Selected
Original Text
Taj Mehmood Amroti
Abdullah Yusuf Ali
Abdul Majid Daryabadi
Abul Ala Maududi
Ahmed Ali
Ahmed Raza Khan
A. J. Arberry
Ali Quli Qarai
Hasan al-Fatih Qaribullah and Ahmad Darwish
Mohammad Habib Shakir
Mohammed Marmaduke William Pickthall
Muhammad Sarwar
Muhammad Taqi-ud-Din al-Hilali and Muhammad Muhsin Khan
Safi-ur-Rahman al-Mubarakpuri
Saheeh International
Talal Itani
Transliteration
Wahiduddin Khan
بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ
In the name of Allah, Most Gracious, Most Merciful.
68:1
نٓ ۚ وَٱلْقَلَمِ وَمَا يَسْطُرُونَ
68:1
نٓ قَلَم جو قسم آھي ۽ اُن جو به جيڪي لکندا آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
68:2
مَآ أَنتَ بِنِعْمَةِ رَبِّكَ بِمَجْنُونٍ
68:2
ته تون پنھنجي پالڻھار جي فضل سان ڪو چريو نه آھين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
68:3
وَإِنَّ لَكَ لَأَجْرًا غَيْرَ مَمْنُونٍ
68:3
۽ بيشڪ تولاءِ اڻ کٽ ثواب آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
68:4
وَإِنَّكَ لَعَلَىٰ خُلُقٍ عَظِيمٍ
68:4
۽ بيشڪ تون وڏي خُلق تي آھين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
68:5
فَسَتُبْصِرُ وَيُبْصِرُونَ
68:5
پوءِ سگھوئي ڏسندين ۽ اُھي (به) ڏسندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
68:6
بِأَييِّكُمُ ٱلْمَفْتُونُ
68:6
ته اوھان مان ڪير چريو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
68:7
إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعْلَمُ بِمَن ضَلَّ عَن سَبِيلِهِۦ وَهُوَ أَعْلَمُ بِٱلْمُهْتَدِينَ
68:7
بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي انھيءَ کي تمام چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي جيڪو سندس واٽ کان گمراھ ٿيو، ۽ اھو سنئين واٽ ويندڙن کي به تمام چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
68:8
فَلَا تُطِعِ ٱلْمُكَذِّبِينَ
68:8
تنھنڪري ڪوڙ ڀائيندڙن جو چيو نه مڃ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
68:9
وَدُّوا۟ لَوْ تُدْهِنُ فَيُدْهِنُونَ
68:9
اُھي گھرندا آھن ته جيڪڏھن نرمي ڪرين ته اُھي به نرمي ڪن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
68:10
وَلَا تُطِعْ كُلَّ حَلَّافٍ مَّهِينٍ
68:10
۽ تون سڀڪنھن وڏي قسميءَ خوار جو چيو نه مڃ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
68:11
هَمَّازٍ مَّشَّآءٍۭ بِنَمِيمٍ
68:11
(جو) گھڻو عيب لائيندڙ چغلي ھڻندڙ گھمندڙ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
68:12
مَّنَّاعٍ لِّلْخَيْرِ مُعْتَدٍ أَثِيمٍ
68:12
خير کان جھليندڙ حد کان لنگھيل گنھگار. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
68:13
عُتُلٍّۭ بَعْدَ ذَٰلِكَ زَنِيمٍ
68:13
بدعادتو اِن سڀنيءَ کانپوءِ (حرامي (به) ھجي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
68:14
أَن كَانَ ذَا مَالٍ وَبَنِينَ
68:14
انھي ڪري جو مال ۽ اولاد وارو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
68:15
إِذَا تُتْلَىٰ عَلَيْهِ ءَايَـٰتُنَا قَالَ أَسَـٰطِيرُ ٱلْأَوَّلِينَ
68:15
جڏھن وٽس اسان جون آيتون پڙھجن (تڏھن) چوي ته اڳين جون آکاڻيون آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
68:16
سَنَسِمُهُۥ عَلَى ٱلْخُرْطُومِ
68:16
سگھوئي کيس سونڍ تي داغ ڏينداسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
68:17
إِنَّا بَلَوْنَـٰهُمْ كَمَا بَلَوْنَآ أَصْحَـٰبَ ٱلْجَنَّةِ إِذْ أَقْسَمُوا۟ لَيَصْرِمُنَّهَا مُصْبِحِينَ
68:17
بيشڪ اسان ھنن کي (اھڙي طرح) آزمايو جھڙي طرح باغ وارن کي آزمايو ھوسون، جڏھن قسم کنيائون ته سويرو (ئي) اُن پوک کي ضرور لُڻندا (سين). - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
68:18
وَلَا يَسْتَثْنُونَ
68:18
۽ اِنشاءَالله نه چيائون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
68:19
فَطَافَ عَلَيْهَا طَآئِفٌ مِّن رَّبِّكَ وَهُمْ نَآئِمُونَ
68:19
پوءِ تنھنجي پالڻھار (جي پار) کان اُن (باغ) تي ھڪ (اھڙي) بلا پلٽي ۽ اُھي (اڃا) سمھيل ئي ھوا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
68:20
فَأَصْبَحَتْ كَٱلصَّرِيمِ
68:20
جو (اُھو) ناڙ وانگر ٿي پيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
68:21
فَتَنَادَوْا۟ مُصْبِحِينَ
68:21
پوءِ سويرو ھڪ ٻئي کي سڏڻ لڳا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
68:22
أَنِ ٱغْدُوا۟ عَلَىٰ حَرْثِكُمْ إِن كُنتُمْ صَـٰرِمِينَ
68:22
جيڪڏھن اوھين لاباري ڪرڻ وارا آھيو ته پوءِ پنھنجي پوک تي سويرو ھلو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
68:23
فَٱنطَلَقُوا۟ وَهُمْ يَتَخَـٰفَتُونَ
68:23
پوءِ اُھي ھليا ۽ ھڪ ٻئي کي ھوريان چوڻ لڳا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
68:24
أَن لَّا يَدْخُلَنَّهَا ٱلْيَوْمَ عَلَيْكُم مِّسْكِينٌ
68:24
ته (جئن) ھن (پوک) ۾ اڄ اوھان وٽ ڪو مسڪين اندر اچي نه سگھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
68:25
وَغَدَوْا۟ عَلَىٰ حَرْدٍ قَـٰدِرِينَ
68:25
۽ (پنھنجي گمان ۾) بخل (جي نيت) تي سگھارا ٿي سويرو پھتا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
68:26
فَلَمَّا رَأَوْهَا قَالُوٓا۟ إِنَّا لَضَآلُّونَ
68:26
پوءِ جنھن مھل اُن (پوک) کي ڏٺائون (ته) چيائون ته بيشڪ اسين رستو ڀليل آھيون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
68:27
بَلْ نَحْنُ مَحْرُومُونَ
68:27
(نه نه!) بلڪ اسين بي نصيب (ٿيل) آھيون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
68:28
قَالَ أَوْسَطُهُمْ أَلَمْ أَقُل لَّكُمْ لَوْلَا تُسَبِّحُونَ
68:28
سندن چڱي (مڙس) چيو ته اوھان کي نه چيو ھومِ ڇا ته الله جي پاڪائي ڇونه ٿا بيان ڪريو؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
68:29
قَالُوا۟ سُبْحَـٰنَ رَبِّنَآ إِنَّا كُنَّا ظَـٰلِمِينَ
68:29
چيائون ته (اسين) پنھنجي پالڻھار جي پاڪائي بيان ڪريون ٿا ۽ بيشڪ (انھي نيت ڪري) ظالم ھواسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
68:30
فَأَقْبَلَ بَعْضُهُمْ عَلَىٰ بَعْضٍ يَتَلَـٰوَمُونَ
68:30
پوءِ ھڪ ٻئي کي ملامت ڪندڙ ٿي ھڪڙن ٻـين ڏانھن مھاڙ ڪئي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
68:31
قَالُوا۟ يَـٰوَيْلَنَآ إِنَّا كُنَّا طَـٰغِينَ
68:31
چوڻ لڳا ته ويل اسان لاءِ بيشڪ اسين حد کان لنگھندڙ ھواسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
68:32
عَسَىٰ رَبُّنَآ أَن يُبْدِلَنَا خَيْرًا مِّنْهَآ إِنَّآ إِلَىٰ رَبِّنَا رَٰغِبُونَ
68:32
مانَ اسان جو پالڻھار اسان کي ھن کان ڀلو (ٻيو باغ) بدلو ڏئي بيشڪ اسين پنھنجي پالڻھار ڏانھن اُميد رکندڙ آھيون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
68:33
كَذَٰلِكَ ٱلْعَذَابُ ۖ وَلَعَذَابُ ٱلْـَٔاخِرَةِ أَكْبَرُ ۚ لَوْ كَانُوا۟ يَعْلَمُونَ
68:33
ائين ئي آفت (پوڻي) آھي، ۽ بيشڪ آخرت جو عذاب تمام وڏو آھي، ارمان! جيڪڏھن سمجھن ھا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
68:34
إِنَّ لِلْمُتَّقِينَ عِندَ رَبِّهِمْ جَنَّـٰتِ ٱلنَّعِيمِ
68:34
بيشڪ پرھيزگارن لاءِ سندن پالڻھار وٽ نعمت جا باغ آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
68:35
أَفَنَجْعَلُ ٱلْمُسْلِمِينَ كَٱلْمُجْرِمِينَ
68:35
مسلمانن کي گنھگارن جھڙو ڪنداسون ڇا؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
68:36
مَا لَكُمْ كَيْفَ تَحْكُمُونَ
68:36
اوھان کي ڇا ٿيو آھي؟ ڪھڙو ٺھراءُ ٿا ڪيو؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
68:37
أَمْ لَكُمْ كِتَـٰبٌ فِيهِ تَدْرُسُونَ
68:37
اوھان وٽ ڪو ڪتاب آھي ڇا جنھن ۾ (ھيءَ ڳالھ) پڙھندا آھيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
68:38
إِنَّ لَكُمْ فِيهِ لَمَا تَخَيَّرُونَ
68:38
ته بيشڪ جيڪي اوھين پسند ڪندا آھيو سو آخرت ۾ اوھان لاءِ ھوندو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
68:39
أَمْ لَكُمْ أَيْمَـٰنٌ عَلَيْنَا بَـٰلِغَةٌ إِلَىٰ يَوْمِ ٱلْقِيَـٰمَةِ ۙ إِنَّ لَكُمْ لَمَا تَحْكُمُونَ
68:39
اوھان جا اسان جي ذمي (ھن ڳالھ جا) ڪي پڪا انجام ٿيل آھن ڇا جو اُنھن جو قيامت تائين حُڪم ھلندو ته بيشڪ جيڪو ٺھراءُ ڪريو ٿا سو اوھان لاءِ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
68:40
سَلْهُمْ أَيُّهُم بِذَٰلِكَ زَعِيمٌ
68:40
(اي پيغمبر) مشرڪن کان پڇ ته انھن مان ڪير ھن (ڳالھ) جو ذمي وار آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
68:41
أَمْ لَهُمْ شُرَكَآءُ فَلْيَأْتُوا۟ بِشُرَكَآئِهِمْ إِن كَانُوا۟ صَـٰدِقِينَ
68:41
انھن (مشرڪن) کي (ھن ڳالھ ۾) ڪي شريڪ آھن ڇا؟ جيڪڏھن سچا آھن ته جڳائين ته پنھنجي شريڪن کي (مدد لاءِ) آڻين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
68:42
يَوْمَ يُكْشَفُ عَن سَاقٍ وَيُدْعَوْنَ إِلَى ٱلسُّجُودِ فَلَا يَسْتَطِيعُونَ
68:42
جنھن ڏينھن پنّي جي تجلّي ٿيندي ۽ اُنھن کي سجدي ڏانھن سڏبو پوءِ نه ڪري سگھندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
68:43
خَـٰشِعَةً أَبْصَـٰرُهُمْ تَرْهَقُهُمْ ذِلَّةٌ ۖ وَقَدْ كَانُوا۟ يُدْعَوْنَ إِلَى ٱلسُّجُودِ وَهُمْ سَـٰلِمُونَ
68:43
انھن جون اکيون جھڪيون ھونديون. (۽) کين خواري وٺي ويندي، ۽ بيشڪ اُنھن کي سجدي ڏانھن سڏبو ھو حالانڪ اُھي چڱا ڀلا (به) ھوا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
68:44
فَذَرْنِى وَمَن يُكَذِّبُ بِهَـٰذَا ٱلْحَدِيثِ ۖ سَنَسْتَدْرِجُهُم مِّنْ حَيْثُ لَا يَعْلَمُونَ
68:44
پوءِ (اي پيغمبر) مون کي ۽ انھيءَ کي جو ھن (قرآن جي) ڳالھ کي ڪوڙ ڀائيندو آھي ڇڏي ڏي، (اسين) انھن کي درجي بدرجي (اُتان دوزخ ۾) ڇڪينداسون جتان اُھي نه ڄاڻندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
68:45
وَأُمْلِى لَهُمْ ۚ إِنَّ كَيْدِى مَتِينٌ
68:45
انھن کي مُھلت ڏيان ٿو، بيشڪ منھنجي رِٿ پڪي آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
68:46
أَمْ تَسْـَٔلُهُمْ أَجْرًا فَهُم مِّن مَّغْرَمٍ مُّثْقَلُونَ
68:46
انھن کان ڪو اجورو گھرندو آھين ڇا جنھنڪري (ان) چٽيءَ کان ڳوري بار آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
68:47
أَمْ عِندَهُمُ ٱلْغَيْبُ فَهُمْ يَكْتُبُونَ
68:47
(يا) انھن وٽ ڪو ڳجھ (جو علم) آھي ڇا جو اھي لکندا آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
68:48
فَٱصْبِرْ لِحُكْمِ رَبِّكَ وَلَا تَكُن كَصَاحِبِ ٱلْحُوتِ إِذْ نَادَىٰ وَهُوَ مَكْظُومٌ
68:48
پوءِ (تون) پنھنجي پالڻھار جي حُڪم (اچڻ) تائين صبر ڪر ۽ مڇيءَ واري (يونس) وانگر نه ھُج، جڏھن دانھن ڪيائين ۽ اُھو ڏک ۾ ڀرجي ويو ھو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
68:49
لَّوْلَآ أَن تَدَٰرَكَهُۥ نِعْمَةٌ مِّن رَّبِّهِۦ لَنُبِذَ بِٱلْعَرَآءِ وَهُوَ مَذْمُومٌ
68:49
جيڪڏھن کيس سندس پالڻھار جي طرفان رحمت نه پھچي ھا ته ضرور سُڃ ۾ اڇليو وڃي ھا ۽ اُھو بڇڙي حال ھجي ھا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
68:50
فَٱجْتَبَـٰهُ رَبُّهُۥ فَجَعَلَهُۥ مِنَ ٱلصَّـٰلِحِينَ
68:50
پوءِ سندس پالڻھار کيس نوازيو ۽ صالحن مان ڪيائينس. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
68:51
وَإِن يَكَادُ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ لَيُزْلِقُونَكَ بِأَبْصَـٰرِهِمْ لَمَّا سَمِعُوا۟ ٱلذِّكْرَ وَيَقُولُونَ إِنَّهُۥ لَمَجْنُونٌ
68:51
۽ بيشڪ ڪافر جڏھن قرآن ٻڌندا آھن (تڏھن) توکي پنھنجن (تکين) اکين سان ٿيڙڻ تي آھن ۽ چوندا آھن ته بيشڪ ھي (پيغمبر) چريو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
68:52
وَمَا هُوَ إِلَّا ذِكْرٌ لِّلْعَـٰلَمِينَ
68:52
۽ (حقيقت ۾) ھي (قرآن) ته جھانن لاءِ نصيحت آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)