Selected
                        Original Text
                        
                    
                
                    
                        Taj Mehmood Amroti
                        
                        
                        
                    
                
                Abdullah Yusuf Ali
Abdul Majid Daryabadi
Abul Ala Maududi
Ahmed Ali
Ahmed Raza Khan
A. J. Arberry
Ali Quli Qarai
Hasan al-Fatih Qaribullah and Ahmad Darwish
Mohammad Habib Shakir
Mohammed Marmaduke William Pickthall
Muhammad Sarwar
Muhammad Taqi-ud-Din al-Hilali and Muhammad Muhsin Khan
Safi-ur-Rahman al-Mubarakpuri
Saheeh International
Talal Itani
Transliteration
Wahiduddin Khan
                    بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ
                
                
                    In the name of Allah, Most Gracious, Most Merciful.
                
            
                    53:1
                    وَٱلنَّجْمِ إِذَا هَوَىٰ
                
                
                
                
                
                    53:1
                    ستاري جو قسم آھي جڏھن لھي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:2
                    مَا ضَلَّ صَاحِبُكُمْ وَمَا غَوَىٰ
                
                
                
                
                
                    53:2
                    ته اوھان جو (ھي) سنگتي (محمّد) نڪي ڀُلو ۽ نڪي بي راھو ھليو.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:3
                    وَمَا يَنطِقُ عَنِ ٱلْهَوَىٰٓ
                
                
                
                
                
                    53:3
                    ۽ نڪي (نفس جي) سَڌ کان ڳالھائيندو آھي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:4
                    إِنْ هُوَ إِلَّا وَحْىٌ يُوحَىٰ
                
                
                
                
                
                    53:4
                    ھيُ قرآن رڳو وحي آھي جو موڪليو ويندو آھي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:5
                    عَلَّمَهُۥ شَدِيدُ ٱلْقُوَىٰ
                
                
                
                
                
                    53:5
                    اُن کي ڏاڍي سگھ واري سيکاريو آھي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:6
                    ذُو مِرَّةٍ فَٱسْتَوَىٰ
                
                
                
                
                
                    53:6
                    جو زور وارو آھي، پوءِ اُھو سِڌو بيٺو.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:7
                    وَهُوَ بِٱلْأُفُقِ ٱلْأَعْلَىٰ
                
                
                
                
                
                    53:7
                    ۽ اُھو (آسمان جي) مٿاھين ڪناري تي ھو.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:8
                    ثُمَّ دَنَا فَتَدَلَّىٰ
                
                
                
                
                
                    53:8
                    وري ويجھو ٿيو پوءِ ھيٺ لٿو.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:9
                    فَكَانَ قَابَ قَوْسَيْنِ أَوْ أَدْنَىٰ
                
                
                
                
                
                    53:9
                    پوءِ ٻن ڪمانن جيتري وِٿي ھئي يا (اُن کان به) تمام ويجھو ھو.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:10
                    فَأَوْحَىٰٓ إِلَىٰ عَبْدِهِۦ مَآ أَوْحَىٰ
                
                
                
                
                
                    53:10
                    پوءِ الله جي ٻانھي ڏانھن پيغام پھچايائين جيڪي پھچايائين.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:11
                    مَا كَذَبَ ٱلْفُؤَادُ مَا رَأَىٰٓ
                
                
                
                
                
                    53:11
                    جيڪي (پيغمبر جي) دل ڏٺو سو اُن ڪوڙ نه ڄاتو.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:12
                    أَفَتُمَـٰرُونَهُۥ عَلَىٰ مَا يَرَىٰ
                
                
                
                
                
                    53:12
                    جيڪي (پيغمبر) ڏسندو آھي تنھن ۾ اُن سان جھڳڙو ڇو ڪندا آھيو؟  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:13
                    وَلَقَدْ رَءَاهُ نَزْلَةً أُخْرَىٰ
                
                
                
                
                
                    53:13
                    ۽ بيشڪ اُنھيءَ (ملائڪ) کي (انھيءَ مھل) ٻيو ڀيرو (سندس اصلي صورت ۾) ڏٺو ھوائين.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:14
                    عِندَ سِدْرَةِ ٱلْمُنتَهَىٰ
                
                
                
                
                
                    53:14
                    سِدۡرَةُ الۡمُنۡتَھىٰ وٽ.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:15
                    عِندَهَا جَنَّةُ ٱلْمَأْوَىٰٓ
                
                
                
                
                
                    53:15
                    اُن وٽ رھڻ جو بھشت آھي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:16
                    إِذْ يَغْشَى ٱلسِّدْرَةَ مَا يَغْشَىٰ
                
                
                
                
                
                    53:16
                    جنھن مھل سِدرة کي انھيءَ ٿي ڍڪيو جنھن ڍڪيو ٿي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:17
                    مَا زَاغَ ٱلْبَصَرُ وَمَا طَغَىٰ
                
                
                
                
                
                    53:17
                    (پيغمبر جي اک) نڪي لڙي ۽ نڪي حد کان لنگھي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:18
                    لَقَدْ رَأَىٰ مِنْ ءَايَـٰتِ رَبِّهِ ٱلْكُبْرَىٰٓ
                
                
                
                
                
                    53:18
                    بيشڪ ڪي وڏيون نشانيون پنھنجي پالڻھار جون ڏٺائين.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:19
                    أَفَرَءَيْتُمُ ٱللَّـٰتَ وَٱلْعُزَّىٰ
                
                
                
                
                
                    53:19
                    لات ۽ عُزّىٰ کي ڏٺو اَٿوَ ڇا؟  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:20
                    وَمَنَوٰةَ ٱلثَّالِثَةَ ٱلْأُخْرَىٰٓ
                
                
                
                
                
                    53:20
                    ۽ پوئين ٽين منات کي به؟  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:21
                    أَلَكُمُ ٱلذَّكَرُ وَلَهُ ٱلْأُنثَىٰ
                
                
                
                
                
                    53:21
                    ڇا اوھان لاءِ پٽ آھن ۽ الله لاءِ ڌيئرون.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:22
                    تِلْكَ إِذًا قِسْمَةٌ ضِيزَىٰٓ
                
                
                
                
                
                    53:22
                    اِھو ورھاڱو اُنھيءَ مھل بي انصافيءَ وارو آھي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:23
                    إِنْ هِىَ إِلَّآ أَسْمَآءٌ سَمَّيْتُمُوهَآ أَنتُمْ وَءَابَآؤُكُم مَّآ أَنزَلَ ٱللَّهُ بِهَا مِن سُلْطَـٰنٍ ۚ إِن يَتَّبِعُونَ إِلَّا ٱلظَّنَّ وَمَا تَهْوَى ٱلْأَنفُسُ ۖ وَلَقَدْ جَآءَهُم مِّن رَّبِّهِمُ ٱلْهُدَىٰٓ
                
                
                
                
                
                    53:23
                    اھي (سڀ) رڳا نالا آھن جي اوھان پاڻ ۽ اوھان جي پِين ڏاڏن مُقرّر ڪيا آھن الله اُن (جي ثابتيءَ) جو ڪو دليل نازل نه ڪيو آھي، (ھيُ) رڳو گمان تي ھلندا آھن ۽ جيڪي (سندن) جيءَ سَڌ ڪندا آھن (تنھن تي به)، ۽ بيشڪ سندن پالڻھار کان وٽن ھدايت آئي آھي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:24
                    أَمْ لِلْإِنسَـٰنِ مَا تَمَنَّىٰ
                
                
                
                
                
                    53:24
                    ماڻھو جيڪا سڌ ڪندو آھي سا کيس ملندي ڇا؟  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:25
                    فَلِلَّهِ ٱلْـَٔاخِرَةُ وَٱلْأُولَىٰ
                
                
                
                
                
                    53:25
                    پوءِ ھو جَڳ ۽ ھيُ جَڳ الله جو آھي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:26
                    ۞ وَكَم مِّن مَّلَكٍ فِى ٱلسَّمَـٰوَٰتِ لَا تُغْنِى شَفَـٰعَتُهُمْ شَيْـًٔا إِلَّا مِنۢ بَعْدِ أَن يَأْذَنَ ٱللَّهُ لِمَن يَشَآءُ وَيَرْضَىٰٓ
                
                
                
                
                
                    53:26
                    ۽ آسمانن ۾ ڪيترائي ملائڪ آھن جن جي پارت ذري جيترو به نفعو نه ڪندي پر الله جي موڪل ڏيڻ کانپوءِ جنھن لاءِ گھري ۽ راضي ٿئي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:27
                    إِنَّ ٱلَّذِينَ لَا يُؤْمِنُونَ بِٱلْـَٔاخِرَةِ لَيُسَمُّونَ ٱلْمَلَـٰٓئِكَةَ تَسْمِيَةَ ٱلْأُنثَىٰ
                
                
                
                
                
                    53:27
                    بيشڪ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن سي ملائڪن تي ڌيئرن جا نالا رکندا آھن.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:28
                    وَمَا لَهُم بِهِۦ مِنْ عِلْمٍ ۖ إِن يَتَّبِعُونَ إِلَّا ٱلظَّنَّ ۖ وَإِنَّ ٱلظَّنَّ لَا يُغْنِى مِنَ ٱلْحَقِّ شَيْـًٔا
                
                
                
                
                
                    53:28
                    ۽ کين ان (ڳالھ) جي ڪا خبر نه آھي، رُڳو گمان تي ھلندا آھن، ۽ بيشڪ گمان حقيقت جي سڃاڻڻ ۾ ڪجھ به نفعو نه ڏيندو آھي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:29
                    فَأَعْرِضْ عَن مَّن تَوَلَّىٰ عَن ذِكْرِنَا وَلَمْ يُرِدْ إِلَّا ٱلْحَيَوٰةَ ٱلدُّنْيَا
                
                
                
                
                
                    53:29
                    پوءِ (اي پيغمبر) انھيءَ کان منھن موڙ جنھن اسان جي ياد ڪرڻ کان مُنھن ڦيرايو ۽ دنيا جي حياتيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه گھريائين.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:30
                    ذَٰلِكَ مَبْلَغُهُم مِّنَ ٱلْعِلْمِ ۚ إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعْلَمُ بِمَن ضَلَّ عَن سَبِيلِهِۦ وَهُوَ أَعْلَمُ بِمَنِ ٱهْتَدَىٰ
                
                
                
                
                
                    53:30
                    اھا سندن علم جي پڄاڻي آھي، بيشڪ تنھنجو پالڻھار اُنھيءَ کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آھي جيڪو سندس واٽ کان ڀُلو ۽ جيڪو سڌي رستي ھليو تنھنکي (به) اُھو چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:31
                    وَلِلَّهِ مَا فِى ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَمَا فِى ٱلْأَرْضِ لِيَجْزِىَ ٱلَّذِينَ أَسَـٰٓـُٔوا۟ بِمَا عَمِلُوا۟ وَيَجْزِىَ ٱلَّذِينَ أَحْسَنُوا۟ بِٱلْحُسْنَى
                
                
                
                
                
                    53:31
                    ۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله جو آھي ته جن بڇڙا ڪم ڪيا تن کي انھن ڪمن جي ڪري نيٺ سزا ڏئي ۽ جن چڱايون ڪيون تن کي ڀلائيءَ جو بدلو ڏئي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:32
                    ٱلَّذِينَ يَجْتَنِبُونَ كَبَـٰٓئِرَ ٱلْإِثْمِ وَٱلْفَوَٰحِشَ إِلَّا ٱللَّمَمَ ۚ إِنَّ رَبَّكَ وَٰسِعُ ٱلْمَغْفِرَةِ ۚ هُوَ أَعْلَمُ بِكُمْ إِذْ أَنشَأَكُم مِّنَ ٱلْأَرْضِ وَإِذْ أَنتُمْ أَجِنَّةٌ فِى بُطُونِ أُمَّهَـٰتِكُمْ ۖ فَلَا تُزَكُّوٓا۟ أَنفُسَكُمْ ۖ هُوَ أَعْلَمُ بِمَنِ ٱتَّقَىٰٓ
                
                
                
                
                
                    53:32
                    جيڪي ننڍن گناھن کانسواءِ وڏن گناھن ۽ بي حيائيءَ کان پاڻ کي بچائيندا آھن، بيشڪ تنھنجو پالڻھار (اُنھن لاءِ) وڏي بخشش وارو آھي، اُھو اوھان کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي جڏھن اوھان کي زمين مان پيدا ڪيائين ۽ جڏھن اوھين پنھنجي مائن جي پيٽن ۾ ٻار ھئؤ، تنھنڪري اوھين پاڻ کي نه ساراھيو، الله انھيءَ کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي جيڪو پرھيزگار ٿيو.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:33
                    أَفَرَءَيْتَ ٱلَّذِى تَوَلَّىٰ
                
                
                
                
                
                    53:33
                    (اي پيغمبر) ڇا پوءِ ڏٺو اٿئي انھي کي جيڪو ڦريو.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:34
                    وَأَعْطَىٰ قَلِيلًا وَأَكْدَىٰٓ
                
                
                
                
                
                    53:34
                    ۽ ٿورو (مال) ڏنائين ۽ سخت دل ٿيو.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:35
                    أَعِندَهُۥ عِلْمُ ٱلْغَيْبِ فَهُوَ يَرَىٰٓ
                
                
                
                
                
                    53:35
                    وٽس ڳجھ جي خبر آھي ڇا جو ڄڻڪ اُھو (سڀ ڪجھ) اکين سان ڏسندو آھي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:36
                    أَمْ لَمْ يُنَبَّأْ بِمَا فِى صُحُفِ مُوسَىٰ
                
                
                
                
                
                    53:36
                    اُنھيءَ جي خبر کيس نه ڏني وئي ڇا جيڪي موسىٰ جي صحيفن ۾ (لکيل) آھي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:37
                    وَإِبْرَٰهِيمَ ٱلَّذِى وَفَّىٰٓ
                
                
                
                
                
                    53:37
                    ۽ (جيڪي) ابراھيم (جي صحيفن ۾ آھي) جنھن (الله جي حَقن کي) پورو ڪيو.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:38
                    أَلَّا تَزِرُ وَازِرَةٌ وِزْرَ أُخْرَىٰ
                
                
                
                
                
                    53:38
                    (ھيُ حُڪم) ته ڪو بار کڻندڙ ڪنھن ٻئي (جي گناھ) جو بار نه کڻندو.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:39
                    وَأَن لَّيْسَ لِلْإِنسَـٰنِ إِلَّا مَا سَعَىٰ
                
                
                
                
                
                    53:39
                    ۽ ته ماڻھوءَ کي رڳو اُھائي (ڪمائي) ملندي جيڪا ڪيائين.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:40
                    وَأَنَّ سَعْيَهُۥ سَوْفَ يُرَىٰ
                
                
                
                
                
                    53:40
                    ۽ ته سندس ڪمائي جلد ڏٺي ويندي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:41
                    ثُمَّ يُجْزَىٰهُ ٱلْجَزَآءَ ٱلْأَوْفَىٰ
                
                
                
                
                
                    53:41
                    وري کيس تمام پورو بدلو (انھي ڪمائي موجب) ڏنو ويندو.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:42
                    وَأَنَّ إِلَىٰ رَبِّكَ ٱلْمُنتَهَىٰ
                
                
                
                
                
                    53:42
                    ۽ ته تنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽڻ آھي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:43
                    وَأَنَّهُۥ هُوَ أَضْحَكَ وَأَبْكَىٰ
                
                
                
                
                
                    53:43
                    ۽ ته اُن کلايو ۽ رئاريو.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:44
                    وَأَنَّهُۥ هُوَ أَمَاتَ وَأَحْيَا
                
                
                
                
                
                    53:44
                    ۽ ته اُن ماريو ۽ جياريو.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:45
                    وَأَنَّهُۥ خَلَقَ ٱلزَّوْجَيْنِ ٱلذَّكَرَ وَٱلْأُنثَىٰ
                
                
                
                
                
                    53:45
                    ۽ ته اُن (الله) نر ۽ مادي جوڙو جوڙو بڻايو.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:46
                    مِن نُّطْفَةٍ إِذَا تُمْنَىٰ
                
                
                
                
                
                    53:46
                    منيءَ جي ھڪ ڦڙي مان جڏھن (ڳڀيرڻ ۾) ھاريو وڃي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:47
                    وَأَنَّ عَلَيْهِ ٱلنَّشْأَةَ ٱلْأُخْرَىٰ
                
                
                
                
                
                    53:47
                    ۽ ته اُن تي اُھو ٻيو (ڀيرو) پيدا ڪرڻ لازم آھي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:48
                    وَأَنَّهُۥ هُوَ أَغْنَىٰ وَأَقْنَىٰ
                
                
                
                
                
                    53:48
                    ۽ ته اُن آسودو ڪيو ۽ موڙي ڏنائين.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:49
                    وَأَنَّهُۥ هُوَ رَبُّ ٱلشِّعْرَىٰ
                
                
                
                
                
                    53:49
                    ۽ ته اُھو ئي شِعۡرىٰ تاري جو پالڻھار آھي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:50
                    وَأَنَّهُۥٓ أَهْلَكَ عَادًا ٱلْأُولَىٰ
                
                
                
                
                
                    53:50
                    ۽ ته اُن پھرين عاد کي ناس ڪيو.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:51
                    وَثَمُودَا۟ فَمَآ أَبْقَىٰ
                
                
                
                
                
                    53:51
                    ۽ ثمود کي (به) پوءِ انھن مان (ڪنھين کي) باقي نه ڇڏيائين.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:52
                    وَقَوْمَ نُوحٍ مِّن قَبْلُ ۖ إِنَّهُمْ كَانُوا۟ هُمْ أَظْلَمَ وَأَطْغَىٰ
                
                
                
                
                
                    53:52
                    ۽ اُن کان اڳ نُوح جي قوم کي به ھلاڪ ڪيائين، ڇوته اُھي ڏاڍا ظالم ۽ تمام حد کان لنگھيل ھوا.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:53
                    وَٱلْمُؤْتَفِكَةَ أَهْوَىٰ
                
                
                
                
                
                    53:53
                    ۽ (شھر) اونڌي ڪيل کي ھيٺ اُڇليائين.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:54
                    فَغَشَّىٰهَا مَا غَشَّىٰ
                
                
                
                
                
                    53:54
                    پوءِ اُن کي ڍڪيو جنھن ڍڪيو.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:55
                    فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكَ تَتَمَارَىٰ
                
                
                
                
                
                    53:55
                    پوءِ اي ماڻھو پنھنجي پالڻھار جي نعمتن مان ڪھڙيءَ ۾ شڪ ٿو ڪرين.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:56
                    هَـٰذَا نَذِيرٌ مِّنَ ٱلنُّذُرِ ٱلْأُولَىٰٓ
                
                
                
                
                
                    53:56
                    ھي (پيغمبر) اڳين ڊيڄاريندڙن (جي جنس) مان (ھڪ) ڊيڄاريندڙ آھي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:57
                    أَزِفَتِ ٱلْـَٔازِفَةُ
                
                
                
                
                
                    53:57
                    ويجھي اچڻ واري (قيامت) ويجھي آھي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:58
                    لَيْسَ لَهَا مِن دُونِ ٱللَّهِ كَاشِفَةٌ
                
                
                
                
                
                    53:58
                    اُن کي الله کانسواءِ ڪو ظاھر ڪرڻ وارو ڪونھي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:59
                    أَفَمِنْ هَـٰذَا ٱلْحَدِيثِ تَعْجَبُونَ
                
                
                
                
                
                    53:59
                    ھن ڳالھ کان تعجب ڪندا آھيو ڇا؟  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:60
                    وَتَضْحَكُونَ وَلَا تَبْكُونَ
                
                
                
                
                
                    53:60
                    ۽ کلندا آھيو ۽ نه رئندا آھيو.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:61
                    وَأَنتُمْ سَـٰمِدُونَ
                
                
                
                
                
                    53:61
                    ۽ اوھين راند ڪندڙ آھيو.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    53:62
                    فَٱسْجُدُوا۟ لِلَّهِ وَٱعْبُدُوا۟ ۩
                
                
                
                
                
                    53:62
                    پوءِ الله کي سجدو ڪريو ۽ عبادت ڪريو.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)