَّهُ ۚ إِنَّهُۥ هُوَ ٱلْعَزِيزُ ٱلرَّحِيمُ
44:42
سواءِ اُنھيءَ جي جنھن تي الله رحم ڪيو، بيشڪ الله ئي غالب مھربان آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
44:43
إِنَّ شَجَرَتَ ٱلزَّقُّومِ
44:43
بيشڪ ٿوھر جو وڻ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
44:44
طَعَامُ ٱلْأَثِيمِ
44:44
گنھگار جو کاڄ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
44:45
كَٱلْمُهْلِ يَغْلِى فِى ٱلْبُطُونِ
44:45
پگھريل ٽامي جان، پيٽن ۾ ٽچڪندو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
44:46
كَغَلْىِ ٱلْحَمِيمِ
44:46
تَتل پاڻي جي ٽچڪڻ وانگر. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
44:47
خُذُوهُ فَٱعْتِلُوهُ إِلَىٰ سَوَآءِ ٱلْجَحِيمِ
44:47
(ملائڪن کي چونداسون ته) ھن (ڏوھيءَ کي پڪڙيو) ۽ دوزخ جي وچ ڏانھن گھليوس. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
44:48
ثُمَّ صُبُّوا۟ فَوْقَ رَأْسِهِۦ مِنْ عَذَابِ ٱلْحَمِيمِ
44:48
وري سندس مٿي تي تَتل پاڻي ھاريو جو (اِھو) عذاب (اٿس). - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
44:49
ذُقْ إِنَّكَ أَنتَ ٱلْعَزِيزُ ٱلْكَرِيمُ
44:49
(چئبس ته اِھا سزا) چَک ڇوته تون (پنھنجي گمان ۾) سگھورو مان وارو آھين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
44:50
إِنَّ هَـٰذَا مَا كُنتُم بِهِۦ تَمْتَرُونَ
44:50
بيشڪ ھيءُ اُھو عذاب آھي جنھن ۾ اوھين شڪ ڪندا ھئو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
44:51
إِنَّ ٱلْمُتَّقِينَ فِى مَقَامٍ أَمِينٍ
44:51
بيشڪ پرھيزگار امن واريءَ جاءِ ۾ ھُوندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
44:52
فِى جَنَّـٰتٍ وَعُيُونٍ
44:52
باغن ۽ تلاون ۾. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
44:53
يَلْبَسُونَ مِن سُندُسٍ وَإِسْتَبْرَقٍ مُّتَقَـٰبِلِينَ
44:53
سنھي پَٽ جا (ڪپڙا) ۽ ٿُلھي پَٽ جا (ڪپڙا) ھڪ ٻئي جي آمھون سامھون ٿي ڍڪندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
44:54
كَذَٰلِكَ وَزَوَّجْنَـٰهُم بِحُورٍ عِينٍ
44:54
(سندن حال) ائين ھوندو، ۽ کين وڏين (سھڻين) اکين واريون حورون پرڻائينداسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
44:55
يَدْعُونَ فِيهَا بِكُلِّ فَـٰكِهَةٍ ءَامِنِينَ
44:55
منجھس سڀڪو ميوو گھرندا اھڙي حال ۾ جو امن وارا ھوندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
44:56
لَا يَذُوقُونَ فِيهَا ٱلْمَوْتَ إِلَّا ٱلْمَوْتَةَ ٱلْأُولَىٰ ۖ وَوَقَىٰهُمْ عَذَابَ ٱلْجَحِيمِ
44:56
پھرين موت کانسواءِ (جو دنيا ۾ مري چڪا) اتي (ٻيو) موت نه چکندا، ۽ (الله) کين دوزخ جي عذاب کان بچايو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
44:57
فَضْلًا مِّن رَّبِّكَ ۚ ذَٰلِكَ هُوَ ٱلْفَوْزُ ٱلْعَظِيمُ
44:57
تنھنجي پالڻھار جي فضل سبب، اھائي وڏي مراد ماڻڻ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
44:58
فَإِنَّمَا يَسَّرْنَـٰهُ بِلِسَانِكَ لَعَلَّهُمْ يَتَذَكَّرُونَ
44:58
قرآن کي تنھنجيءَ ٻوليءَ ۾ آسان ڪيوسون ته مانَ اُھي نصيحت وٺن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
44:59
فَٱرْتَقِبْ إِنَّهُم مُّرْتَقِبُونَ
44:59
پوءِ (تون) انتظار ڪڍ بيشڪ اُھي به انتظار ڪڍڻ وارا آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)