Selected
Original Text
Taj Mehmood Amroti
Abdullah Yusuf Ali
Abdul Majid Daryabadi
Abul Ala Maududi
Ahmed Ali
Ahmed Raza Khan
A. J. Arberry
Ali Quli Qarai
Hasan al-Fatih Qaribullah and Ahmad Darwish
Mohammad Habib Shakir
Mohammed Marmaduke William Pickthall
Muhammad Sarwar
Muhammad Taqi-ud-Din al-Hilali and Muhammad Muhsin Khan
Safi-ur-Rahman al-Mubarakpuri
Saheeh International
Talal Itani
Transliteration
Wahiduddin Khan
بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ
In the name of Allah, Most Gracious, Most Merciful.
85:1
وَٱلسَّمَآءِ ذَاتِ ٱلْبُرُوجِ
85:1
بُرجن واري آسمان جو قسم آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
85:2
وَٱلْيَوْمِ ٱلْمَوْعُودِ
85:2
۽ وعدي ڪيل ڏينھن جو قسم آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
85:3
وَشَاهِدٍ وَمَشْهُودٍ
85:3
۽ حاضر ٿيڻ واري ۽ جنھن وٽ حاضر ڪيو وڃي تنھن جو قسم آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
85:4
قُتِلَ أَصْحَـٰبُ ٱلْأُخْدُودِ
85:4
ته کاھين وارا ماريا وڃن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
85:5
ٱلنَّارِ ذَاتِ ٱلْوَقُودِ
85:5
جا باھ گھڻي ٻَل واري ھئي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
85:6
إِذْ هُمْ عَلَيْهَا قُعُودٌ
85:6
جڏھن اُھي اُنھن باھ جي (کاھين) تي ويٺل ھوا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
85:7
وَهُمْ عَلَىٰ مَا يَفْعَلُونَ بِٱلْمُؤْمِنِينَ شُهُودٌ
85:7
۽ جيڪي اُنھن مسلمانن سان (ظلم) ٿي ڪيو تنھن کي روبرو ڏسڻ وارا ھوا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
85:8
وَمَا نَقَمُوا۟ مِنْهُمْ إِلَّآ أَن يُؤْمِنُوا۟ بِٱللَّهِ ٱلْعَزِيزِ ٱلْحَمِيدِ
85:8
۽ انھن ھن کانسواءِ (ٻيءَ) ڪنھن ڳالھ جو وير نه ٿي ورتو ته انھن اُنھيءَ غالب ساراھيل الله تي ايمان آندو ھو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
85:9
ٱلَّذِى لَهُۥ مُلْكُ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ ۚ وَٱللَّهُ عَلَىٰ كُلِّ شَىْءٍ شَهِيدٌ
85:9
جنھن کي آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي آھي، ۽ الله سڀ شيءَ جي خبر رکندڙ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
85:10
إِنَّ ٱلَّذِينَ فَتَنُوا۟ ٱلْمُؤْمِنِينَ وَٱلْمُؤْمِنَـٰتِ ثُمَّ لَمْ يَتُوبُوا۟ فَلَهُمْ عَذَابُ جَهَنَّمَ وَلَهُمْ عَذَابُ ٱلْحَرِيقِ
85:10
بيشڪ جن (ماڻھن) مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي ايذايو وري توبه نه ڪيائون تن لاءِ دوزخ جو عذاب آھي ۽ اُنھن لاءِ سڙڻ جو عذاب (به) آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
85:11
إِنَّ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّـٰلِحَـٰتِ لَهُمْ جَنَّـٰتٌ تَجْرِى مِن تَحْتِهَا ٱلْأَنْهَـٰرُ ۚ ذَٰلِكَ ٱلْفَوْزُ ٱلْكَبِيرُ
85:11
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اھڙا باغ آھن جن جي ھيٺان واھيون پيون وھن، اھا وڏي مراد ماڻڻ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
85:12
إِنَّ بَطْشَ رَبِّكَ لَشَدِيدٌ
85:12
بيشڪ تنھنجي پالڻھار جي پڪڙ بلڪل سخت آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
85:13
إِنَّهُۥ هُوَ يُبْدِئُ وَيُعِيدُ
85:13
بيشڪ اُھو پھريون دفعو بڻائي ٿو ۽ وري ٻيھر موٽائيندو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
85:14
وَهُوَ ٱلْغَفُورُ ٱلْوَدُودُ
85:14
۽ اُھو بخشڻھار پيار رکندڙ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
85:15
ذُو ٱلْعَرْشِ ٱلْمَجِيدُ
85:15
(جو) عرش جو مالڪ تمام وڏي شان وارو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
85:16
فَعَّالٌ لِّمَا يُرِيدُ
85:16
جيڪي گھري سو ڪرڻ وارو ئي آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
85:17
هَلْ أَتَىٰكَ حَدِيثُ ٱلْجُنُودِ
85:17
تو وٽ لشڪرن جي خبر (نه) آئي آھي ڇا؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
85:18
فِرْعَوْنَ وَثَمُودَ
85:18
(يعني) فرعون ۽ ثمود جي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
85:19
بَلِ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ فِى تَكْذِيبٍ
85:19
بلڪ ڪافر ڪوڙ ڀانئڻ ۾ (لڳا پيا) آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
85:20
وَٱللَّهُ مِن وَرَآئِهِم مُّحِيطٌۢ
85:20
۽ الله سندن چؤڦير گھيرو ڪندڙ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
85:21
بَلْ هُوَ قُرْءَانٌ مَّجِيدٌ
85:21
بلڪ ھي سڳورو قرآن آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
85:22
فِى لَوْحٍ مَّحْفُوظٍۭ
85:22
حفاظت ڪيل تختي ۾ لکيل آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)