Selected
Original Text
Taj Mehmood Amroti
Abdullah Yusuf Ali
Abdul Majid Daryabadi
Abul Ala Maududi
Ahmed Ali
Ahmed Raza Khan
A. J. Arberry
Ali Quli Qarai
Hasan al-Fatih Qaribullah and Ahmad Darwish
Mohammad Habib Shakir
Mohammed Marmaduke William Pickthall
Muhammad Sarwar
Muhammad Taqi-ud-Din al-Hilali and Muhammad Muhsin Khan
Safi-ur-Rahman al-Mubarakpuri
Saheeh International
Talal Itani
Transliteration
Wahiduddin Khan
بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ
In the name of Allah, Most Gracious, Most Merciful.
74:1
يَـٰٓأَيُّهَا ٱلْمُدَّثِّرُ
74:1
اي (پاڻتي) ڪپڙي ويڙھڻ وارا مڙس. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
74:2
قُمْ فَأَنذِرْ
74:2
کڙو ٿي پوءِ ڊيڄار. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
74:3
وَرَبَّكَ فَكَبِّرْ
74:3
۽ پنھنجي پالڻھار جي وڏائي بيان ڪر. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
74:4
وَثِيَابَكَ فَطَهِّرْ
74:4
۽ پنھنجا ڪپڙا پاڪ رک. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
74:5
وَٱلرُّجْزَ فَٱهْجُرْ
74:5
۽ پليتي کان پري رھ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
74:6
وَلَا تَمْنُن تَسْتَكْثِرُ
74:6
۽ (اھڙو) احسان نه ڪر جو زيادہ عوض گھرين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
74:7
وَلِرَبِّكَ فَٱصْبِرْ
74:7
۽ پنھنجي پالڻھار (جي حُڪم) لاءِ صبر اختيار ڪر. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
74:8
فَإِذَا نُقِرَ فِى ٱلنَّاقُورِ
74:8
پوءِ جڏھن صُور ۾ ڦوڪبو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
74:9
فَذَٰلِكَ يَوْمَئِذٍ يَوْمٌ عَسِيرٌ
74:9
تڏھن اُن ڏينھن اوکو وقت ٿيندو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
74:10
عَلَى ٱلْكَـٰفِرِينَ غَيْرُ يَسِيرٍ
74:10
ڪافرن تي اڻ سکيو (وقت) ھوندو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
74:11
ذَرْنِى وَمَنْ خَلَقْتُ وَحِيدًا
74:11
مون کي ۽ جنھن کي اڪيلو پيدا ڪيم تنھن کي ڇڏي ڏي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
74:12
وَجَعَلْتُ لَهُۥ مَالًا مَّمْدُودًا
74:12
۽ اُن کي گھڻو مال ڏنم. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
74:13
وَبَنِينَ شُهُودًا
74:13
۽ (مجلسن ۾) حاضر ٿيڻ وارا پُٽ (به ڏنم). - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
74:14
وَمَهَّدتُّ لَهُۥ تَمْهِيدًا
74:14
۽ ان کي پوري طرح وڌايم. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
74:15
ثُمَّ يَطْمَعُ أَنْ أَزِيدَ
74:15
وري (به) لالچ رکندو آھي ته (کيس) وڌيڪ ڏيان. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
74:16
كَلَّآ ۖ إِنَّهُۥ كَانَ لِـَٔايَـٰتِنَا عَنِيدًا
74:16
ائين نه آھي، بيشڪ اُھو اسان جي آيتن سان جھڳڙو ڪندڙ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
74:17
سَأُرْهِقُهُۥ صَعُودًا
74:17
جلد اُن کي وڏي سختي سان تڪليف ڏيندس. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
74:18
إِنَّهُۥ فَكَّرَ وَقَدَّرَ
74:18
بيشڪ اُن دل ۾ سوچ ڪئي ۽ ٺھراءُ ڪيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
74:19
فَقُتِلَ كَيْفَ قَدَّرَ
74:19
پوءِ لعنت ھجيس شال ڪيئن ٺھراء ڪيائين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
74:20
ثُمَّ قُتِلَ كَيْفَ قَدَّرَ
74:20
وري به لعنت ھجيس شال ڪيئن ٺھراءُ ڪيائين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
74:21
ثُمَّ نَظَرَ
74:21
وري (غور ڪري) ڏٺائين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
74:22
ثُمَّ عَبَسَ وَبَسَرَ
74:22
وري منھن ۾ شور وڌائين ۽ گھنڊ پاتائين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
74:23
ثُمَّ أَدْبَرَ وَٱسْتَكْبَرَ
74:23
وري پٺيرو ٿيو ۽ وڏائي ڪيائين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
74:24
فَقَالَ إِنْ هَـٰذَآ إِلَّا سِحْرٌ يُؤْثَرُ
74:24
پوءِ چيائين ته ھي (قرآن) رڳو جادو آھي جو (جادوگرن کان) ھليو اچي ٿو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
74:25
إِنْ هَـٰذَآ إِلَّا قَوْلُ ٱلْبَشَرِ
74:25
ھي (قرآن) رڳو ماڻھوءَ جو ڪلام آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
74:26
سَأُصْلِيهِ سَقَرَ
74:26
جلد اُن کي دوزخ ۾ وجھندس. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
74:27
وَمَآ أَدْرَىٰكَ مَا سَقَرُ
74:27
۽ توکي ڪھڙي شيءَ ڄاڻايو ته دوزخ ڇا آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
74:28
لَا تُبْقِى وَلَا تَذَرُ
74:28
اُھو نڪي ڪجھ (گوشت) رھائي ٿو ۽ نڪي (ھڏا) ڇڏي ٿو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
74:29
لَوَّاحَةٌ لِّلْبَشَرِ
74:29
ماڻھن کي (ساڙي) ڪارو ڪندڙ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
74:30
عَلَيْهَا تِسْعَةَ عَشَرَ
74:30
اُن تي اُڻويہ ڄڻا دربان آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
74:31
وَمَا جَعَلْنَآ أَصْحَـٰبَ ٱلنَّارِ إِلَّا مَلَـٰٓئِكَةً ۙ وَمَا جَعَلْنَا عِدَّتَهُمْ إِلَّا فِتْنَةً لِّلَّذِينَ كَفَرُوا۟ لِيَسْتَيْقِنَ ٱلَّذِينَ أُوتُوا۟ ٱلْكِتَـٰبَ وَيَزْدَادَ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوٓا۟ إِيمَـٰنًا ۙ وَلَا يَرْتَابَ ٱلَّذِينَ أُوتُوا۟ ٱلْكِتَـٰبَ وَٱلْمُؤْمِنُونَ ۙ وَلِيَقُولَ ٱلَّذِينَ فِى قُلُوبِهِم مَّرَضٌ وَٱلْكَـٰفِرُونَ مَاذَآ أَرَادَ ٱللَّهُ بِهَـٰذَا مَثَلًا ۚ كَذَٰلِكَ يُضِلُّ ٱللَّهُ مَن يَشَآءُ وَيَهْدِى مَن يَشَآءُ ۚ وَمَا يَعْلَمُ جُنُودَ رَبِّكَ إِلَّا هُوَ ۚ وَمَا هِىَ إِلَّا ذِكْرَىٰ لِلْبَشَرِ
74:31
۽ دوزخ جا دربان رڳو ملائڪ ڪيا اٿون، ۽ سندن ڳاڻيٽو رڳو ڪافرن لاءِ پرک ڪئي اٿون ته ڪتاب وارا يقين ڪن ۽ ايمان وارا پنھنجي ايمان ۾ وڌن ۽ ڪتاب وارا ۽ مؤمن شڪ ۾ نه پون ۽ ته جن جي دلين ۾ (منافقيءَ جي) بيماري آھي سي ۽ ڪافر چون ته ھن مثال ڏيڻ ۾ الله جو ڇا مطلب آھي، اھڙيءَ طرح الله جنھن کي گھري (تنھن کي) ڀلائيندو آھي ۽ جنھن کي گھري (تنھن کي) ھدايت ڪندو آھي، ۽ تنھنجي پالڻھار جا لشڪر اُن کانسواءِ (ٻيو) ڪونه ڄاڻندو آھي، ۽ ھيءَ (دوزخ) سڀ ڪنھن ماڻھوءَ لاءِ رڳو نصيحت آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
74:32
كَلَّا وَٱلْقَمَرِ
74:32
سچ چوان ٿو چنڊ جو قسم آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
74:33
وَٱلَّيْلِ إِذْ أَدْبَرَ
74:33
۽ رات جو جڏھن پٺ ڦيري. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
74:34
وَٱلصُّبْحِ إِذَآ أَسْفَرَ
74:34
۽ صبح جو (قسم آھي) جڏھن روشن ٿئي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
74:35
إِنَّهَا لَإِحْدَى ٱلْكُبَرِ
74:35
ته بيشڪ دوزخ ھڪ وڏين شين مان آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
74:36
نَذِيرًا لِّلْبَشَرِ
74:36
(سڀڪنھن) ماڻھو کي ڊيڄاريندڙ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
74:37
لِمَن شَآءَ مِنكُمْ أَن يَتَقَدَّمَ أَوْ يَتَأَخَّرَ
74:37
اوھان مان انھي لاءِ جيڪو گھري ته (بھشت) لاءِ اڳي وڌي يا (دوزخ ۾) پٺ تي رھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
74:38
كُلُّ نَفْسٍۭ بِمَا كَسَبَتْ رَهِينَةٌ
74:38
سڀڪو جيءُ پنھنجي ڪئي ۾ ڳه پيل آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
74:39
إِلَّآ أَصْحَـٰبَ ٱلْيَمِينِ
74:39
پر سڄي پاسي وارا (ڇٽل آھن). - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
74:40
فِى جَنَّـٰتٍ يَتَسَآءَلُونَ
74:40
(بھشت جي) باغن ۾ ھوندا، گڏجي پڇندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
74:41
عَنِ ٱلْمُجْرِمِينَ
74:41
ڏوھارين کان. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
74:42
مَا سَلَكَكُمْ فِى سَقَرَ
74:42
ته اوھان کي دوزخ ۾ ڪھڙي ڳالھ وڌو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
74:43
قَالُوا۟ لَمْ نَكُ مِنَ ٱلْمُصَلِّينَ
74:43
چوندا ته نڪي نمازين مان ھواسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
74:44
وَلَمْ نَكُ نُطْعِمُ ٱلْمِسْكِينَ
74:44
۽ نڪي مسڪينن کي کارائيندا ھواسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
74:45
وَكُنَّا نَخُوضُ مَعَ ٱلْخَآئِضِينَ
74:45
۽ بڪواتن سان گڏ بڪوات ڪندا ڪندا ھواسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
74:46
وَكُنَّا نُكَذِّبُ بِيَوْمِ ٱلدِّينِ
74:46
۽ بدلي جي ڏينھن کي ڪوڙ ڀانئيندا ھواسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
74:47
حَتَّىٰٓ أَتَىٰنَا ٱلْيَقِينُ
74:47
تان جو اسان کي موت پھتو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
74:48
فَمَا تَنفَعُهُمْ شَفَـٰعَةُ ٱلشَّـٰفِعِينَ
74:48
پوءِ کين پارت ڪندڙن جي پارت نفعو نه ڏيندي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
74:49
فَمَا لَهُمْ عَنِ ٱلتَّذْكِرَةِ مُعْرِضِينَ
74:49
پوءِ انھن کي ڇا (ٿيو) آھي جو نصيحت کان منھن موڙيندڙ (ٿيا) آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
74:50
كَأَنَّهُمْ حُمُرٌ مُّسْتَنفِرَةٌ
74:50
ڄڻ ته اُھي ٽھندڙ گڏھ آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
74:51
فَرَّتْ مِن قَسْوَرَةٍۭ
74:51
جي شينھن کان ڀڳا ھجن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
74:52
بَلْ يُرِيدُ كُلُّ ٱمْرِئٍ مِّنْهُمْ أَن يُؤْتَىٰ صُحُفًا مُّنَشَّرَةً
74:52
بلڪ منجھائن ھر ھڪ مڙس گھرندو آھي ته کيس (آسمان) مان کليل ڪتاب ڏجن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
74:53
كَلَّا ۖ بَل لَّا يَخَافُونَ ٱلْـَٔاخِرَةَ
74:53
ائين نه آھي، بلڪ آخرت کان نه ٿا ڊڄن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
74:54
كَلَّآ إِنَّهُۥ تَذْكِرَةٌ
74:54
سچ آھي ته بيشڪ قرآن ھڪ نصيحت آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
74:55
فَمَن شَآءَ ذَكَرَهُۥ
74:55
پوءِ جيڪو گُھري سو اُن کي پڙھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
74:56
وَمَا يَذْكُرُونَ إِلَّآ أَن يَشَآءَ ٱللَّهُ ۚ هُوَ أَهْلُ ٱلتَّقْوَىٰ وَأَهْلُ ٱلْمَغْفِرَةِ
74:56
۽ الله جي گھر کانسواءِ (ان کي) ياد ڪري نه سگھندا آھن، (الله) اُھو آھي جنھن کان ڊڄڻ گھرجي ۽ اھو بخشش جو به مالڪ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)