Selected
Original Text
Taj Mehmood Amroti
Abdullah Yusuf Ali
Abdul Majid Daryabadi
Abul Ala Maududi
Ahmed Ali
Ahmed Raza Khan
A. J. Arberry
Ali Quli Qarai
Hasan al-Fatih Qaribullah and Ahmad Darwish
Mohammad Habib Shakir
Mohammed Marmaduke William Pickthall
Muhammad Sarwar
Muhammad Taqi-ud-Din al-Hilali and Muhammad Muhsin Khan
Safi-ur-Rahman al-Mubarakpuri
Saheeh International
Talal Itani
Transliteration
Wahiduddin Khan
بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ
In the name of Allah, Most Gracious, Most Merciful.
37:1
وَٱلصَّـٰٓفَّـٰتِ صَفًّا
37:1
(پنھنجي پالڻھار وٽ) قطار ڪري صفن ٻڌڻ وارن (ملائڪن) جو قسم آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:2
فَٱلزَّٰجِرَٰتِ زَجْرًا
37:2
پوءِ جھڻڪ ڏيئي (شيطانن) کي ڌمڪائڻ وارن (ملائڪن) جو قسم آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:3
فَٱلتَّـٰلِيَـٰتِ ذِكْرًا
37:3
پوءِ (قرآن) پڙھڻ واري جماعت جو قسم آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:4
إِنَّ إِلَـٰهَكُمْ لَوَٰحِدٌ
37:4
ته اوھان جو معبُود ھڪڙو (ئي) آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:5
رَّبُّ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا وَرَبُّ ٱلْمَشَـٰرِقِ
37:5
(جو اُھو) آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي اُنھن ٻنھي جي وچ ۾ آھي تنھن جو پالڻھار آھي ۽ (اُھو) اُڀرڻ (۽ لَھڻ) وارن طرفن جو (به) پالڻھار آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:6
إِنَّا زَيَّنَّا ٱلسَّمَآءَ ٱلدُّنْيَا بِزِينَةٍ ٱلْكَوَاكِبِ
37:6
بيشڪ اسان دُنيا جي آسمانن کي تارن جي سونھن سان سينگاريو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:7
وَحِفْظًا مِّن كُلِّ شَيْطَـٰنٍ مَّارِدٍ
37:7
۽ سڀڪنھن سرڪش شيطان کان (انھيءَ) کي نگاھ رکيوسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:8
لَّا يَسَّمَّعُونَ إِلَى ٱلْمَلَإِ ٱلْأَعْلَىٰ وَيُقْذَفُونَ مِن كُلِّ جَانِبٍ
37:8
ته (شيطان) مَلَاءِ الۡاَعۡلىٰ ڏانھن ڪن ڏيئي (ڳالھيون) نه ٻڌن ۽ سڀڪنھن طرف کان (اُنھن ڏانھن) اُماڙيون اُڇلبيون آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:9
دُحُورًا ۖ وَلَهُمْ عَذَابٌ وَاصِبٌ
37:9
(اُنھن جي) تڙڻ لاءِ ۽ اُنھن لاءِ ھميشه جو عذاب آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:10
إِلَّا مَنْ خَطِفَ ٱلْخَطْفَةَ فَأَتْبَعَهُۥ شِهَابٌ ثَاقِبٌ
37:10
پر جنھن (چوريءَ ڪن ڏئي مَلَاءِاَعۡلىٰ جي ڳالھين مان ڪنھن ڳالھ کي) جھٽيو تنھن جي پوئتان ٻرندڙ اُماڙي پوندي آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:11
فَٱسْتَفْتِهِمْ أَهُمْ أَشَدُّ خَلْقًا أَم مَّنْ خَلَقْنَآ ۚ إِنَّا خَلَقْنَـٰهُم مِّن طِينٍ لَّازِبٍۭ
37:11
پوءِ کانئن پُڇ ته اُھي پيدا ڪرڻ ۾ تمام مشڪل آھن ڇا يا (ذڪر ڪيل شيون) جن کي اسان بڻايو آھي؟ بيشڪ اسان کين چيڪيءَ مٽيءَ مان بڻايو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:12
بَلْ عَجِبْتَ وَيَسْخَرُونَ
37:12
بلڪ (ڪافرن جي حال کان) عجب ڪيئي ۽ اُھي ٺـٺوليون ڪندا آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:13
وَإِذَا ذُكِّرُوا۟ لَا يَذْكُرُونَ
37:13
۽ جڏھن سمجھائبو اٿن (تڏھن) نه سمجھندا آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:14
وَإِذَا رَأَوْا۟ ءَايَةً يَسْتَسْخِرُونَ
37:14
۽ جڏھن (ھو) ڪا نشاني ڏسن (تڏھن) ٺـٺوليون ڪندا آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:15
وَقَالُوٓا۟ إِنْ هَـٰذَآ إِلَّا سِحْرٌ مُّبِينٌ
37:15
۽ چوندا آھن ته ھيءُ (قرآن) رڳو پڌرو جادو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:16
أَءِذَا مِتْنَا وَكُنَّا تُرَابًا وَعِظَـٰمًا أَءِنَّا لَمَبْعُوثُونَ
37:16
ھان جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿينداسون (تڏھن) اسين وري (جيئرا ٿي) کڙا ٿينداسون ڇا؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:17
أَوَءَابَآؤُنَا ٱلْأَوَّلُونَ
37:17
اسان جا اڳيان پيءُ ڏاڏا به (اٿاربا) ڇا؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:18
قُلْ نَعَمْ وَأَنتُمْ دَٰخِرُونَ
37:18
چؤ ته ھائو (اُٿاربا) حالانڪ اوھين خوار ھوندؤ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:19
فَإِنَّمَا هِىَ زَجْرَةٌ وَٰحِدَةٌ فَإِذَا هُمْ يَنظُرُونَ
37:19
پوءِ اُھو (کڙو ٿيڻ) رڳو ھڪ سخت جھڻڪار ھوندي پوءِ اُھي اُتي جو اُتي ڏسڻ لڳندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:20
وَقَالُوا۟ يَـٰوَيْلَنَا هَـٰذَا يَوْمُ ٱلدِّينِ
37:20
۽ چوندا ته ھيء ارمان اسان لاءِ ھي بدلي (وٺڻ) جو ڏينھن آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:21
هَـٰذَا يَوْمُ ٱلْفَصْلِ ٱلَّذِى كُنتُم بِهِۦ تُكَذِّبُونَ
37:21
(چئبن ته) نبيري جو ڏينھن جنھن کي اوھين ڪوڙو ڀائيندا ھيؤ سو ھي آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:22
۞ ٱحْشُرُوا۟ ٱلَّذِينَ ظَلَمُوا۟ وَأَزْوَٰجَهُمْ وَمَا كَانُوا۟ يَعْبُدُونَ
37:22
(چئبو ته اي ملائڪو) ظالمن کي ۽ سندن سنگتين کي ۽ جن کي الله کانسواءِ پوڄيندا ھوا - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:23
مِن دُونِ ٱللَّهِ فَٱهْدُوهُمْ إِلَىٰ صِرَٰطِ ٱلْجَحِيمِ
37:23
تن کي گڏ ڪريو پوءِ کين دوزخ جي واٽ ڏانھن ڏس ڏيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:24
وَقِفُوهُمْ ۖ إِنَّهُم مَّسْـُٔولُونَ
37:24
۽ کين ترسايو جو بيشڪ کانئن پڇبو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:25
مَا لَكُمْ لَا تَنَاصَرُونَ
37:25
(ته) اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو ھڪ ٻئي جي مدد نٿا ڪريو؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:26
بَلْ هُمُ ٱلْيَوْمَ مُسْتَسْلِمُونَ
37:26
بلڪ اُھي اڄ ڪنڌ نوائيندڙ آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:27
وَأَقْبَلَ بَعْضُهُمْ عَلَىٰ بَعْضٍ يَتَسَآءَلُونَ
37:27
۽ ڪي ڪن ڏانھن مھاڙ ڪري ھڪ ٻئي کان پڇڻ لڳندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:28
قَالُوٓا۟ إِنَّكُمْ كُنتُمْ تَأْتُونَنَا عَنِ ٱلْيَمِينِ
37:28
(ماڻھو پنھنجن سردارن کي) چوندا ته بيشڪ اوھين (گمراھ ڪرڻ لاءِ) سڄي (۽ کٻي) پاسي کان اسان وٽ ايندا ھُيؤ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:29
قَالُوا۟ بَل لَّمْ تَكُونُوا۟ مُؤْمِنِينَ
37:29
(سردار) چوندا ته (نه!) بلڪ اوھين پاڻ مُسلمان نه ھُيؤ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:30
وَمَا كَانَ لَنَا عَلَيْكُم مِّن سُلْطَـٰنٍۭ ۖ بَلْ كُنتُمْ قَوْمًا طَـٰغِينَ
37:30
۽ اوھان تي اسان جو ڪو زور نه (ھلندو) ھو، بلڪ (اوھين) پاڻ حد کان لنگھيل قوم ھُيؤ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:31
فَحَقَّ عَلَيْنَا قَوْلُ رَبِّنَآ ۖ إِنَّا لَذَآئِقُونَ
37:31
پوءِ اسان تي اسان جي پالڻھار جو چوڻ ثابت ٿيو ته بيش اسين (عذاب) چکندڙ ھُجون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:32
فَأَغْوَيْنَـٰكُمْ إِنَّا كُنَّا غَـٰوِينَ
37:32
پوءِ اوھان کي گمراھ ڪيوسون جو بيشڪ اسين (پاڻ) به گمراھ ھواسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:33
فَإِنَّهُمْ يَوْمَئِذٍ فِى ٱلْعَذَابِ مُشْتَرِكُونَ
37:33
پوءِ بيشڪ اُھي اُنھيءَ ڏينھن عذاب ۾ ھڪ ٻئي سا گڏ شريڪ ھوندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:34
إِنَّا كَذَٰلِكَ نَفْعَلُ بِٱلْمُجْرِمِينَ
37:34
بيشڪ اسين ڏوھارين سان اھڙي طرح ڪندا آھيون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:35
إِنَّهُمْ كَانُوٓا۟ إِذَا قِيلَ لَهُمْ لَآ إِلَـٰهَ إِلَّا ٱللَّهُ يَسْتَكْبِرُونَ
37:35
بيشڪ اُھي (اھڙا) ھوا جو جڏھن کين چئبو ھو ته الله کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق نه آھي (تڏھن) وڏائي ڪندا ھوا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:36
وَيَقُولُونَ أَئِنَّا لَتَارِكُوٓا۟ ءَالِهَتِنَا لِشَاعِرٍ مَّجْنُونٍۭ
37:36
۽ چوندا ھوا ته اسان ھڪ چريي شاعر جي (چوڻ) تي پنھنجن معبودن کي ڇڏينداسون ڇا؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:37
بَلْ جَآءَ بِٱلْحَقِّ وَصَدَّقَ ٱلْمُرْسَلِينَ
37:37
بلڪ (پيغمبر ﷴ ﷺ) سچ (يعني قرآن) آندو ۽ (سڀني) پيغمبرن کي سچو ڄاتائين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:38
إِنَّكُمْ لَذَآئِقُوا۟ ٱلْعَذَابِ ٱلْأَلِيمِ
37:38
بيشڪ اوھين ڏکوئيندڙ عذاب (جو مزو) چکڻ وارا آھيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:39
وَمَا تُجْزَوْنَ إِلَّا مَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ
37:39
۽ جيڪي ڪندا ھئو تنھن کانسواءِ (ٻيو) ڪو بدلو نه ڏبؤ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:40
إِلَّا عِبَادَ ٱللَّهِ ٱلْمُخْلَصِينَ
37:40
پر الله جا خاص ٻانھا (عذاب کان بچندا). - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:41
أُو۟لَـٰٓئِكَ لَهُمْ رِزْقٌ مَّعْلُومٌ
37:41
اُنھن لاءِ روزي مُقرّر (ٿيل) آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:42
فَوَٰكِهُ ۖ وَهُم مُّكْرَمُونَ
37:42
(قسمين) ميوا، ۽ اُھي عزت وارا آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:43
فِى جَنَّـٰتِ ٱلنَّعِيمِ
37:43
نعمت وارن باغن ۾. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:44
عَلَىٰ سُرُرٍ مُّتَقَـٰبِلِينَ
37:44
تختن تي ھڪ ٻئي جي آمھون سامھون ويٺل ھوندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:45
يُطَافُ عَلَيْهِم بِكَأْسٍ مِّن مَّعِينٍۭ
37:45
وھندڙ شراب جو پيالو مٿن پيو ڦيرائبو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:46
بَيْضَآءَ لَذَّةٍ لِّلشَّـٰرِبِينَ
37:46
جو (بلڪل) اڇو پيئندڙن لاءِ مزيدار ھوندو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:47
لَا فِيهَا غَوْلٌ وَلَا هُمْ عَنْهَا يُنزَفُونَ
37:47
نڪي منجھس مٿي جي ڦيري ھوندي ۽ نڪي اُھي کانئس نشي وارا ٿيندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:48
وَعِندَهُمْ قَـٰصِرَٰتُ ٱلطَّرْفِ عِينٌ
37:48
۽ وڏين اکين واريون ھيٺ نھاريندڙيون (زالون) وٽن ھونديون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:49
كَأَنَّهُنَّ بَيْضٌ مَّكْنُونٌ
37:49
ڄڻڪ اُھي (حورون) ڍَڪيل آنا آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:50
فَأَقْبَلَ بَعْضُهُمْ عَلَىٰ بَعْضٍ يَتَسَآءَلُونَ
37:50
پوءِ ڪي (ماڻھو) ڪن ڏانھن مھاڙ ڪري ڪري ھڪ ٻئي کان پڇڻ لڳندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:51
قَالَ قَآئِلٌ مِّنْهُمْ إِنِّى كَانَ لِى قَرِينٌ
37:51
منجھانئن ڪو چوندڙ چوندو ته بيشڪ (دنيا ۾) منھنجو ھڪ سنگتي ھو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:52
يَقُولُ أَءِنَّكَ لَمِنَ ٱلْمُصَدِّقِينَ
37:52
جو چوندو ھو ته تون (قيامت جو) مڃيندڙ ٿيو آھين ڇا؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:53
أَءِذَا مِتْنَا وَكُنَّا تُرَابًا وَعِظَـٰمًا أَءِنَّا لَمَدِينُونَ
37:53
ھا جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿينداسون (تڏھن) اسان کي بدلو ڏنو ويندو ڇا؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:54
قَالَ هَلْ أَنتُم مُّطَّلِعُونَ
37:54
(وري اُھو) چوندو ته اوھين (به دوزخين کي) ڏسو ٿا ڇا؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:55
فَٱطَّلَعَ فَرَءَاهُ فِى سَوَآءِ ٱلْجَحِيمِ
37:55
پوءِ (پاڻ) جھاتي پائيندو ته اُھو (سنگتي) دوزخ جي وچ ۾ ڏسندو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:56
قَالَ تَٱللَّهِ إِن كِدتَّ لَتُرْدِينِ
37:56
چوندو ته الله جو قسم ته تو مونکي ذري گھٽ ھلاڪ ٿي ڪيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:57
وَلَوْلَا نِعْمَةُ رَبِّى لَكُنتُ مِنَ ٱلْمُحْضَرِينَ
37:57
۽ جيڪڏھن منھنجي پالڻھار (جو مون تي) فضل نه ٿئي ھا ته بيشڪ آءٌ (به عذاب ۾) حاضر ڪيلن مان ھجان ھا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:58
أَفَمَا نَحْنُ بِمَيِّتِينَ
37:58
بيشڪ اسين نڪي (ھاڻي وري) مرڻ وارا آھيون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:59
إِلَّا مَوْتَتَنَا ٱلْأُولَىٰ وَمَا نَحْنُ بِمُعَذَّبِينَ
37:59
(اھو) رڳو اسان جو پھريون مرڻ ھو (جو ٿي چڪو) ۽ نڪي عذاب ڪيل آھيون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:60
إِنَّ هَـٰذَا لَهُوَ ٱلْفَوْزُ ٱلْعَظِيمُ
37:60
بيشڪ اِھا وڏي مراد ماڻڻ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:61
لِمِثْلِ هَـٰذَا فَلْيَعْمَلِ ٱلْعَـٰمِلُونَ
37:61
اھڙي (نعمت) لاءِ ڀلي ته عمل ڪندڙ عمل ڪن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:62
أَذَٰلِكَ خَيْرٌ نُّزُلًا أَمْ شَجَرَةُ ٱلزَّقُّومِ
37:62
ڀلا اِھا (بيان ڪيل نعمت) مھمانيءَ طور ڀلي آھي يا ٿوھر جو وڻ؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:63
إِنَّا جَعَلْنَـٰهَا فِتْنَةً لِّلظَّـٰلِمِينَ
37:63
بيشڪ اسان اِن (وڻ) کي ظالمن جي لاءِ عذاب ٺھرايو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:64
إِنَّهَا شَجَرَةٌ تَخْرُجُ فِىٓ أَصْلِ ٱلْجَحِيمِ
37:64
بيشڪ اِھو ھڪ وڻ آھي جو دوزخ جي تري ۾ پيدا ٿيندو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:65
طَلْعُهَا كَأَنَّهُۥ رُءُوسُ ٱلشَّيَـٰطِينِ
37:65
اُن جا گوشا ڄڻڪ شيطانن جون سِسيون آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:66
فَإِنَّهُمْ لَـَٔاكِلُونَ مِنْهَا فَمَالِـُٔونَ مِنْهَا ٱلْبُطُونَ
37:66
پوءِ بيشڪ دوزخي اُن مان کائيندا پوءِ منجھانئس پيٽ ڀريندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:67
ثُمَّ إِنَّ لَهُمْ عَلَيْهَا لَشَوْبًا مِّنْ حَمِيمٍ
37:67
وري اُنھن لاءِ اُن (کاڄ) تي ٽھڪندڙ پاڻيءَ جي ملاوت ھوندي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:68
ثُمَّ إِنَّ مَرْجِعَهُمْ لَإِلَى ٱلْجَحِيمِ
37:68
وري بيشڪ کائڻ پيئڻ کانپوءِ سندن موٽڻ دوزخ ڏانھن ھوندو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:69
إِنَّهُمْ أَلْفَوْا۟ ءَابَآءَهُمْ ضَآلِّينَ
37:69
بيشڪ اُنھن پنھنجن پيءُ ڏاڏن کي گمراھ ڏٺو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:70
فَهُمْ عَلَىٰٓ ءَاثَـٰرِهِمْ يُهْرَعُونَ
37:70
تنھنڪري اُھي (به) سندن پيرن تي ڊوڙن ٿا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:71
وَلَقَدْ ضَلَّ قَبْلَهُمْ أَكْثَرُ ٱلْأَوَّلِينَ
37:71
۽ بيشڪ کانئن اڳ اڳين مان گھڻا گمراھ ٿيا ھوا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:72
وَلَقَدْ أَرْسَلْنَا فِيهِم مُّنذِرِينَ
37:72
۽ بيشڪ منجھن ڊيڄاريندڙ موڪليا ھواسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:73
فَٱنظُرْ كَيْفَ كَانَ عَـٰقِبَةُ ٱلْمُنذَرِينَ
37:73
پوءِ نھار ته ڊيڄاريلن جي پڇاڙي ڪئن ٿي؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:74
إِلَّا عِبَادَ ٱللَّهِ ٱلْمُخْلَصِينَ
37:74
پر الله جا خاص ٻانھا (انھن جي پڇاڙي چڱي ٿي). - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:75
وَلَقَدْ نَادَىٰنَا نُوحٌ فَلَنِعْمَ ٱلْمُجِيبُونَ
37:75
۽ بيشڪ نوح اسان کي سڏيو پوءِ چڱا (دُعا کي) قبول ڪندڙ آھيون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:76
وَنَجَّيْنَـٰهُ وَأَهْلَهُۥ مِنَ ٱلْكَرْبِ ٱلْعَظِيمِ
37:76
۽ کيس ۽ سندس (تعلق وارن) ماڻھن کي وڏي مصيبت کان بچايوسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:77
وَجَعَلْنَا ذُرِّيَّتَهُۥ هُمُ ٱلْبَاقِينَ
37:77
۽ (فقط) سندس اولاد کي ئي باقي رھندڙ ڪيوسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:78
وَتَرَكْنَا عَلَيْهِ فِى ٱلْـَٔاخِرِينَ
37:78
۽ پوين ۾ اُن لاءِ (چڱي يادگيري) ڇڏي سون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:79
سَلَـٰمٌ عَلَىٰ نُوحٍ فِى ٱلْعَـٰلَمِينَ
37:79
ساري جَڳ ۾ نوح تي شال سلام ھجي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:80
إِنَّا كَذَٰلِكَ نَجْزِى ٱلْمُحْسِنِينَ
37:80
بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:81
إِنَّهُۥ مِنْ عِبَادِنَا ٱلْمُؤْمِنِينَ
37:81
بيشڪ اُھو اسان جي مؤمنن ٻانھن مان آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:82
ثُمَّ أَغْرَقْنَا ٱلْـَٔاخَرِينَ
37:82
وري ٻـين کي ٻوڙيوسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:83
۞ وَإِنَّ مِن شِيعَتِهِۦ لَإِبْرَٰهِيمَ
37:83
۽ بيشڪ نوح جي پيروري ڪندڙن مان ابراھيم ھو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:84
إِذْ جَآءَ رَبَّهُۥ بِقَلْبٍ سَلِيمٍ
37:84
(ياد ڪر) جڏھن (ھو) پنھنجي پالڻھار وٽ سالم دِل سان آيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:85
إِذْ قَالَ لِأَبِيهِ وَقَوْمِهِۦ مَاذَا تَعْبُدُونَ
37:85
(ياد ڪر) جڏھن پنھنجي پيءُ ۽ پنھنجي قوم کي چيائين ته اوھان ڇاکي پوڄيندا آھيو؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:86
أَئِفْكًا ءَالِهَةً دُونَ ٱللَّهِ تُرِيدُونَ
37:86
الله کانسواءِ ھٿرادو ٺھيل معبودن کي گھرو ٿا ڇا؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:87
فَمَا ظَنُّكُم بِرَبِّ ٱلْعَـٰلَمِينَ
37:87
پوءِ جھانن جي پالڻھار بابت اوھان جو ڪھڙو گُمان آھي؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:88
فَنَظَرَ نَظْرَةً فِى ٱلنُّجُومِ
37:88
پوءِ تارن ۾ ھڪ ڀيرو چتائي ڏٺائين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:89
فَقَالَ إِنِّى سَقِيمٌ
37:89
پوءِ چيائين ته آءٌ بيمار ٿيندس. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:90
فَتَوَلَّوْا۟ عَنْهُ مُدْبِرِينَ
37:90
پوءِ کانئس پُٺي ڏيئي ڦِريا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:91
فَرَاغَ إِلَىٰٓ ءَالِهَتِهِمْ فَقَالَ أَلَا تَأْكُلُونَ
37:91
پوءِ سندن معبودن ڏانھن منھن ڪيائين ته اوھين ڇونه ٿا کائو؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:92
مَا لَكُمْ لَا تَنطِقُونَ
37:92
اوھان کي ڇا (ٿيو آھي) جو نه ٿا ڳالھايو؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:93
فَرَاغَ عَلَيْهِمْ ضَرْبًۢا بِٱلْيَمِينِ
37:93
پوءِ سڄي ھٿ (يعني زور) سان مٿن ڏاڍا ڌَڪ ھڻڻ لڳو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:94
فَأَقْبَلُوٓا۟ إِلَيْهِ يَزِفُّونَ
37:94
پوءِ (قوم وارا) ڏانھس ڊوڙندا سامھون آيا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:95
قَالَ أَتَعْبُدُونَ مَا تَنْحِتُونَ
37:95
(کين) چيائين ته جنھن کي اوھين (پاڻ) گھَڙيندا آھيو تنھن کي ڇو پوڄيندا آھيو؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:96
وَٱللَّهُ خَلَقَكُمْ وَمَا تَعْمَلُونَ
37:96
ھن ھوندي جو الله اوھان کي ۽ جيڪي اوھين ڪريو ٿا تنھن کي پيدا ڪيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:97
قَالُوا۟ ٱبْنُوا۟ لَهُۥ بُنْيَـٰنًا فَأَلْقُوهُ فِى ٱلْجَحِيمِ
37:97
(ھڪ ٻئي کي) چيائون ته ابراھيم لاءِ اڏاوت اڏيو پوءِ کيس (باھ جي) آڙاھ ۾ اُڇليو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:98
فَأَرَادُوا۟ بِهِۦ كَيْدًا فَجَعَلْنَـٰهُمُ ٱلْأَسْفَلِينَ
37:98
پوءِ ساڻس فريب ڪرڻ جو ارادو ڪيائون پوءِ کين تمام زير ڪيوسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:99
وَقَالَ إِنِّى ذَاهِبٌ إِلَىٰ رَبِّى سَيَهْدِينِ
37:99
۽ ابراھيم چيو ته بيشڪ آءٌ پنھنجي پالڻھار ڏانھن وڃڻ وارو آھيان (اھو) سگھوئي مون کي واٽ ڏيکاريندو (جتي سندس رضا ھوندي). - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:100
رَبِّ هَبْ لِى مِنَ ٱلصَّـٰلِحِينَ
37:100
اي منھنجا پالڻھار صالحن مان (ڪو پُٽ) مون کي عطا ڪر. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:101
فَبَشَّرْنَـٰهُ بِغُلَـٰمٍ حَلِيمٍ
37:101
پوءِ کيس ھڪ حليمت واري نينگر جي خوشخبري ڏني سون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:102
فَلَمَّا بَلَغَ مَعَهُ ٱلسَّعْىَ قَالَ يَـٰبُنَىَّ إِنِّىٓ أَرَىٰ فِى ٱلْمَنَامِ أَنِّىٓ أَذْبَحُكَ فَٱنظُرْ مَاذَا تَرَىٰ ۚ قَالَ يَـٰٓأَبَتِ ٱفْعَلْ مَا تُؤْمَرُ ۖ سَتَجِدُنِىٓ إِن شَآءَ ٱللَّهُ مِنَ ٱلصَّـٰبِرِينَ
37:102
پوءِ جڏھن ساڻس گڏ ڊوڙڻ (واريءَ عمر) کي پھتو (تڏھن ابراھيم) چيو ته اي منھنجا پُٽڙا بيشڪ آءٌ ننڊ ۾ ڏسان ٿو ته آءٌ توکي ڪُھان ٿو پوءِ تون نظر ڪر ته تنھنجي دل ۾ ڇا ٿو اچي؟ چيائين ته اي مُنھنجا ابا جنھن ڪم جو توکي حُڪم ڏنو وڃي ٿو سو ڪر جيڪڏھن الله گھريو ته مون کي صبر ڪرڻ وارن مان لھندين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:103
فَلَمَّآ أَسْلَمَا وَتَلَّهُۥ لِلْجَبِينِ
37:103
پوءِ جڏھن ٻنھي حُڪم مڃيو ۽ ابراھيم (پنھنجي) پُٽ کي پيشانيءَ ڀر ليٽايو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:104
وَنَـٰدَيْنَـٰهُ أَن يَـٰٓإِبْرَٰهِيمُ
37:104
۽ کيس سڏيوسون ته اي ابراھيم. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:105
قَدْ صَدَّقْتَ ٱلرُّءْيَآ ۚ إِنَّا كَذَٰلِكَ نَجْزِى ٱلْمُحْسِنِينَ
37:105
بيشڪ تو خواب کي سچو ڪيو، بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:106
إِنَّ هَـٰذَا لَهُوَ ٱلْبَلَـٰٓؤُا۟ ٱلْمُبِينُ
37:106
بيشڪ اِھا پڌري پرک آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:107
وَفَدَيْنَـٰهُ بِذِبْحٍ عَظِيمٍ
37:107
۽ ذُبح جي وڏي جانور سان اُن جو عوض ڏنوسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:108
وَتَرَكْنَا عَلَيْهِ فِى ٱلْـَٔاخِرِينَ
37:108
۽ پوين ۾ (چڱي ساراھ) اُن لاءِ ڇڏي سون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:109
سَلَـٰمٌ عَلَىٰٓ إِبْرَٰهِيمَ
37:109
ابراھيم تي شال سلام ھجي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:110
كَذَٰلِكَ نَجْزِى ٱلْمُحْسِنِينَ
37:110
ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:111
إِنَّهُۥ مِنْ عِبَادِنَا ٱلْمُؤْمِنِينَ
37:111
بيشڪ اُھو اسان جي مؤمنن ٻانھن مان آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:112
وَبَشَّرْنَـٰهُ بِإِسْحَـٰقَ نَبِيًّا مِّنَ ٱلصَّـٰلِحِينَ
37:112
۽ کيس اسحٰق جي خوشخبري ڏني سون جو صالحن مان ھڪڙو نبي آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:113
وَبَـٰرَكْنَا عَلَيْهِ وَعَلَىٰٓ إِسْحَـٰقَ ۚ وَمِن ذُرِّيَّتِهِمَا مُحْسِنٌ وَظَالِمٌ لِّنَفْسِهِۦ مُبِينٌ
37:113
۽ ابراھيم تي ۽ اسحٰق تي برڪت نازل ڪئي سون، ۽ ٻنھي جي اولاد مان ڪي چڱا آھن ۽ ڪي پاڻ تي پڌرو ظلم ڪندڙ آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:114
وَلَقَدْ مَنَنَّا عَلَىٰ مُوسَىٰ وَهَـٰرُونَ
37:114
۽ بيشڪ موسىٰ ۽ ھارون تي احسان ڪيوسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:115
وَنَجَّيْنَـٰهُمَا وَقَوْمَهُمَا مِنَ ٱلْكَرْبِ ٱلْعَظِيمِ
37:115
۽ کين ۽ سندن قوم کي وڏي سختيءَ کان بچايوسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:116
وَنَصَرْنَـٰهُمْ فَكَانُوا۟ هُمُ ٱلْغَـٰلِبِينَ
37:116
۽ کين مدد ڏني سون پوءِ اُھي غالب رھيا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:117
وَءَاتَيْنَـٰهُمَا ٱلْكِتَـٰبَ ٱلْمُسْتَبِينَ
37:117
۽ کين پڌرو ڪتاب ڏنوسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:118
وَهَدَيْنَـٰهُمَا ٱلصِّرَٰطَ ٱلْمُسْتَقِيمَ
37:118
۽ کين سِڌي رستي لاتوسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:119
وَتَرَكْنَا عَلَيْهِمَا فِى ٱلْـَٔاخِرِينَ
37:119
۽ پوين ۾ (چڱي ساراھ) انھن لاءِ ڇڏي سون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:120
سَلَـٰمٌ عَلَىٰ مُوسَىٰ وَهَـٰرُونَ
37:120
مُوسىٰ ۽ ھارون تي شال سلام ھجي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:121
إِنَّا كَذَٰلِكَ نَجْزِى ٱلْمُحْسِنِينَ
37:121
بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙيءَ طرح بدلو ڏيندا آھيون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:122
إِنَّهُمَا مِنْ عِبَادِنَا ٱلْمُؤْمِنِينَ
37:122
بيشڪ اُھي (ٻئي) اسان جي مؤمن ٻانھن مان آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:123
وَإِنَّ إِلْيَاسَ لَمِنَ ٱلْمُرْسَلِينَ
37:123
۽ بيشڪ الياس پيغمبرن مان ھو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:124
إِذْ قَالَ لِقَوْمِهِۦٓ أَلَا تَتَّقُونَ
37:124
جڏھن پنھنجي قوم کي چيائين ته (الله کان) ڇونه ڊڄندا آھيو؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:125
أَتَدْعُونَ بَعْلًا وَتَذَرُونَ أَحْسَنَ ٱلْخَـٰلِقِينَ
37:125
ڇو بَعل کي پوڄيندا آھيو ۽ تمام چڱي خلقيندڙ کي ڇڏيندا آھيو؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:126
ٱللَّهَ رَبَّكُمْ وَرَبَّ ءَابَآئِكُمُ ٱلْأَوَّلِينَ
37:126
(جو) الله اوھان جو پالڻھار ۽ اوھان جي اڳين پِين ڏاڏن جو پالڻھار آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:127
فَكَذَّبُوهُ فَإِنَّهُمْ لَمُحْضَرُونَ
37:127
پوءِ کيس ڪوڙو ڀانيائون تنھنڪري اُھي بيشڪ (دوزخ ۾) حاضر ڪيل آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:128
إِلَّا عِبَادَ ٱللَّهِ ٱلْمُخْلَصِينَ
37:128
پر الله جا خاص ٻانھا (ڇٽل آھن). - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:129
وَتَرَكْنَا عَلَيْهِ فِى ٱلْـَٔاخِرِينَ
37:129
۽ پوين ۾ (چڱي ساراھ) اُن لاءِ ڇڏي سون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:130
سَلَـٰمٌ عَلَىٰٓ إِلْ يَاسِينَ
37:130
الياس تي شال سلام ھجي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:131
إِنَّا كَذَٰلِكَ نَجْزِى ٱلْمُحْسِنِينَ
37:131
بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:132
إِنَّهُۥ مِنْ عِبَادِنَا ٱلْمُؤْمِنِينَ
37:132
بيشڪ اُھو اسان جي مؤمن ٻانھن مان آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:133
وَإِنَّ لُوطًا لَّمِنَ ٱلْمُرْسَلِينَ
37:133
۽ بيشڪ لُوط پيغمبرن مان ھو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:134
إِذْ نَجَّيْنَـٰهُ وَأَهْلَهُۥٓ أَجْمَعِينَ
37:134
(ياد ڪر) جڏھن اُن کي ۽ سندس مڙني گھر وارن کي بچايوسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:135
إِلَّا عَجُوزًا فِى ٱلْغَـٰبِرِينَ
37:135
سواءِ ھڪڙي ڪراڙي زال جي جا پُٺ تي رھندڙن مان ٿي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:136
ثُمَّ دَمَّرْنَا ٱلْـَٔاخَرِينَ
37:136
وري (ھنن) ٻـين کي ھلاڪ ڪيوسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:137
وَإِنَّكُمْ لَتَمُرُّونَ عَلَيْهِم مُّصْبِحِينَ
37:137
۽ بيشڪ اوھين انھن (جي ڳوٺن) وٽان صبح جو لنگھندا آھيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:138
وَبِٱلَّيْلِ ۗ أَفَلَا تَعْقِلُونَ
37:138
۽ رات جو (به) پوءِ ڇونه سمجھندا آھيو؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:139
وَإِنَّ يُونُسَ لَمِنَ ٱلْمُرْسَلِينَ
37:139
۽ بيشڪ يُونس پيغمبرن مان ھو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:140
إِذْ أَبَقَ إِلَى ٱلْفُلْكِ ٱلْمَشْحُونِ
37:140
جڏھن (ھو) ڀريل ٻيڙيءَ ڏانھن ڀڳو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:141
فَسَاهَمَ فَكَانَ مِنَ ٱلْمُدْحَضِينَ
37:141
پوءِ (ٻيڙي وارن سان) پُکو وڌائين ته (پاڻ) پُکي پيلن مان ٿيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:142
فَٱلْتَقَمَهُ ٱلْحُوتُ وَهُوَ مُلِيمٌ
37:142
پوءِ کيس مڇي ڳھي وئي ۽ اُھو (اھڙو ڪم ڪندڙ ھو جو) ملامت جو لائق ھو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:143
فَلَوْلَآ أَنَّهُۥ كَانَ مِنَ ٱلْمُسَبِّحِينَ
37:143
پوءِ اُھو جيڪڏھن تسبيح چوندڙن مان نه ھجي ھا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:144
لَلَبِثَ فِى بَطْنِهِۦٓ إِلَىٰ يَوْمِ يُبْعَثُونَ
37:144
ته اُنھي ڏينھن تائين جنھن ۾ (ماڻھو) اُٿارجن اُن جي پيٽ ۾ رھي ھا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:145
۞ فَنَبَذْنَـٰهُ بِٱلْعَرَآءِ وَهُوَ سَقِيمٌ
37:145
پوءِ کيس صاف پَٽ ۾ اُڇليوسون ۽ اُھو بيمار ھو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:146
وَأَنۢبَتْنَا عَلَيْهِ شَجَرَةً مِّن يَقْطِينٍ
37:146
۽ مٿس وڻ ڪدوءَ (جي قِسم) مان ڄمايوسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:147
وَأَرْسَلْنَـٰهُ إِلَىٰ مِا۟ئَةِ أَلْفٍ أَوْ يَزِيدُونَ
37:147
۽ کيس (ھڪ) لک يا (اُن کان) وڌيڪ (ماڻھن) ڏانھن موڪليوسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:148
فَـَٔامَنُوا۟ فَمَتَّعْنَـٰهُمْ إِلَىٰ حِينٍ
37:148
پوءِ انھن ايمان آندو پوءِ ھڪ وقت تائين کين فائدو ڏنوسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:149
فَٱسْتَفْتِهِمْ أَلِرَبِّكَ ٱلْبَنَاتُ وَلَهُمُ ٱلْبَنُونَ
37:149
پوءِ (اي پيغمبر) اُنھن (يعني مشرڪن) کان پُڇ ته تنھنجي پالڻھار کي ڌيئر آھن ڇا يا کيس پُٽ آھنئ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:150
أَمْ خَلَقْنَا ٱلْمَلَـٰٓئِكَةَ إِنَـٰثًا وَهُمْ شَـٰهِدُونَ
37:150
يا ملائڪن کي زالون بڻايوسون ۽ اُھي (اُن وقت) حاضر ھوا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:151
أَلَآ إِنَّهُم مِّنْ إِفْكِهِمْ لَيَقُولُونَ
37:151
خبردار ھُجو (ته) بيشڪ اُھي پنھنجي (ھٿرادو ٺھيل) ڪوڙ مان چوندا آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:152
وَلَدَ ٱللَّهُ وَإِنَّهُمْ لَكَـٰذِبُونَ
37:152
ته الله (اولاد کي) ڄڻيو آھي ۽ اُھي ڪوڙا آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:153
أَصْطَفَى ٱلْبَنَاتِ عَلَى ٱلْبَنِينَ
37:153
پٽن کان ڌيئر پسند ڪيائين ڇا؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:154
مَا لَكُمْ كَيْفَ تَحْكُمُونَ
37:154
اوھان کي ڇا ٿيو آھي، ڪيئن نبيرو ڪندا آھيو؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:155
أَفَلَا تَذَكَّرُونَ
37:155
(اوھين) ڇونه ڌيان ڪندا آھيو؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:156
أَمْ لَكُمْ سُلْطَـٰنٌ مُّبِينٌ
37:156
يا اوھان کي ڪا پڌري حُجّت آھي؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:157
فَأْتُوا۟ بِكِتَـٰبِكُمْ إِن كُنتُمْ صَـٰدِقِينَ
37:157
جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته پنھنجو ڪتاب آڻيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:158
وَجَعَلُوا۟ بَيْنَهُۥ وَبَيْنَ ٱلْجِنَّةِ نَسَبًا ۚ وَلَقَدْ عَلِمَتِ ٱلْجِنَّةُ إِنَّهُمْ لَمُحْضَرُونَ
37:158
۽ (ڪافرن) الله ۽ جِنن جي وچ ۾ مائٽي مُقرر ڪئي، ۽ بيشڪ جِنن ڄاتو آھي ته اُھي (قيامت ۾ حساب لاءِ) حاضر ڪيا ويندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:159
سُبْحَـٰنَ ٱللَّهِ عَمَّا يَصِفُونَ
37:159
(ڪافر) جيڪي بيان ڪندا آھن تنھن کان الله پاڪ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:160
إِلَّا عِبَادَ ٱللَّهِ ٱلْمُخْلَصِينَ
37:160
پر الله جا خاص ٻانھا (انھن جو چوڻ سچو آھي). - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:161
فَإِنَّكُمْ وَمَا تَعْبُدُونَ
37:161
پوءِ (اي ڪافرؤ) بيشڪ اوھين ۽ جن (بتن) کي پوڄيندا آھيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:162
مَآ أَنتُمْ عَلَيْهِ بِفَـٰتِنِينَ
37:162
اوھين (سڀئي) اُن (يعني ڪوڙن معبُودن جي عبادت) لاءِ گمراھ ڪرڻ وارا نه آھيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:163
إِلَّا مَنْ هُوَ صَالِ ٱلْجَحِيمِ
37:163
پر اُنھن کي جيڪو (پاڻ) دوزخ ۾ گھڙڻ وارو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:164
وَمَا مِنَّآ إِلَّا لَهُۥ مَقَامٌ مَّعْلُومٌ
37:164
۽ (ملائڪ چوندا آھن ته) اسان مان اھڙو آھي ئي ڪونه جنھن لاءِ (عبادت جي) ھڪ جاءِ ٺھرايل نه آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:165
وَإِنَّا لَنَحْنُ ٱلصَّآفُّونَ
37:165
۽ بيشڪ اسين صِف ٻَڌڻ وارا آھيون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:166
وَإِنَّا لَنَحْنُ ٱلْمُسَبِّحُونَ
37:166
۽ بيشڪ اسين تسبيح چوڻ وارا آھيون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:167
وَإِن كَانُوا۟ لَيَقُولُونَ
37:167
۽ بيشڪ (عرب جا ڪافر) چوندا ھوا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:168
لَوْ أَنَّ عِندَنَا ذِكْرًا مِّنَ ٱلْأَوَّلِينَ
37:168
ته جيڪڏھن اسان وٽ پھرين جو احوال ھجي ھا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:169
لَكُنَّا عِبَادَ ٱللَّهِ ٱلْمُخْلَصِينَ
37:169
ته ضرور الله جا خاص ٻانھا ٿيون ھا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:170
فَكَفَرُوا۟ بِهِۦ ۖ فَسَوْفَ يَعْلَمُونَ
37:170
وري اُن (يعني قرآن) جا مُنڪر ٿيا پوءِ سِگھوئي (ڪفر جي پڄاڻي) ڄاڻندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:171
وَلَقَدْ سَبَقَتْ كَلِمَتُنَا لِعِبَادِنَا ٱلْمُرْسَلِينَ
37:171
۽ بيشڪ پنھنجن ٻانھن پيغمبرن لاءِ اسان جو وعدو اڳي ئي ٿي چڪو.. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:172
إِنَّهُمْ لَهُمُ ٱلْمَنصُورُونَ
37:172
ته بيشڪ اُھي (اسان جا پيغمبر) ئي فتح مند آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:173
وَإِنَّ جُندَنَا لَهُمُ ٱلْغَـٰلِبُونَ
37:173
۽ بيشڪ اسان جو لشڪر ئي غالب آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:174
فَتَوَلَّ عَنْهُمْ حَتَّىٰ حِينٍ
37:174
پوءِ کانئن ھڪ وقت تائين منھن موڙ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:175
وَأَبْصِرْهُمْ فَسَوْفَ يُبْصِرُونَ
37:175
۽ کين ڏسندو رھ پوءِ اُھي به سگھوئي ڏسندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:176
أَفَبِعَذَابِنَا يَسْتَعْجِلُونَ
37:176
(ھي ڪافر) اسان جو عذاب جلد گھرندا آھن ڇا؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:177
فَإِذَا نَزَلَ بِسَاحَتِهِمْ فَسَآءَ صَبَاحُ ٱلْمُنذَرِينَ
37:177
پوءِ جڏھن سندن (گھرن جي) اڱڻن ۾ (عذاب) لھندو تڏھن ڊيڄاريلن جو صُبح بڇڙو ٿيندو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:178
وَتَوَلَّ عَنْهُمْ حَتَّىٰ حِينٍ
37:178
۽ کانئن ھڪ وقت تائين مُنھن موڙ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:179
وَأَبْصِرْ فَسَوْفَ يُبْصِرُونَ
37:179
۽ ڏسندو رھ پوءِ اُھي به سگھوئي (نتيجو) ڏسندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:180
سُبْحَـٰنَ رَبِّكَ رَبِّ ٱلْعِزَّةِ عَمَّا يَصِفُونَ
37:180
تنھنجو پالڻھار پاڪ آھي جيڪي (اِھي ڪافر) بيان ڪندا آھن تنھن کان (اُھو) عزّت وارو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:181
وَسَلَـٰمٌ عَلَى ٱلْمُرْسَلِينَ
37:181
۽ (الله جي) پيغمبرن تي شال سَلام ھجي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
37:182
وَٱلْحَمْدُ لِلَّهِ رَبِّ ٱلْعَـٰلَمِينَ
37:182
۽ جھانن جي پالڻھار الله کي ئي سڀ ساراھ جڳائيندي آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)