Selected
Original Text
Taj Mehmood Amroti
Abdullah Yusuf Ali
Abdul Majid Daryabadi
Abul Ala Maududi
Ahmed Ali
Ahmed Raza Khan
A. J. Arberry
Ali Quli Qarai
Hasan al-Fatih Qaribullah and Ahmad Darwish
Mohammad Habib Shakir
Mohammed Marmaduke William Pickthall
Muhammad Sarwar
Muhammad Taqi-ud-Din al-Hilali and Muhammad Muhsin Khan
Safi-ur-Rahman al-Mubarakpuri
Saheeh International
Talal Itani
Transliteration
Wahiduddin Khan
بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ
In the name of Allah, Most Gracious, Most Merciful.
69:1
ٱلْحَآقَّةُ
69:1
قيامت. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
69:2
مَا ٱلْحَآقَّةُ
69:2
ڇا آھي (اھا) قيامت. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
69:3
وَمَآ أَدْرَىٰكَ مَا ٱلْحَآقَّةُ
69:3
۽ ڪھڙي شيءِ توکي ڄاڻايو ته قيامت ڇا آھي؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
69:4
كَذَّبَتْ ثَمُودُ وَعَادٌۢ بِٱلْقَارِعَةِ
69:4
ثمود ۽ عاد (قوم) قيامت کي ڪُوڙ ڄاتو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
69:5
فَأَمَّا ثَمُودُ فَأُهْلِكُوا۟ بِٱلطَّاغِيَةِ
69:5
پوءِ ثمود (قوم) سي ته ھڪڙي رڙ سان ناس ڪيا ويا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
69:6
وَأَمَّا عَادٌ فَأُهْلِكُوا۟ بِرِيحٍ صَرْصَرٍ عَاتِيَةٍ
69:6
۽ عاد سي ھڪ بيحد سخت واءُ سان ناس ڪيا ويا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
69:7
سَخَّرَهَا عَلَيْهِمْ سَبْعَ لَيَالٍ وَثَمَـٰنِيَةَ أَيَّامٍ حُسُومًا فَتَرَى ٱلْقَوْمَ فِيهَا صَرْعَىٰ كَأَنَّهُمْ أَعْجَازُ نَخْلٍ خَاوِيَةٍ
69:7
(الله) اُن (واءُ) کي ست راتيون ۽ اٺ ڏينھن لڳولڳ مٿن کڙو ڪيو پوءِ قوم کي اُن (زمين) ۾ ڪريل ڏسين ھا ڄڻ ته اُھي ڀتي کجيءَ جا ٿُڙ آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
69:8
فَهَلْ تَرَىٰ لَهُم مِّنۢ بَاقِيَةٍ
69:8
پوءِ انھن کي ڪجھ بچيل ڏسين ٿو ڇا؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
69:9
وَجَآءَ فِرْعَوْنُ وَمَن قَبْلَهُۥ وَٱلْمُؤْتَفِكَـٰتُ بِٱلْخَاطِئَةِ
69:9
۽ فرعون ۽ جيڪي اُن کان اڳ ھوا ۽ ناس ڪيل شھرن وارا (به) گناھ (جا ڪم) ڪري آيا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
69:10
فَعَصَوْا۟ رَسُولَ رَبِّهِمْ فَأَخَذَهُمْ أَخْذَةً رَّابِيَةً
69:10
۽ پنھنجي پالڻھار جي رسول جي نافرماني ڪيائون تنھنڪري (الله) وڏي پڪڙ سان کين پڪڙيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
69:11
إِنَّا لَمَّا طَغَا ٱلْمَآءُ حَمَلْنَـٰكُمْ فِى ٱلْجَارِيَةِ
69:11
بيشڪ جڏھن پاڻي حد کان لنگھي ويو (تڏھن) اسان اوھان کي ھلندڙ ٻيڙيءَ ۾ چاڙهيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
69:12
لِنَجْعَلَهَا لَكُمْ تَذْكِرَةً وَتَعِيَهَآ أُذُنٌ وَٰعِيَةٌ
69:12
ھن ڪري ته اُن (ڳالھ) کي اوھان لاءِ يادگيري ڪريون ۽ ان کي ڪو ياد رکڻ وارو ڪَنُّ ياد رکي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
69:13
فَإِذَا نُفِخَ فِى ٱلصُّورِ نَفْخَةٌ وَٰحِدَةٌ
69:13
پوءِ جڏھن صُور ۾ ھڪڙي ڦوڪ ڦوڪبي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
69:14
وَحُمِلَتِ ٱلْأَرْضُ وَٱلْجِبَالُ فَدُكَّتَا دَكَّةً وَٰحِدَةً
69:14
۽ زمين ۽ جبل کنيا ويندا پوءِ ھڪ ڀيرو انھن کي ڪٽيو ويندو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
69:15
فَيَوْمَئِذٍ وَقَعَتِ ٱلْوَاقِعَةُ
69:15
پوءِ اُن ڏينھن قيامت قائم ٿيندي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
69:16
وَٱنشَقَّتِ ٱلسَّمَآءُ فَهِىَ يَوْمَئِذٍ وَاهِيَةٌ
69:16
۽ آسمان ڦاٽندو پوءِ اُھو اُن ڏينھن ڍلو ٿيل ھوندو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
69:17
وَٱلْمَلَكُ عَلَىٰٓ أَرْجَآئِهَا ۚ وَيَحْمِلُ عَرْشَ رَبِّكَ فَوْقَهُمْ يَوْمَئِذٍ ثَمَـٰنِيَةٌ
69:17
۽ ملائڪ آسمان جي ڪنارن تي ھوندا، ۽ تنھنجي پالڻھار جو تخت اُن ڏينھن اٺ ملائڪ پنھنجي مٿان کڻندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
69:18
يَوْمَئِذٍ تُعْرَضُونَ لَا تَخْفَىٰ مِنكُمْ خَافِيَةٌ
69:18
اُن ڏينھن اوھان کي (الله جي) آڏو ڪيو ويندو اوھان جي ڪا ڳالھ ڳجھي لڪي نه رھندي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
69:19
فَأَمَّا مَنْ أُوتِىَ كِتَـٰبَهُۥ بِيَمِينِهِۦ فَيَقُولُ هَآؤُمُ ٱقْرَءُوا۟ كِتَـٰبِيَهْ
69:19
پوءِ جنھن کي سندس اعمالنامون سندس سڄي ھٿ ۾ ڏنو ويو سو چوندو ته وٺو منھنجو اعمالنامو پڙھو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
69:20
إِنِّى ظَنَنتُ أَنِّى مُلَـٰقٍ حِسَابِيَهْ
69:20
بيشڪ مون يقين رکيو ھو ته آءٌ پنھنجي حساب کي پھچندس. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
69:21
فَهُوَ فِى عِيشَةٍ رَّاضِيَةٍ
69:21
اُھو چڱي گذران ۾ ھوندو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
69:22
فِى جَنَّةٍ عَالِيَةٍ
69:22
مٿاھين بھشت ۾. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
69:23
قُطُوفُهَا دَانِيَةٌ
69:23
جنھن جا ميوا ويجھا ھوندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
69:24
كُلُوا۟ وَٱشْرَبُوا۟ هَنِيٓـًٔۢا بِمَآ أَسْلَفْتُمْ فِى ٱلْأَيَّامِ ٱلْخَالِيَةِ
69:24
(چئبن ته) وڻنديءَ تي کائو ۽ پيئو انھيءَ ڪري جو گذريل ڏينھن ۾ اڳي موڪليو ھيؤ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
69:25
وَأَمَّا مَنْ أُوتِىَ كِتَـٰبَهُۥ بِشِمَالِهِۦ فَيَقُولُ يَـٰلَيْتَنِى لَمْ أُوتَ كِتَـٰبِيَهْ
69:25
۽ جنھن کي سندس اعمالنامون سندس کٻي ھٿ ۾ ڏنو ويو، سو چوندو ھاءِ ارمان جيڪر منھنجو اعمالنامون مون کي نه ملي ھا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
69:26
وَلَمْ أَدْرِ مَا حِسَابِيَهْ
69:26
نه ڄاڻان ھا ته منھنجو حساب ڇا آھي؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
69:27
يَـٰلَيْتَهَا كَانَتِ ٱلْقَاضِيَةَ
69:27
ھاءِ ارمان جيڪر موت نبيريندڙ ھجي ھا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
69:28
مَآ أَغْنَىٰ عَنِّى مَالِيَهْ ۜ
69:28
منھنجي مال مون کي (ڪو) فائدو نه ڏنو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
69:29
هَلَكَ عَنِّى سُلْطَـٰنِيَهْ
69:29
مون کان منھنجي بادشاھت چٽ ٿي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
69:30
خُذُوهُ فَغُلُّوهُ
69:30
(ملائڪن کي چئبو ته) پڪڙيوس پوءِ ڳچيءَ ۾ ڳٽ ٻڌوس. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
69:31
ثُمَّ ٱلْجَحِيمَ صَلُّوهُ
69:31
وري دوزخ ۾ وجھوس. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
69:32
ثُمَّ فِى سِلْسِلَةٍ ذَرْعُهَا سَبْعُونَ ذِرَاعًا فَٱسْلُكُوهُ
69:32
وري اھڙي زنجير ۾ قابو ڪريوس جنھن جي ڊيگھ ستر گز ھجي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
69:33
إِنَّهُۥ كَانَ لَا يُؤْمِنُ بِٱللَّهِ ٱلْعَظِيمِ
69:33
ڇو ته اُھو (ماڻھو) الله وڏي کي نه مڃيندو ھو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
69:34
وَلَا يَحُضُّ عَلَىٰ طَعَامِ ٱلْمِسْكِينِ
69:34
۽ نڪي (ٻـين کي) مسڪينن جي کارائڻ تي تاڪيد ڪندو ھو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
69:35
فَلَيْسَ لَهُ ٱلْيَوْمَ هَـٰهُنَا حَمِيمٌ
69:35
تنھنڪري اُن جو اڄ ھت ڪو دوست ڪونھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
69:36
وَلَا طَعَامٌ إِلَّا مِنْ غِسْلِينٍ
69:36
۽ نڪي اُن جو ڦٽن جي روڳ کانسواءِ ٻيو ڪو کاڌو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
69:37
لَّا يَأْكُلُهُۥٓ إِلَّا ٱلْخَـٰطِـُٔونَ
69:37
(جو) ڏوھارين کانسواءِ (ٻيو) ڪو ان کي نه کارائيندو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
69:38
فَلَآ أُقْسِمُ بِمَا تُبْصِرُونَ
69:38
پوءِ جيڪي ڏسو ٿا اُن جو قسم کڻان ٿو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
69:39
وَمَا لَا تُبْصِرُونَ
69:39
۽ جيڪي نه ٿا ڏسو تنھن جو (به). - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
69:40
إِنَّهُۥ لَقَوْلُ رَسُولٍ كَرِيمٍ
69:40
ته بيشڪ ھي (قرآن) ھڪ سڳوري قاصد جو سنيھو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
69:41
وَمَا هُوَ بِقَوْلِ شَاعِرٍ ۚ قَلِيلًا مَّا تُؤْمِنُونَ
69:41
۽ اُھو ڪنھن شاعر جو ڪلام نه آھي، اوھين ٿورڙو يقين رکو ٿا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
69:42
وَلَا بِقَوْلِ كَاهِنٍ ۚ قَلِيلًا مَّا تَذَكَّرُونَ
69:42
۽ نڪي ڪنھن ڳجھ بڪندڙ جو ڪلام آھي، ٿوري نصيحت وٺو ٿا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
69:43
تَنزِيلٌ مِّن رَّبِّ ٱلْعَـٰلَمِينَ
69:43
(ھيءُ) جھانن جي پالڻھار کان نازل ٿيل آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
69:44
وَلَوْ تَقَوَّلَ عَلَيْنَا بَعْضَ ٱلْأَقَاوِيلِ
69:44
۽ جيڪڏھن (پيغمبر) اسان تي ڪي ڳالھيون (پاڻون) ٺاھي ھا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
69:45
لَأَخَذْنَا مِنْهُ بِٱلْيَمِينِ
69:45
ته ضرور سڄي ھٿ کان کيس پڪڙيون ھا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
69:46
ثُمَّ لَقَطَعْنَا مِنْهُ ٱلْوَتِينَ
69:46
وري سندس دل جي رڳ وڍي ڇڏيون ھا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
69:47
فَمَا مِنكُم مِّنْ أَحَدٍ عَنْهُ حَـٰجِزِينَ
69:47
پوءِ اوھان مان ڪو ھڪڙو (اسان جي عذاب کي) کانئس جھلڻ وارو نه آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
69:48
وَإِنَّهُۥ لَتَذْكِرَةٌ لِّلْمُتَّقِينَ
69:48
۽ بيشڪ ھي (قرآن) پرھيزگارن لاءِ نصيحت آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
69:49
وَإِنَّا لَنَعْلَمُ أَنَّ مِنكُم مُّكَذِّبِينَ
69:49
۽ بيشڪ اسين ڄاڻون ٿا ته ڪي اوھان مان ڪوڙ ڀانئيندڙ آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
69:50
وَإِنَّهُۥ لَحَسْرَةٌ عَلَى ٱلْكَـٰفِرِينَ
69:50
۽ بيشڪ ھي (قرآن) ڪافرن لاءِ ارمان (جو سبب) آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
69:51
وَإِنَّهُۥ لَحَقُّ ٱلْيَقِينِ
69:51
۽ بيشڪ ھي (قرآن) پورو سَچو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
69:52
فَسَبِّحْ بِٱسْمِ رَبِّكَ ٱلْعَظِيمِ
69:52
تنھنڪري تون پنھنجي وڏي پالڻھار جي نالي کي پاڪائيءَ سان ياد ڪر. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)