Selected

Original Text
Taj Mehmood Amroti

Available Translations

78 An-Naba' ٱلنَّبَأ

< Previous   40 Āyah   The Tidings      Next >  

بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ
In the name of Allah, Most Gracious, Most Merciful.

78:1 عَمَّ يَتَسَآءَلُونَ
78:1 ڪھڙيءَ ڳالھ بابت ھڪ ٻئي کان پڇن ٿا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

78:2 عَنِ ٱلنَّبَإِ ٱلْعَظِيمِ
78:2 (ھائو!) ھڪڙي اھڙي وڏي واقعي بابت. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

78:3 ٱلَّذِى هُمْ فِيهِ مُخْتَلِفُونَ
78:3 جنھن (جي ٿيڻ) ۾ اُھي (پاڻ ۾) مختلف آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

78:4 كَلَّا سَيَعْلَمُونَ
78:4 ائين (سندن خيالن وانگر) نه آھي سگھوئي ڄاڻندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

78:5 ثُمَّ كَلَّا سَيَعْلَمُونَ
78:5 وري (به چئون ٿا) ته ائين نه آھي سگھوئي ڄاڻندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

78:6 أَلَمْ نَجْعَلِ ٱلْأَرْضَ مِهَـٰدًا
78:6 زمين کي وڇاڻو نه ڪيو اٿون ڇا؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

78:7 وَٱلْجِبَالَ أَوْتَادًا
78:7 ۽ جبلن کي ميخون؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

78:8 وَخَلَقْنَـٰكُمْ أَزْوَٰجًا
78:8 ۽ اوھان کي جوڙو جوڙو (نر ۽ مادي) بڻايوسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

78:9 وَجَعَلْنَا نَوْمَكُمْ سُبَاتًا
78:9 ۽ اوھان جي ننڊ کي فرحت بڻايوسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

78:10 وَجَعَلْنَا ٱلَّيْلَ لِبَاسًا
78:10 ۽ رات کي ڍَڪ ڪيوسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

78:11 وَجَعَلْنَا ٱلنَّهَارَ مَعَاشًا
78:11 ۽ ڏينھن کي گذران (جو وقت) ڪيوسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

78:12 وَبَنَيْنَا فَوْقَكُمْ سَبْعًا شِدَادًا
78:12 ۽ اوھان جي مٿون ست مُحڪم (آسمان) بڻاياسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

78:13 وَجَعَلْنَا سِرَاجًا وَهَّاجًا
78:13 ۽ ھڪ چمڪندڙ ڏيئو (سج) بڻايوسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

78:14 وَأَنزَلْنَا مِنَ ٱلْمُعْصِرَٰتِ مَآءً ثَجَّاجًا
78:14 ۽ ڪڪرن مان پلٽندڙ پاڻي وسايوسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

78:15 لِّنُخْرِجَ بِهِۦ حَبًّا وَنَبَاتًا
78:15 ته اُن سان اَن ۽ سَلا ڄمايون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

78:16 وَجَنَّـٰتٍ أَلْفَافًا
78:16 ۽ گھاٽاباغ (به). - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

78:17 إِنَّ يَوْمَ ٱلْفَصْلِ كَانَ مِيقَـٰتًا
78:17 بيشڪ فيصلي جو ڏينھن ھڪ مقرر مھل آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

78:18 يَوْمَ يُنفَخُ فِى ٱلصُّورِ فَتَأْتُونَ أَفْوَاجًا
78:18 جنھن ڏينھن صُور ۾ ڦوڪبو ته اوھين ٽوليون ٽوليون ٿي ايندؤ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

78:19 وَفُتِحَتِ ٱلسَّمَآءُ فَكَانَتْ أَبْوَٰبًا
78:19 ۽ آسمان کولبو پوءِ دروازا ٿي پوندو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

78:20 وَسُيِّرَتِ ٱلْجِبَالُ فَكَانَتْ سَرَابًا
78:20 ۽ جبل ھلائبا پوءِ رُڃ وانگر ٿيندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

78:21 إِنَّ جَهَنَّمَ كَانَتْ مِرْصَادًا
78:21 بيشڪ دوزخ انتظار ڪڍڻ وارو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

78:22 لِّلطَّـٰغِينَ مَـَٔابًا
78:22 جو ھٺيلن جو رھڻ جو ھنڌ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

78:23 لَّـٰبِثِينَ فِيهَآ أَحْقَابًا
78:23 منجھس ڪيئي ڊگھيون مُدتون رھندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

78:24 لَّا يَذُوقُونَ فِيهَا بَرْدًا وَلَا شَرَابًا
78:24 اُن ۾ نڪا ٿڌائي ۽ نڪا پيڻ جي شيءِ چکندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

78:25 إِلَّا حَمِيمًا وَغَسَّاقًا
78:25 تتي پاڻي ۽ روڳ کانسواءِ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

78:26 جَزَآءً وِفَاقًا
78:26 (اھو سندن) پورو پورو بدلو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

78:27 إِنَّهُمْ كَانُوا۟ لَا يَرْجُونَ حِسَابًا
78:27 ڇوته اُھي حساب ڏيڻ جي اُميد نه رکندا ھوا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

78:28 وَكَذَّبُوا۟ بِـَٔايَـٰتِنَا كِذَّابًا
78:28 ۽ اسان جي حُڪمن کي بلڪل ڪوڙ ڀائيندا ھوا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

78:29 وَكُلَّ شَىْءٍ أَحْصَيْنَـٰهُ كِتَـٰبًا
78:29 ۽ سڀ شيءِ کي لکي ڳڻي ڇڏيو اٿون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

78:30 فَذُوقُوا۟ فَلَن نَّزِيدَكُمْ إِلَّا عَذَابًا
78:30 پوءِ (چئبن ته مزو) چکو جو عذاب کانسواءِ اوھان تي (ٻيو) ڪي (به) نه وڌائينداسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

78:31 إِنَّ لِلْمُتَّقِينَ مَفَازًا
78:31 بيشڪ پرھيزگارن لاءِ ڪاميابي آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

78:32 حَدَآئِقَ وَأَعْنَـٰبًا
78:32 جو باغ ۽ ڊاکون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

78:33 وَكَوَاعِبَ أَتْرَابًا
78:33 ۽ ھم عمر نوجوان زالون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

78:34 وَكَأْسًا دِهَاقًا
78:34 ۽ شراب جا ڇلڪندڙ پيالا (به). - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

78:35 لَّا يَسْمَعُونَ فِيهَا لَغْوًا وَلَا كِذَّٰبًا
78:35 اتي نڪا اجائي بڪ ۽ نڪو ڪوڙ ٻڌندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

78:36 جَزَآءً مِّن رَّبِّكَ عَطَآءً حِسَابًا
78:36 (اھو پورو) بدلو تنھنجي پالڻھار کان (انعام) عطا ڪيل حساب روءِ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

78:37 رَّبِّ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا ٱلرَّحْمَـٰنِ ۖ لَا يَمْلِكُونَ مِنْهُ خِطَابًا
78:37 جو آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي ٻنھي جي وچ ۾ آھي تن جو پالڻھار ٻاجھارو آھي اُن (جي ھيبت) کان ڪوبه ورندي ڏئي نه سگھندو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

78:38 يَوْمَ يَقُومُ ٱلرُّوحُ وَٱلْمَلَـٰٓئِكَةُ صَفًّا ۖ لَّا يَتَكَلَّمُونَ إِلَّا مَنْ أَذِنَ لَهُ ٱلرَّحْمَـٰنُ وَقَالَ صَوَابًا
78:38 جنھن ڏينھن روح ۽ (سڀئي) ملائڪ صفون ٻڌي بيھندا (تنھن ڏينھن) جنھن کي ٻاجھاري (الله) موڪل ڏني ھوندي ۽ پوري ڳالھ ڳالھائي ھوندائين تنھن کانسواءِ (ٻيو ڪي به) نه ڳالھائيندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

78:39 ذَٰلِكَ ٱلْيَوْمُ ٱلْحَقُّ ۖ فَمَن شَآءَ ٱتَّخَذَ إِلَىٰ رَبِّهِۦ مَـَٔابًا
78:39 اِھو ڏينھن سچ پچ (ٿيڻو) آھي، تنھنڪري جيڪو گھري سو پنھنجي پالڻھار ڏانھن (پنھنجي) رھڻ جو ھنڌ ٺاھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

78:40 إِنَّآ أَنذَرْنَـٰكُمْ عَذَابًا قَرِيبًا يَوْمَ يَنظُرُ ٱلْمَرْءُ مَا قَدَّمَتْ يَدَاهُ وَيَقُولُ ٱلْكَافِرُ يَـٰلَيْتَنِى كُنتُ تُرَٰبًۢا
78:40 بيشڪ اسان اوھان کي ويجھي عذاب (اچڻ) کان ڊيڄاري چڪاسون، جنھن ڏينھن آدمي اُھو ڏسندو جيڪي سندس ٻنھي ھٿن اڳي ڪري موڪليو ۽ ڪافر چوندو ته ھاءِ ارمان جيڪر آءٌ مٽي ھجان ھا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)