Selected

Original Text
Taj Mehmood Amroti

Available Translations

100 Al-`Ādiyāt ٱلْعَادِيَات

< Previous   11 Āyah   The Courser      Next >  

بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ
In the name of Allah, Most Gracious, Most Merciful.

100:1 وَٱلْعَـٰدِيَـٰتِ ضَبْحًا
100:1 ھانبارو ھڻي ڊوڙندڙن گھوڙن جو قَسم آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

100:2 فَٱلْمُورِيَـٰتِ قَدْحًا
100:2 پوءِ پھڻن تي نعلن ھڻڻ سان چڻنگن ڪڍندڙن (گھوڙن) جوقسم آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

100:3 فَٱلْمُغِيرَٰتِ صُبْحًا
100:3 پوءِ صبح جي مھل لُٽ ڪندڙ (گھوڙن) جو قسم آھي - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

100:4 فَأَثَرْنَ بِهِۦ نَقْعًا
100:4 جو اُن مھل رئي اُٿارين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

100:5 فَوَسَطْنَ بِهِۦ جَمْعًا
100:5 پوءِ اُن گھڙي (دشمنن جي) ٽوليءَ جي وچ ۾ پون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

100:6 إِنَّ ٱلْإِنسَـٰنَ لِرَبِّهِۦ لَكَنُودٌ
100:6 ته بيشڪ ماڻھو پنھنجي پالڻھار جو وڏو بي شُڪر آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

100:7 وَإِنَّهُۥ عَلَىٰ ذَٰلِكَ لَشَهِيدٌ
100:7 ۽ بيشڪ اُھو پاڻ انھن تي شاھد آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

100:8 وَإِنَّهُۥ لِحُبِّ ٱلْخَيْرِ لَشَدِيدٌ
100:8 ۽ بيشڪ اھو مال جي محبت ۾ ڏاڍو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

100:9 ۞ أَفَلَا يَعْلَمُ إِذَا بُعْثِرَ مَا فِى ٱلْقُبُورِ
100:9 (اُنھيءَ وقت کي) نه ڄاڻندو آھي ڇا جنھن وقت انھن کي اُٿاربو جيڪي قبرن ۾ نه آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

100:10 وَحُصِّلَ مَا فِى ٱلصُّدُورِ
100:10 ۽ جيڪي سينن ۾ آھي سو پڌرو ڪبو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

100:11 إِنَّ رَبَّهُم بِهِمْ يَوْمَئِذٍ لَّخَبِيرٌۢ
100:11 بيشڪ اُن ڏينھن سندن پالڻھار سندن (حال جي) خبر رکندڙ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)