Selected
                        Original Text
                        
                    
                
                    
                        Taj Mehmood Amroti
                        
                        
                        
                    
                
                Abdullah Yusuf Ali
Abdul Majid Daryabadi
Abul Ala Maududi
Ahmed Ali
Ahmed Raza Khan
A. J. Arberry
Ali Quli Qarai
Hasan al-Fatih Qaribullah and Ahmad Darwish
Mohammad Habib Shakir
Mohammed Marmaduke William Pickthall
Muhammad Sarwar
Muhammad Taqi-ud-Din al-Hilali and Muhammad Muhsin Khan
Safi-ur-Rahman al-Mubarakpuri
Saheeh International
Talal Itani
Transliteration
Wahiduddin Khan
                    بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ
                
                
                    In the name of Allah, Most Gracious, Most Merciful.
                
            
                    51:1
                    وَٱلذَّٰرِيَـٰتِ ذَرْوًا
                
                
                
                
                
                    51:1
                    قسم آھي اُڏائڻ وارن (وائن) جو (خاڪ کي) اُڏائڻ.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    51:2
                    فَٱلْحَـٰمِلَـٰتِ وِقْرًا
                
                
                
                
                
                    51:2
                    پوءِ (پاڻي جي) بار کڻڻ وارن (ڪڪرن) جو قسم آھي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    51:3
                    فَٱلْجَـٰرِيَـٰتِ يُسْرًا
                
                
                
                
                
                    51:3
                    پوءِ آسانيءَ سان ھلندڙين (ٻيڙين) جو قسم آھي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    51:4
                    فَٱلْمُقَسِّمَـٰتِ أَمْرًا
                
                
                
                
                
                    51:4
                    پوءِ ڪم وراھڻ وارن (ملائڪن) جو قسم آھي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    51:5
                    إِنَّمَا تُوعَدُونَ لَصَادِقٌ
                
                
                
                
                
                    51:5
                    ته بيشڪ جيڪو اوھان سان انجام ڪجي ٿو سو سچ آھي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    51:6
                    وَإِنَّ ٱلدِّينَ لَوَٰقِعٌ
                
                
                
                
                
                    51:6
                    ۽ بيشڪ (عملن جو) بدلو ضرور ٿيڻو آھي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    51:7
                    وَٱلسَّمَآءِ ذَاتِ ٱلْحُبُكِ
                
                
                
                
                
                    51:7
                    واٽن واري آسمان جو قسم آھي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    51:8
                    إِنَّكُمْ لَفِى قَوْلٍ مُّخْتَلِفٍ
                
                
                
                
                
                    51:8
                    ته (اوھين) پاڻ ۾ تڪرار واريء ھڪ ڳالھ ۾ (پيل) آھيو.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    51:9
                    يُؤْفَكُ عَنْهُ مَنْ أُفِكَ
                
                
                
                
                
                    51:9
                    قرآن کان اُھو ڦيرايو ويندو آھي جيڪو (ازل) ۾ ڦيرايل آھي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    51:10
                    قُتِلَ ٱلْخَرَّٰصُونَ
                
                
                
                
                
                    51:10
                    اُنھن ڪوڙ ھڻندڙن کي لعنت ڪئي ويئي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    51:11
                    ٱلَّذِينَ هُمْ فِى غَمْرَةٍ سَاهُونَ
                
                
                
                
                
                    51:11
                    جيڪي اَڻ ڄاڻائي ۾ وسارڻ وارا آھن.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    51:12
                    يَسْـَٔلُونَ أَيَّانَ يَوْمُ ٱلدِّينِ
                
                
                
                
                
                    51:12
                    پُڇندا آھن ته قيامت جو ڏينھن ڪڏھن ٿيندو؟  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    51:13
                    يَوْمَ هُمْ عَلَى ٱلنَّارِ يُفْتَنُونَ
                
                
                
                
                
                    51:13
                    (ھائو) اُنھي ڏينھن جو اُنھن کي باھ ۾ عذاب ڪبو.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    51:14
                    ذُوقُوا۟ فِتْنَتَكُمْ هَـٰذَا ٱلَّذِى كُنتُم بِهِۦ تَسْتَعْجِلُونَ
                
                
                
                
                
                    51:14
                    (چئبو ته ھيُ) پنھنجو عذاب چکو، ھيُ اُھو آھي جنھن کي اوھين جلد گھرندا ھئو.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    51:15
                    إِنَّ ٱلْمُتَّقِينَ فِى جَنَّـٰتٍ وَعُيُونٍ
                
                
                
                
                
                    51:15
                    بيشڪ پرھيزگار باغن ۽ چشمن ۾ ھوندا.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    51:16
                    ءَاخِذِينَ مَآ ءَاتَىٰهُمْ رَبُّهُمْ ۚ إِنَّهُمْ كَانُوا۟ قَبْلَ ذَٰلِكَ مُحْسِنِينَ
                
                
                
                
                
                    51:16
                    جيڪي سندن پالڻھار کين ڏنو سو وٺڻ وارا ھوندا، بيشڪ اُھي ھن کان اڳ چڱائي ڪندڙ ھوا.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    51:17
                    كَانُوا۟ قَلِيلًا مِّنَ ٱلَّيْلِ مَا يَهْجَعُونَ
                
                
                
                
                
                    51:17
                    رات جو ٿورو سمھندا ھوا.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    51:18
                    وَبِٱلْأَسْحَارِ هُمْ يَسْتَغْفِرُونَ
                
                
                
                
                
                    51:18
                    ۽ اُھي اَسرن جو بخشش گھرندا ھوا.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    51:19
                    وَفِىٓ أَمْوَٰلِهِمْ حَقٌّ لِّلسَّآئِلِ وَٱلْمَحْرُومِ
                
                
                
                
                
                    51:19
                    ۽ سندن مالن ۾ سوال ڪندڙ ۽ نه سوال ڪندڙ مُحتاج جو حصّو ھو.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    51:20
                    وَفِى ٱلْأَرْضِ ءَايَـٰتٌ لِّلْمُوقِنِينَ
                
                
                
                
                
                    51:20
                    ۽ يقين ڪندڙن لاءِ زمين ۾ نشانيون آھن.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    51:21
                    وَفِىٓ أَنفُسِكُمْ ۚ أَفَلَا تُبْصِرُونَ
                
                
                
                
                
                    51:21
                    ۽ اوھان جي جندن ۾ به، پوءِ نٿا ڏسو ڇا؟  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    51:22
                    وَفِى ٱلسَّمَآءِ رِزْقُكُمْ وَمَا تُوعَدُونَ
                
                
                
                
                
                    51:22
                    ۽ اوھان جي روزي آسمان ۾ آھي ۽ اُھو (به) جنھنجو اوھان کي انجام ڏجي ٿو.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    51:23
                    فَوَرَبِّ ٱلسَّمَآءِ وَٱلْأَرْضِ إِنَّهُۥ لَحَقٌّ مِّثْلَ مَآ أَنَّكُمْ تَنطِقُونَ
                
                
                
                
                
                    51:23
                    پوءِ آسمان ۽ زمين جي پالڻھار جو قسم آھي ته اھا خبر سچي آھي جھڙي طرح اوھين ڳالھائيندا آھيو.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    51:24
                    هَلْ أَتَىٰكَ حَدِيثُ ضَيْفِ إِبْرَٰهِيمَ ٱلْمُكْرَمِينَ
                
                
                
                
                
                    51:24
                    اِبراھيم جي سڳورن مھمانن جي خبر تو وٽ (نه) آئي آھي ڇا؟  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    51:25
                    إِذْ دَخَلُوا۟ عَلَيْهِ فَقَالُوا۟ سَلَـٰمًا ۖ قَالَ سَلَـٰمٌ قَوْمٌ مُّنكَرُونَ
                
                
                
                
                
                    51:25
                    جڏھن اُھي وٽس آيا تڏھن سلام چيائين، ھن (به) سلام چيو، (دل ۾ ڄاتائين ته ھي) اوپرا ماڻھو آھن.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    51:26
                    فَرَاغَ إِلَىٰٓ أَهْلِهِۦ فَجَآءَ بِعِجْلٍ سَمِينٍ
                
                
                
                
                
                    51:26
                    پوءِ پنھنجي گھر وارن ڏانھن تکو ھليو ۽ ٿلھو گابو (پچائي) آندائين.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    51:27
                    فَقَرَّبَهُۥٓ إِلَيْهِمْ قَالَ أَلَا تَأْكُلُونَ
                
                
                
                
                
                    51:27
                    پوءِ اھو انھن کي ويجھو ڪيائين چيائين ته ڇونه ٿا کائو؟  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    51:28
                    فَأَوْجَسَ مِنْهُمْ خِيفَةً ۖ قَالُوا۟ لَا تَخَفْ ۖ وَبَشَّرُوهُ بِغُلَـٰمٍ عَلِيمٍ
                
                
                
                
                
                    51:28
                    پوءِ کائن دل ۾ ڊپ رکيائين، چيائون ته نه ڊڄ، ۽ اُن کي ھڪ داناءَ نينگر جي مبارڪ ڏنائون.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    51:29
                    فَأَقْبَلَتِ ٱمْرَأَتُهُۥ فِى صَرَّةٍ فَصَكَّتْ وَجْهَهَا وَقَالَتْ عَجُوزٌ عَقِيمٌ
                
                
                
                
                
                    51:29
                    پوءِ سنديس زال دانھن ڪندي سامھون آئي پوءِ پنھنجو منھن ڪٽيائين ۽ چيائين ته ٻڍڙي سنڍ (ڄڻيندي ڇا؟).  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    51:30
                    قَالُوا۟ كَذَٰلِكِ قَالَ رَبُّكِ ۖ إِنَّهُۥ هُوَ ٱلْحَكِيمُ ٱلْعَلِيمُ
                
                
                
                
                
                    51:30
                    چيائون ته ائين ئي تنھنجي پالڻھار فرمايو آھي، ڇوته اُھو حِڪمت وارو ڄاڻندڙ آھي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    51:31
                    ۞ قَالَ فَمَا خَطْبُكُمْ أَيُّهَا ٱلْمُرْسَلُونَ
                
                
                
                
                
                    51:31
                    (ابراھيم) چيو ته اي قاصدؤ اوھان جو ڪھڙو غرض آھي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    51:32
                    قَالُوٓا۟ إِنَّآ أُرْسِلْنَآ إِلَىٰ قَوْمٍ مُّجْرِمِينَ
                
                
                
                
                
                    51:32
                    چيائون ته بيشڪ اسين ھڪڙي ڏوھاري قوم ڏانھن موڪليا ويا آھيون.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    51:33
                    لِنُرْسِلَ عَلَيْهِمْ حِجَارَةً مِّن طِينٍ
                
                
                
                
                
                    51:33
                    ته مٿن پڪي مٽيءَ جون گليليون وسايون.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    51:34
                    مُّسَوَّمَةً عِندَ رَبِّكَ لِلْمُسْرِفِينَ
                
                
                
                
                
                    51:34
                    جي حد کان لنگھندڙن لاءِ تنھنجي پالڻھار وٽ نشان ڪيل آھن.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    51:35
                    فَأَخْرَجْنَا مَن كَانَ فِيهَا مِنَ ٱلْمُؤْمِنِينَ
                
                
                
                
                
                    51:35
                    پوءِ مؤمنن مان اتي جيڪو ھو تنھن کي ٻاھر ڪڍيوسون.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    51:36
                    فَمَا وَجَدْنَا فِيهَا غَيْرَ بَيْتٍ مِّنَ ٱلْمُسْلِمِينَ
                
                
                
                
                
                    51:36
                    پوءِ اُتي مسلمانن جي ھڪ گھر کانسواءِ (ٻيو ڪو گھر) نه ڏٺوسون.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    51:37
                    وَتَرَكْنَا فِيهَآ ءَايَةً لِّلَّذِينَ يَخَافُونَ ٱلْعَذَابَ ٱلْأَلِيمَ
                
                
                
                
                
                    51:37
                    ۽ جيڪي ڏکوئيندڙ عذاب کان ڊڄندا آھن تن لاءِ اُتي (عبرت لاءِ) نشاني ڇڏي سون.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    51:38
                    وَفِى مُوسَىٰٓ إِذْ أَرْسَلْنَـٰهُ إِلَىٰ فِرْعَوْنَ بِسُلْطَـٰنٍ مُّبِينٍ
                
                
                
                
                
                    51:38
                    ۽ مُوسىٰ (جي قصّي) ۾ (به عِبرت آھي) جڏھن کيس پڌري دليل سان فرعون ڏانھن موڪليوسون.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    51:39
                    فَتَوَلَّىٰ بِرُكْنِهِۦ وَقَالَ سَـٰحِرٌ أَوْ مَجْنُونٌ
                
                
                
                
                
                    51:39
                    پوءِ ھن پنھنجي لشڪر سميت منھن موڙيو چيائين ته (ھي) جادوگر يا چريو آھي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    51:40
                    فَأَخَذْنَـٰهُ وَجُنُودَهُۥ فَنَبَذْنَـٰهُمْ فِى ٱلْيَمِّ وَهُوَ مُلِيمٌ
                
                
                
                
                
                    51:40
                    تنھنڪري اُن کي ۽ سندس لشڪر کي پڪڙيوسون پوءِ اُن کي ملامت وارو ڪري سمنڊ ۾ اُڇليوسون.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    51:41
                    وَفِى عَادٍ إِذْ أَرْسَلْنَا عَلَيْهِمُ ٱلرِّيحَ ٱلْعَقِيمَ
                
                
                
                
                
                    51:41
                    ۽ عاد جي (قصي) ۾ (به عبرت آھي) جڏھن اھڙو بي برڪتو واءُ موڪليوسون.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    51:42
                    مَا تَذَرُ مِن شَىْءٍ أَتَتْ عَلَيْهِ إِلَّا جَعَلَتْهُ كَٱلرَّمِيمِ
                
                
                
                
                
                    51:42
                    جو جنھن شيء تي اچي پھچي تنھن کي ڳريل ھڏي وانگر ڪرڻ کانسواءِ نه ڇڏي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    51:43
                    وَفِى ثَمُودَ إِذْ قِيلَ لَهُمْ تَمَتَّعُوا۟ حَتَّىٰ حِينٍ
                
                
                
                
                
                    51:43
                    ۽ ثمود (جي قصّي) ۾ (به عبرت آھي) جڏھن کين چيو ويو ته ھڪ مُدت تائين مزا ماڻيو.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    51:44
                    فَعَتَوْا۟ عَنْ أَمْرِ رَبِّهِمْ فَأَخَذَتْهُمُ ٱلصَّـٰعِقَةُ وَهُمْ يَنظُرُونَ
                
                
                
                
                
                    51:44
                    پوءِ پنھنجي پالڻھار جي حُڪم (مڃڻ) کان ھٺ ڪيائون تنھنڪري سندن ڏسندي کين (ھڪ) سخت ڪڙڪي ورتو.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    51:45
                    فَمَا ٱسْتَطَـٰعُوا۟ مِن قِيَامٍ وَمَا كَانُوا۟ مُنتَصِرِينَ
                
                
                
                
                
                    51:45
                    پوءِ نڪي اُٿي سگھيا ۽ نڪي وير وٺڻ وارا ھوا.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    51:46
                    وَقَوْمَ نُوحٍ مِّن قَبْلُ ۖ إِنَّهُمْ كَانُوا۟ قَوْمًا فَـٰسِقِينَ
                
                
                
                
                
                    51:46
                    ۽ (ھن کان) اڳ نوح جي قوم (کي ھلاڪ ڪيوسون) بيشڪ اُھي بدڪار ماڻھو ھوا.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    51:47
                    وَٱلسَّمَآءَ بَنَيْنَـٰهَا بِأَيْي۟دٍ وَإِنَّا لَمُوسِعُونَ
                
                
                
                
                
                    51:47
                    ۽ آسمان کي (پنھنجيءَ) قوت سان بڻايوسون ۽ بيشڪ اسين سگھارا آھيون.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    51:48
                    وَٱلْأَرْضَ فَرَشْنَـٰهَا فَنِعْمَ ٱلْمَـٰهِدُونَ
                
                
                
                
                
                    51:48
                    ۽ زمين کي پکيڙيوسون جو چڱا پکيڙيندڙ آھيون.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    51:49
                    وَمِن كُلِّ شَىْءٍ خَلَقْنَا زَوْجَيْنِ لَعَلَّكُمْ تَذَكَّرُونَ
                
                
                
                
                
                    51:49
                    ۽ سڀڪنھن شيءَ مان جوڙو جوڙو بڻايوسون ته مانَ اوھين نصيحت وٺو.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    51:50
                    فَفِرُّوٓا۟ إِلَى ٱللَّهِ ۖ إِنِّى لَكُم مِّنْهُ نَذِيرٌ مُّبِينٌ
                
                
                
                
                
                    51:50
                    پوءِ الله ڏانھن ڀڄو، بيشڪ آءٌ سندس طرف کان اوھان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    51:51
                    وَلَا تَجْعَلُوا۟ مَعَ ٱللَّهِ إِلَـٰهًا ءَاخَرَ ۖ إِنِّى لَكُم مِّنْهُ نَذِيرٌ مُّبِينٌ
                
                
                
                
                
                    51:51
                    ۽ الله سان (ٻيو) ڪو معبُود نه ٺھرايو، بيشڪ آءٌ سندس پار کان اوھان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    51:52
                    كَذَٰلِكَ مَآ أَتَى ٱلَّذِينَ مِن قَبْلِهِم مِّن رَّسُولٍ إِلَّا قَالُوا۟ سَاحِرٌ أَوْ مَجْنُونٌ
                
                
                
                
                
                    51:52
                    اھڙي طرح جيڪي انھن کان اڳ ھوا تن وٽ ڪوبه پيغمبر نه آيو پر چيائون ته جادوگر يا چريو آھي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    51:53
                    أَتَوَاصَوْا۟ بِهِۦ ۚ بَلْ هُمْ قَوْمٌ طَاغُونَ
                
                
                
                
                
                    51:53
                    ان (چوڻ) جي ھڪ ٻئي کي وصيت ڪندا آيا آھن ڇا؟ (نه!) بلڪ اُھي نافرمان قوم آھن.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    51:54
                    فَتَوَلَّ عَنْهُمْ فَمَآ أَنتَ بِمَلُومٍ
                
                
                
                
                
                    51:54
                    تنھنڪري (اي پيغمبر) کائن منھن موڙ ھاڻي تون ميار وارو نه آھين.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    51:55
                    وَذَكِّرْ فَإِنَّ ٱلذِّكْرَىٰ تَنفَعُ ٱلْمُؤْمِنِينَ
                
                
                
                
                
                    51:55
                    ۽ سمجھاڻي ڏيندو رھ ڇوته سمجھائڻ مؤمنن کي نفعو ڏيندو آھي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    51:56
                    وَمَا خَلَقْتُ ٱلْجِنَّ وَٱلْإِنسَ إِلَّا لِيَعْبُدُونِ
                
                
                
                
                
                    51:56
                    ۽ جِنّن ۽ ماڻھن کي رڳو پنھنجي عبادت لاءِ پيدا ڪيوسون.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    51:57
                    مَآ أُرِيدُ مِنْهُم مِّن رِّزْقٍ وَمَآ أُرِيدُ أَن يُطْعِمُونِ
                
                
                
                
                
                    51:57
                    نڪي کائن ڪا روزي ٿو گھران ۽ نڪي گھران ٿو ته مون کي کارائين.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    51:58
                    إِنَّ ٱللَّهَ هُوَ ٱلرَّزَّاقُ ذُو ٱلْقُوَّةِ ٱلْمَتِينُ
                
                
                
                
                
                    51:58
                    بيشڪ الله ئي روزي ڏيندڙ آھي جو تمام سگھارو زبردست آھي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    51:59
                    فَإِنَّ لِلَّذِينَ ظَلَمُوا۟ ذَنُوبًا مِّثْلَ ذَنُوبِ أَصْحَـٰبِهِمْ فَلَا يَسْتَعْجِلُونِ
                
                
                
                
                
                    51:59
                    پوءِ بيشڪ جن ظلم ڪيو تن لاءِ سندن يارن جي سزا جھڙو عذاب (جو ڀاڱو) آھي پوءِ مون کان جلد (عذاب) نه گُھرن.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    51:60
                    فَوَيْلٌ لِّلَّذِينَ كَفَرُوا۟ مِن يَوْمِهِمُ ٱلَّذِى يُوعَدُونَ
                
                
                
                
                
                    51:60
                    پوءِ ڪافرن لاءِ اُن سندن ڏينھن کان خرابي آھي جنھن جو کين وعدو ڏنو وڃي ٿو.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)