Selected
Original Text
Taj Mehmood Amroti
Abdullah Yusuf Ali
Abdul Majid Daryabadi
Abul Ala Maududi
Ahmed Ali
Ahmed Raza Khan
A. J. Arberry
Ali Quli Qarai
Hasan al-Fatih Qaribullah and Ahmad Darwish
Mohammad Habib Shakir
Mohammed Marmaduke William Pickthall
Muhammad Sarwar
Muhammad Taqi-ud-Din al-Hilali and Muhammad Muhsin Khan
Safi-ur-Rahman al-Mubarakpuri
Saheeh International
Talal Itani
Transliteration
Wahiduddin Khan
بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ
In the name of Allah, Most Gracious, Most Merciful.
56:1
إِذَا وَقَعَتِ ٱلْوَاقِعَةُ
56:1
جڏھن قيامت ايندي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:2
لَيْسَ لِوَقْعَتِهَا كَاذِبَةٌ
56:2
جنھنجي اچڻ ۾ ڪو ڪوڙ نه آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:3
خَافِضَةٌ رَّافِعَةٌ
56:3
ڪن کي جھڪي ڪرڻ واري ۽ ڪن کي مٿاھين ڪرڻ واري. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:4
إِذَا رُجَّتِ ٱلْأَرْضُ رَجًّا
56:4
جڏھن زمين سخت ڌوڏبي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:5
وَبُسَّتِ ٱلْجِبَالُ بَسًّا
56:5
۽ جبل پوري طرح ڀڃي پڻي ڪيا ويندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:6
فَكَانَتْ هَبَآءً مُّنۢبَثًّا
56:6
پوءِ اُڏاريل دُز وانگر ٿيندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:7
وَكُنتُمْ أَزْوَٰجًا ثَلَـٰثَةً
56:7
۽ اوھين تڏھن ٽي ٽوليون ٿيندؤ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:8
فَأَصْحَـٰبُ ٱلْمَيْمَنَةِ مَآ أَصْحَـٰبُ ٱلْمَيْمَنَةِ
56:8
پوءِ سڄي پاسي وارا، سڄي پاسي وارا ڪھڙا ته چڱا ھوندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:9
وَأَصْحَـٰبُ ٱلْمَشْـَٔمَةِ مَآ أَصْحَـٰبُ ٱلْمَشْـَٔمَةِ
56:9
۽ کٻي پاسي وارا، کٻي پاسي وارا ڪھڙا (ته) بدحال ھوندا؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:10
وَٱلسَّـٰبِقُونَ ٱلسَّـٰبِقُونَ
56:10
۽ (چڱاين ۾) اڳرائي ڪرڻ وارا اڳي ٿيڻ وارا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:11
أُو۟لَـٰٓئِكَ ٱلْمُقَرَّبُونَ
56:11
اھي (ئي) مقرب آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:12
فِى جَنَّـٰتِ ٱلنَّعِيمِ
56:12
نعمتن وارن باغن ۾ ھوندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:13
ثُلَّةٌ مِّنَ ٱلْأَوَّلِينَ
56:13
گھڻا پھرين مان. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:14
وَقَلِيلٌ مِّنَ ٱلْـَٔاخِرِينَ
56:14
۽ ٿورا پوين مان. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:15
عَلَىٰ سُرُرٍ مَّوْضُونَةٍ
56:15
(سون سان) اُڻيل تخت تي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:16
مُّتَّكِـِٔينَ عَلَيْهَا مُتَقَـٰبِلِينَ
56:16
ھڪ ٻئي جي آمھون سامھون ٿي مٿن ٽيڪ ڏئي ويٺل ھوندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:17
يَطُوفُ عَلَيْهِمْ وِلْدَٰنٌ مُّخَلَّدُونَ
56:17
ھميشه رھڻ وارا نينگر وٽن پيا ايندا ويندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:18
بِأَكْوَابٍ وَأَبَارِيقَ وَكَأْسٍ مِّن مَّعِينٍ
56:18
آبخورن ۽ ڪوزن سان ۽ وھندڙ شراب مان (ڀريل) پيالا (آڻيندن). - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:19
لَّا يُصَدَّعُونَ عَنْهَا وَلَا يُنزِفُونَ
56:19
(اھڙو صاف) جنھن کان نڪي مٿي ۾ سور پوندن ۽ نڪي بيھوش ھوندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:20
وَفَـٰكِهَةٍ مِّمَّا يَتَخَيَّرُونَ
56:20
۽ (پڻ ھر جنس جو) ميوو جتان وڻندن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:21
وَلَحْمِ طَيْرٍ مِّمَّا يَشْتَهُونَ
56:21
۽ پکين جو گوشت جنھن قسم مان (پيو) گھرين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:22
وَحُورٌ عِينٌ
56:22
۽ وڏين اکين وارون حورون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:23
كَأَمْثَـٰلِ ٱللُّؤْلُؤِ ٱلْمَكْنُونِ
56:23
(ڄڻڪ) ڍڪيل موتين جھڙيون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:24
جَزَآءًۢ بِمَا كَانُوا۟ يَعْمَلُونَ
56:24
جيڪي ڪمايو ھوائون تنھنجي بدلي ۾. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:25
لَا يَسْمَعُونَ فِيهَا لَغْوًا وَلَا تَأْثِيمًا
56:25
اتي نڪا اجائي بَڪ نڪا گناھ جھڙي ڳالھ ٻڌندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:26
إِلَّا قِيلًا سَلَـٰمًا سَلَـٰمًا
56:26
پر ھر ڪو سلام سلام پيو چوندو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:27
وَأَصْحَـٰبُ ٱلْيَمِينِ مَآ أَصْحَـٰبُ ٱلْيَمِينِ
56:27
۽ سڄي پاسي وارا، سڄي پاسي وارا ڪھڙي حال ھوندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:28
فِى سِدْرٍ مَّخْضُودٍ
56:28
لاسڙين ٻيرين ۾. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:29
وَطَلْحٍ مَّنضُودٍ
56:29
۽ ڀريل ڦردار ڪيوڙن ۾. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:30
وَظِلٍّ مَّمْدُودٍ
56:30
۽ ڊگھن پاڇن ۾. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:31
وَمَآءٍ مَّسْكُوبٍ
56:31
۽ (ھيٺ) ڪرندڙ پاڻي ۾. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:32
وَفَـٰكِهَةٍ كَثِيرَةٍ
56:32
۽ گھڻن ميون ۾. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:33
لَّا مَقْطُوعَةٍ وَلَا مَمْنُوعَةٍ
56:33
نڪي کُٽندا ۽ نڪي (کائن) جھلبا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:34
وَفُرُشٍ مَّرْفُوعَةٍ
56:34
۽ اُچا وڇاڻا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:35
إِنَّآ أَنشَأْنَـٰهُنَّ إِنشَآءً
56:35
بيشڪ اسان حورن کي ھڪ نموني تي پيدا ڪيو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:36
فَجَعَلْنَـٰهُنَّ أَبْكَارًا
56:36
پوءِ کين ڪنواريون بڻايوسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:37
عُرُبًا أَتْرَابًا
56:37
مڙسن کي وڻندڙ ھڪ جيڏيون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:38
لِّأَصْحَـٰبِ ٱلْيَمِينِ
56:38
سڄي پاسي وارن لاءِ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:39
ثُلَّةٌ مِّنَ ٱلْأَوَّلِينَ
56:39
گھڻي جماعت پھرين مان آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:40
وَثُلَّةٌ مِّنَ ٱلْـَٔاخِرِينَ
56:40
۽ گھڻي جماعت پوين مان آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:41
وَأَصْحَـٰبُ ٱلشِّمَالِ مَآ أَصْحَـٰبُ ٱلشِّمَالِ
56:41
۽ کٻي پاسي وارا، کٻي پاسي وارا ڪھڙا بدحال ھوندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:42
فِى سَمُومٍ وَحَمِيمٍ
56:42
ڪوسي جھولي ۽ تَتي پاڻيءَ ۾ ھوندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:43
وَظِلٍّ مِّن يَحْمُومٍ
56:43
۽ ڪاري دونھين جي پاڇي ۾ ھوندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:44
لَّا بَارِدٍ وَلَا كَرِيمٍ
56:44
جو نڪي ٿڌو ھوندو ۽ نڪي سھائيندڙ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:45
إِنَّهُمْ كَانُوا۟ قَبْلَ ذَٰلِكَ مُتْرَفِينَ
56:45
بيشڪ اُھي ھن کان اڳ (دُنيا ۾) سُک ۾ پيل ھوا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:46
وَكَانُوا۟ يُصِرُّونَ عَلَى ٱلْحِنثِ ٱلْعَظِيمِ
56:46
۽ وڏي گناھ (شرڪ) تي ضد ڪندا ھوا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:47
وَكَانُوا۟ يَقُولُونَ أَئِذَا مِتْنَا وَكُنَّا تُرَابًا وَعِظَـٰمًا أَءِنَّا لَمَبْعُوثُونَ
56:47
۽ چوندا ھوا ته، جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿينداسون (تڏھن) اسين وري (قبرن مان) اُٿاريا وينداسون ڇا؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:48
أَوَءَابَآؤُنَا ٱلْأَوَّلُونَ
56:48
يا اسان جا پھريان پيءُ ڏاڏا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:49
قُلْ إِنَّ ٱلْأَوَّلِينَ وَٱلْـَٔاخِرِينَ
56:49
(اي پيغمبر) چؤ ته بيشڪ اڳيان ۽ پويان. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:50
لَمَجْمُوعُونَ إِلَىٰ مِيقَـٰتِ يَوْمٍ مَّعْلُومٍ
56:50
ھڪ مقرّر ڪيل ڏينھن جي وقت تي ضرور گڏ ڪيا ويندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:51
ثُمَّ إِنَّكُمْ أَيُّهَا ٱلضَّآلُّونَ ٱلْمُكَذِّبُونَ
56:51
وري بيشڪ اوھين اي گمراھو ڪوڙ ڀائيندڙؤ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:52
لَـَٔاكِلُونَ مِن شَجَرٍ مِّن زَقُّومٍ
56:52
ضرور اوھين ٿوھر جي وڻ مان کائيندؤ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:53
فَمَالِـُٔونَ مِنْهَا ٱلْبُطُونَ
56:53
پوءِ منجھانئس پيٽن کي ڀريندؤ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:54
فَشَـٰرِبُونَ عَلَيْهِ مِنَ ٱلْحَمِيمِ
56:54
پوءِ مٿانئس تَتل پاڻيءَ مان پيئندؤ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:55
فَشَـٰرِبُونَ شُرْبَ ٱلْهِيمِ
56:55
پوءِ اُڃايل اُٺن جي پيئڻ وانگر پيئندؤ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:56
هَـٰذَا نُزُلُهُمْ يَوْمَ ٱلدِّينِ
56:56
قيامت جي ڏينھن اِھا سندن مھماني آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:57
نَحْنُ خَلَقْنَـٰكُمْ فَلَوْلَا تُصَدِّقُونَ
56:57
اسان اوھان کي پيدا ڪيو پوءِ (وري جيارڻ کي) ڇونه سچ ڀائيندا آھيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:58
أَفَرَءَيْتُم مَّا تُمْنُونَ
56:58
ڀلا ڏسو ته سھي ته جيڪا مني وجھندا آھيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:59
ءَأَنتُمْ تَخْلُقُونَهُۥٓ أَمْ نَحْنُ ٱلْخَـٰلِقُونَ
56:59
تنھن مان اوھين خلقيو ٿا ڇا؟ يا اسين خلقڻ وارا آھيون؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:60
نَحْنُ قَدَّرْنَا بَيْنَكُمُ ٱلْمَوْتَ وَمَا نَحْنُ بِمَسْبُوقِينَ
56:60
اسان اوھان ۾ موت مقرّر ڪيو آھي ۽ اسين عاجز نه آھيون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:61
عَلَىٰٓ أَن نُّبَدِّلَ أَمْثَـٰلَكُمْ وَنُنشِئَكُمْ فِى مَا لَا تَعْلَمُونَ
56:61
ته اوھان جھڙن کي مٽائي پيدا ڪريون ۽ اوھان کي اھڙي (شڪل) ۾ پيدا ڪريون جنھن کي ڄاڻندا ئي ئي نه ھجو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:62
وَلَقَدْ عَلِمْتُمُ ٱلنَّشْأَةَ ٱلْأُولَىٰ فَلَوْلَا تَذَكَّرُونَ
56:62
۽ بيشڪ پھرين پيدائش ڄاڻي چڪؤ پوءِ ڇونه ٿا نصيحت وٺو؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:63
أَفَرَءَيْتُم مَّا تَحْرُثُونَ
56:63
ڏسو ته سھي جيڪي اوھين پوکيندا آھيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:64
ءَأَنتُمْ تَزْرَعُونَهُۥٓ أَمْ نَحْنُ ٱلزَّٰرِعُونَ
56:64
سو اوھين ڄمائيندا آھيو ڇا يا اسين ڄمائيندا آھيون؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:65
لَوْ نَشَآءُ لَجَعَلْنَـٰهُ حُطَـٰمًا فَظَلْتُمْ تَفَكَّهُونَ
56:65
جيڪڏھن گھُرون ته اُن کي ناس ڪري ڇڏيون پوءِ اوھين حيرت ۾ رھجي وڃو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:66
إِنَّا لَمُغْرَمُونَ
56:66
(۽ پيا چئو) ته بيشڪ اسين ٽوٽي ۾ پئجي وياسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:67
بَلْ نَحْنُ مَحْرُومُونَ
56:67
بلڪ اسين بي نصيب آھيون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:68
أَفَرَءَيْتُمُ ٱلْمَآءَ ٱلَّذِى تَشْرَبُونَ
56:68
ڀلا ڏسو ته سھي جيڪو پاڻي پيئندا آھيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:69
ءَأَنتُمْ أَنزَلْتُمُوهُ مِنَ ٱلْمُزْنِ أَمْ نَحْنُ ٱلْمُنزِلُونَ
56:69
اُھو اوھين ڪڪرن مان ھيٺ لاھيندا آھيو ڇا يا اسين ھيٺ لاھيندا آھيون؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:70
لَوْ نَشَآءُ جَعَلْنَـٰهُ أُجَاجًا فَلَوْلَا تَشْكُرُونَ
56:70
جيڪڏھن گھُرون ته اُن کي کارو ڪري ڇڏيون پوءِ ڇونه شڪرانو ڪندا آھيو؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:71
أَفَرَءَيْتُمُ ٱلنَّارَ ٱلَّتِى تُورُونَ
56:71
ڀلا ڏسو ته سھي ته جا باھ ٻاريندا آھيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:72
ءَأَنتُمْ أَنشَأْتُمْ شَجَرَتَهَآ أَمْ نَحْنُ ٱلْمُنشِـُٔونَ
56:72
تنھن جي وڻ کي اوھان پيدا ڪيو آھيو آھي ڇا؟ يا اسين پيدا ڪندڙ آھيون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:73
نَحْنُ جَعَلْنَـٰهَا تَذْكِرَةً وَمَتَـٰعًا لِّلْمُقْوِينَ
56:73
اسان اُن (وڻ) کي نصيحت وٺڻ لاءِ ۽ مسافرن جي فائدي لاءِ پيدا ڪيو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:74
فَسَبِّحْ بِٱسْمِ رَبِّكَ ٱلْعَظِيمِ
56:74
تنھنڪري پنھنجي وڏي پالڻھار جي نالي کي پاڪائي سان ياد ڪر. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:75
۞ فَلَآ أُقْسِمُ بِمَوَٰقِعِ ٱلنُّجُومِ
56:75
پوءِ تارن جي ڪِرڻ جي جاءِ جو قسم کڻان ٿو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:76
وَإِنَّهُۥ لَقَسَمٌ لَّوْ تَعْلَمُونَ عَظِيمٌ
56:76
۽ جيڪڏھن ڄاڻو ته بيشڪ اُھو قسم وڏو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:77
إِنَّهُۥ لَقُرْءَانٌ كَرِيمٌ
56:77
بيشڪ اھو سڳورو قرآن آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:78
فِى كِتَـٰبٍ مَّكْنُونٍ
56:78
لڪل ڪتاب ۾ لکيل آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:79
لَّا يَمَسُّهُۥٓ إِلَّا ٱلْمُطَهَّرُونَ
56:79
پاڪائيءَ وارن کانسواءِ ٻيو ڪو اُن کي ھٿ نه لائيندو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:80
تَنزِيلٌ مِّن رَّبِّ ٱلْعَـٰلَمِينَ
56:80
جھانن جي پالڻھار وٽان نازل ڪيل آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:81
أَفَبِهَـٰذَا ٱلْحَدِيثِ أَنتُم مُّدْهِنُونَ
56:81
پوءِ اوھين ھن ڳالھ (جي مڃڻ) ۾ سُستي ڪرڻ وارا آھيو ڇا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:82
وَتَجْعَلُونَ رِزْقَكُمْ أَنَّكُمْ تُكَذِّبُونَ
56:82
۽ اُن کي ڪوڙ ڀانئين پنھنجو حصّو ڪريو ٿا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:83
فَلَوْلَآ إِذَا بَلَغَتِ ٱلْحُلْقُومَ
56:83
پوءِ جنھن مھل (ڪنھنجو) ساھ نر گھٽ وٽ پھچي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:84
وَأَنتُمْ حِينَئِذٍ تَنظُرُونَ
56:84
۽ اوھين انھيءَ مھل پيا ٿا ڏسو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:85
وَنَحْنُ أَقْرَبُ إِلَيْهِ مِنكُمْ وَلَـٰكِن لَّا تُبْصِرُونَ
56:85
۽ اسين اوھان جي به نسبت اُن ڏانھن تمام ويجھا آھيون پر اوھين نه ڏسندا آھيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:86
فَلَوْلَآ إِن كُنتُمْ غَيْرَ مَدِينِينَ
56:86
پوءِ جيڪڏھن (اوھين خدا جي حُڪم ۾) لاچار ٿيل نه آھيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:87
تَرْجِعُونَهَآ إِن كُنتُمْ صَـٰدِقِينَ
56:87
ته جيڪڏھن سچا آھيو ته روح کي ڇو نه موٽايو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:88
فَأَمَّآ إِن كَانَ مِنَ ٱلْمُقَرَّبِينَ
56:88
پوءِ جيڪڏھن (مئل الله جي) ويجھن ٻانھن مان ھوندو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:89
فَرَوْحٌ وَرَيْحَانٌ وَجَنَّتُ نَعِيمٍ
56:89
ته اُن لاءِ خوشي ۽ سُرھاڻ ۽ نعمت وارو باغ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:90
وَأَمَّآ إِن كَانَ مِنْ أَصْحَـٰبِ ٱلْيَمِينِ
56:90
۽ جيڪڏھن سڄي پاسي وارن مان ھوندو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:91
فَسَلَـٰمٌ لَّكَ مِنْ أَصْحَـٰبِ ٱلْيَمِينِ
56:91
ته سڄي پاسي وارن مان توکي سلامتي آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:92
وَأَمَّآ إِن كَانَ مِنَ ٱلْمُكَذِّبِينَ ٱلضَّآلِّينَ
56:92
پر جيڪڏھن اُھو ڪُوڙ ڀانئيندڙن گمراھن مان ھوندو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:93
فَنُزُلٌ مِّنْ حَمِيمٍ
56:93
ته (اُن لاءِ) تَتل پاڻي مھماني. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:94
وَتَصْلِيَةُ جَحِيمٍ
56:94
۽ دوزخ ۾ گھيڙڻ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:95
إِنَّ هَـٰذَا لَهُوَ حَقُّ ٱلْيَقِينِ
56:95
بيشڪ ھي خبر پوري يقيني آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
56:96
فَسَبِّحْ بِٱسْمِ رَبِّكَ ٱلْعَظِيمِ
56:96
تنھنڪري پنھنجي پالڻھار وڏي جي نالي کي پاڪائيءَ سان ياد ڪر. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)