Selected
Original Text
Taj Mehmood Amroti
Abdullah Yusuf Ali
Abdul Majid Daryabadi
Abul Ala Maududi
Ahmed Ali
Ahmed Raza Khan
A. J. Arberry
Ali Quli Qarai
Hasan al-Fatih Qaribullah and Ahmad Darwish
Mohammad Habib Shakir
Mohammed Marmaduke William Pickthall
Muhammad Sarwar
Muhammad Taqi-ud-Din al-Hilali and Muhammad Muhsin Khan
Safi-ur-Rahman al-Mubarakpuri
Saheeh International
Talal Itani
Transliteration
Wahiduddin Khan
بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ
In the name of Allah, Most Gracious, Most Merciful.
77:1
وَٱلْمُرْسَلَـٰتِ عُرْفًا
77:1
چڱين گُھلندڙن ھيرُن جو قسم آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
77:2
فَٱلْعَـٰصِفَـٰتِ عَصْفًا
77:2
پوءِ زور سان لڳڻ وارن وائن جو قسم آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
77:3
وَٱلنَّـٰشِرَٰتِ نَشْرًا
77:3
۽ (ڪڪرن کي) کڻندڙن پکيڙيندڙن وائن جو قسم آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
77:4
فَٱلْفَـٰرِقَـٰتِ فَرْقًا
77:4
پوءِ (ڪڪرن کي) ھڪ ٻئي کان جدا ڪندڙ وائن جو قسم آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
77:5
فَٱلْمُلْقِيَـٰتِ ذِكْرًا
77:5
پوءِ وحي آڻيندڙن ملائڪن جو قسم آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
77:6
عُذْرًا أَوْ نُذْرًا
77:6
(جي) عذر وڃائڻ لاءِ يا ڊيڄارڻ لاءِ (وحي) آڻيندا آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
77:7
إِنَّمَا تُوعَدُونَ لَوَٰقِعٌ
77:7
ته بيشڪ جنھن (ڳالھ) جو اوھان کي انجام ڏجي ٿو سا ضرور ٿيڻي آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
77:8
فَإِذَا ٱلنُّجُومُ طُمِسَتْ
77:8
پوءِ جڏھن تارا ميٽي ڇڏبا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
77:9
وَإِذَا ٱلسَّمَآءُ فُرِجَتْ
77:9
۽ جڏھن آسمان چيربو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
77:10
وَإِذَا ٱلْجِبَالُ نُسِفَتْ
77:10
۽ جڏھن جبل اڏائبا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
77:11
وَإِذَا ٱلرُّسُلُ أُقِّتَتْ
77:11
۽ جڏھن پيغمبر (ٺھرايل وقت تي) گڏ ڪبا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
77:12
لِأَىِّ يَوْمٍ أُجِّلَتْ
77:12
(تڏھن ثابت ٿيندو ته پيغمبرن کي) ڪھڙي ڏينھن لاءِ ترسايو ويو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
77:13
لِيَوْمِ ٱلْفَصْلِ
77:13
فيصلي جي ڏينھن لاءِ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
77:14
وَمَآ أَدْرَىٰكَ مَا يَوْمُ ٱلْفَصْلِ
77:14
۽ توکي ڪھڙي شيءَ ڄاڻايو ته فيصلو جو ڏينھن ڇا آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
77:15
وَيْلٌ يَوْمَئِذٍ لِّلْمُكَذِّبِينَ
77:15
اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
77:16
أَلَمْ نُهْلِكِ ٱلْأَوَّلِينَ
77:16
پھرين کي ھلاڪ نه ڪيو اٿون ڇا؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
77:17
ثُمَّ نُتْبِعُهُمُ ٱلْـَٔاخِرِينَ
77:17
وري (اُن کانپوءِ) پوين کي انھن جي پٺيان آڻيندا آھيون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
77:18
كَذَٰلِكَ نَفْعَلُ بِٱلْمُجْرِمِينَ
77:18
ائين ڏوھارين سان ڪندا آھيون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
77:19
وَيْلٌ يَوْمَئِذٍ لِّلْمُكَذِّبِينَ
77:19
اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
77:20
أَلَمْ نَخْلُقكُّم مِّن مَّآءٍ مَّهِينٍ
77:20
اوھان کي خسيس پاڻي مان نه بڻايو اٿون ڇا؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
77:21
فَجَعَلْنَـٰهُ فِى قَرَارٍ مَّكِينٍ
77:21
پوءِ اُن کي ھڪ پختي ھنڌ ۾ رکيوسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
77:22
إِلَىٰ قَدَرٍ مَّعْلُومٍ
77:22
ھڪ مُقرّر وقت تائين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
77:23
فَقَدَرْنَا فَنِعْمَ ٱلْقَـٰدِرُونَ
77:23
پوءِ (بڻاوت ۾) پورو ڪيوسون جو (اسين) چڱي سگھ وارا آھيون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
77:24
وَيْلٌ يَوْمَئِذٍ لِّلْمُكَذِّبِينَ
77:24
اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
77:25
أَلَمْ نَجْعَلِ ٱلْأَرْضَ كِفَاتًا
77:25
زمين کي ماپائڻ واري نه ڪئي اٿون ڇا؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
77:26
أَحْيَآءً وَأَمْوَٰتًا
77:26
(جو) جيئرن ۽ مُئن کي (ماپائي). - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
77:27
وَجَعَلْنَا فِيهَا رَوَٰسِىَ شَـٰمِخَـٰتٍ وَأَسْقَيْنَـٰكُم مَّآءً فُرَاتًا
77:27
۽ زمين ۾ اُچا جبل ڪياسون ۽ اوھان کي مٺو پاڻي پياريوسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
77:28
وَيْلٌ يَوْمَئِذٍ لِّلْمُكَذِّبِينَ
77:28
اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
77:29
ٱنطَلِقُوٓا۟ إِلَىٰ مَا كُنتُم بِهِۦ تُكَذِّبُونَ
77:29
(چيو ويندو ته ھاڻي) جنھن (دوزخ) کي اوھين ڪوڙ ڀائيندا ھوا تنھن ڏانھن وڃو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
77:30
ٱنطَلِقُوٓا۟ إِلَىٰ ظِلٍّ ذِى ثَلَـٰثِ شُعَبٍ
77:30
(چئبن ته) ٽن شاخن واريءَ ڇانوَ ڏانھن وڃو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
77:31
لَّا ظَلِيلٍ وَلَا يُغْنِى مِنَ ٱللَّهَبِ
77:31
نه ٿڌي ڇانوَ ھوندي ۽ نه (باھ جي) توَ کان توکي بچائيندي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
77:32
إِنَّهَا تَرْمِى بِشَرَرٍ كَٱلْقَصْرِ
77:32
بيشڪ اُھا (باھ) ماڙيءَ جيڏيون چڻنگون اڇليندي آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
77:33
كَأَنَّهُۥ جِمَـٰلَتٌ صُفْرٌ
77:33
ڄڻ ته اُھي ھيڊا اُٺ آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
77:34
وَيْلٌ يَوْمَئِذٍ لِّلْمُكَذِّبِينَ
77:34
اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
77:35
هَـٰذَا يَوْمُ لَا يَنطِقُونَ
77:35
اُھو ڏينھن اُھو آھي جنھن ۾ نه ڳالھائيندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
77:36
وَلَا يُؤْذَنُ لَهُمْ فَيَعْتَذِرُونَ
77:36
۽ نڪي کين موڪل ڏبي ته (ڪو) عذر (بيان) ڪن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
77:37
وَيْلٌ يَوْمَئِذٍ لِّلْمُكَذِّبِينَ
77:37
اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
77:38
هَـٰذَا يَوْمُ ٱلْفَصْلِ ۖ جَمَعْنَـٰكُمْ وَٱلْأَوَّلِينَ
77:38
ھيءُ فيصلي جو ڏينھن آھي، اوھان کي ۽ اڳين کي گڏ ڪيوسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
77:39
فَإِن كَانَ لَكُمْ كَيْدٌ فَكِيدُونِ
77:39
پوءِ جيڪڏھن اوھان کي بڇڙي رِٿ ڪرڻي آھي ته منھنجي حق ۾ رٿيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
77:40
وَيْلٌ يَوْمَئِذٍ لِّلْمُكَذِّبِينَ
77:40
اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
77:41
إِنَّ ٱلْمُتَّقِينَ فِى ظِلَـٰلٍ وَعُيُونٍ
77:41
بيشڪ پرھيزگار ڇانوَن ۽ چشمن ۾ ھوندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
77:42
وَفَوَٰكِهَ مِمَّا يَشْتَهُونَ
77:42
۽ جنھن جنس مان گھرندا (تنھن جنس جي) ميون ۾ ھوندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
77:43
كُلُوا۟ وَٱشْرَبُوا۟ هَنِيٓـًٔۢا بِمَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ
77:43
(چئبن ته) چڱا ڪم ڪندا ھئو تنھنڪري خوش ٿي کائو ۽ پيئو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
77:44
إِنَّا كَذَٰلِكَ نَجْزِى ٱلْمُحْسِنِينَ
77:44
بيشڪ اسين نيڪن کي ائين بدلو ڏيندا آھيون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
77:45
وَيْلٌ يَوْمَئِذٍ لِّلْمُكَذِّبِينَ
77:45
اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
77:46
كُلُوا۟ وَتَمَتَّعُوا۟ قَلِيلًا إِنَّكُم مُّجْرِمُونَ
77:46
(اي ڪوڙ ڀائيندڙؤ دنيا ۾) ٿوري دير کائي وٺو ۽ آسودا رھو بيشڪ اوھين ڏوھاري آھيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
77:47
وَيْلٌ يَوْمَئِذٍ لِّلْمُكَذِّبِينَ
77:47
اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
77:48
وَإِذَا قِيلَ لَهُمُ ٱرْكَعُوا۟ لَا يَرْكَعُونَ
77:48
۽ جڏھن کين چئجي ته نماز پڙھو (ته) نماز نه پڙھندا آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
77:49
وَيْلٌ يَوْمَئِذٍ لِّلْمُكَذِّبِينَ
77:49
اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
77:50
فَبِأَىِّ حَدِيثٍۭ بَعْدَهُۥ يُؤْمِنُونَ
77:50
پوءِ اُن (قرآن) کانپوءِ ڪھڙي ڳالھ تي ويساھ رکندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)