Selected

Original Text
Taj Mehmood Amroti

Available Translations

86 Aţ-Ţāriq ٱلطَّارِق

< Previous   17 Āyah   The Nightcommer      Next >  

بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ
In the name of Allah, Most Gracious, Most Merciful.

86:1 وَٱلسَّمَآءِ وَٱلطَّارِقِ
86:1 آسمان جو ۽ رات جي وقت ۾ ايندڙ جو قسم آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

86:2 وَمَآ أَدْرَىٰكَ مَا ٱلطَّارِقُ
86:2 ۽ ڪنھن سمجھايئي ته رات جو ايندڙ ڇا آھي؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

86:3 ٱلنَّجْمُ ٱلثَّاقِبُ
86:3 (اُھو) چمڪندڙ تارو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

86:4 إِن كُلُّ نَفْسٍ لَّمَّا عَلَيْهَا حَافِظٌ
86:4 ته ڪو جيءُ اھڙو ڪونھي جنھن تي ھڪ نگھبان مقرر ٿيل (نه) آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

86:5 فَلْيَنظُرِ ٱلْإِنسَـٰنُ مِمَّ خُلِقَ
86:5 تنھنڪري ماڻھوءَ کي گھرجي ته نھاري ڏسي ته کيس ڇا مان بڻايو ويو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

86:6 خُلِقَ مِن مَّآءٍ دَافِقٍ
86:6 ٽپي سان نڪرندڙ پاڻي مان بڻايو ويس. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

86:7 يَخْرُجُ مِنۢ بَيْنِ ٱلصُّلْبِ وَٱلتَّرَآئِبِ
86:7 جو پُٺيءَ ۽ اُرھ جي وچ مان نڪرندو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

86:8 إِنَّهُۥ عَلَىٰ رَجْعِهِۦ لَقَادِرٌ
86:8 بيشڪ الله سندس وري موٽائڻ تي وس وارو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

86:9 يَوْمَ تُبْلَى ٱلسَّرَآئِرُ
86:9 جنھن ڏينھن (ماڻھن جي دلين جا) سڀ ڳُجھ جاچيا ويندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

86:10 فَمَا لَهُۥ مِن قُوَّةٍ وَلَا نَاصِرٍ
86:10 پوءِ تنھن ڏينھن ڪانه اُن کي سگھ رھندي ۽ نڪو واھرو (ھوندس). - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

86:11 وَٱلسَّمَآءِ ذَاتِ ٱلرَّجْعِ
86:11 ۽ مينھن واري آسمان جو قسم آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

86:12 وَٱلْأَرْضِ ذَاتِ ٱلصَّدْعِ
86:12 ۽ ڦاٽن واريءَ زمين جو (به) قسم آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

86:13 إِنَّهُۥ لَقَوْلٌ فَصْلٌ
86:13 ته بيشڪ قرآن ھڪ فيصلو ڪندڙ ڳالھ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

86:14 وَمَا هُوَ بِٱلْهَزْلِ
86:14 ۽ ھيُ قرآن ڪا ٺـٺولي (جي ڳالھ) نه آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

86:15 إِنَّهُمْ يَكِيدُونَ كَيْدًا
86:15 بيشڪ ڪافر ھڪ (طرح جي) ڳجھي رٿ رٿين ٿا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

86:16 وَأَكِيدُ كَيْدًا
86:16 ۽ (آءٌ به) ھڪ (طرح جي) رٿ رٿيان ٿو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

86:17 فَمَهِّلِ ٱلْكَـٰفِرِينَ أَمْهِلْهُمْ رُوَيْدًۢا
86:17 پوءِ ڪافرن کي ڍر ڏي ۽ ٿوري مُدت کين ڇڏي ڏي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)