Selected

Original Text
Taj Mehmood Amroti

Available Translations

87 Al-'A`lá ٱلْأَعْلَىٰ

< Previous   19 Āyah   The Most High      Next >  

بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ
In the name of Allah, Most Gracious, Most Merciful.

87:1 سَبِّحِ ٱسْمَ رَبِّكَ ٱلْأَعْلَى
87:1 (اي پيغمبر) اُنھي پنھنجي تمام مٿاھين پالڻھار جي نالي جي پاڪائي بيان ڪر. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

87:2 ٱلَّذِى خَلَقَ فَسَوَّىٰ
87:2 جنھن (ساري مخلوق کي) خلقيو پوءِ سنئين لڱين ڪيائين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

87:3 وَٱلَّذِى قَدَّرَ فَهَدَىٰ
87:3 ۽ جنھن اندازو ڪيو پوءِ رستو ڏيکاريائين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

87:4 وَٱلَّذِىٓ أَخْرَجَ ٱلْمَرْعَىٰ
87:4 ۽ جنھن تازو گاھ ڄمايو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

87:5 فَجَعَلَهُۥ غُثَآءً أَحْوَىٰ
87:5 پوءِ اُن کي سُڪو سڙيو ڪيائين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

87:6 سَنُقْرِئُكَ فَلَا تَنسَىٰٓ
87:6 اسين توکي (قرآن) پاڙھينداسون پوءِ نه وساريندين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

87:7 إِلَّا مَا شَآءَ ٱللَّهُ ۚ إِنَّهُۥ يَعْلَمُ ٱلْجَهْرَ وَمَا يَخْفَىٰ
87:7 مگر جيڪي الله گھريو آھي، بيشڪ اُھو ظاھر کي ڄاڻندو آھي ۽ جيڪي ڳُجھو آھي تنھن کي (به). - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

87:8 وَنُيَسِّرُكَ لِلْيُسْرَىٰ
87:8 ۽ آسان رستو توکي سنھنجو ڪري ڏينداسين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

87:9 فَذَكِّرْ إِن نَّفَعَتِ ٱلذِّكْرَىٰ
87:9 پوءِ جيڪڏھن نصيحت ڏئڻ فائدو ڪري ته نصيحت ڪر. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

87:10 سَيَذَّكَّرُ مَن يَخْشَىٰ
87:10 جيڪو ڊڄندو سو سُتت سمجھ وٺندو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

87:11 وَيَتَجَنَّبُهَا ٱلْأَشْقَى
87:11 ۽ اُن (نصيحت وٺڻ) کان (اُھو) تمام نڀاڳو پاسو ڪندو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

87:12 ٱلَّذِى يَصْلَى ٱلنَّارَ ٱلْكُبْرَىٰ
87:12 جو وڏيءَ باھ ۾ پوندو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

87:13 ثُمَّ لَا يَمُوتُ فِيهَا وَلَا يَحْيَىٰ
87:13 وري نڪي اُتي مرندو ۽ نڪي جيئرو رھندو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

87:14 قَدْ أَفْلَحَ مَن تَزَكَّىٰ
87:14 بيشڪ اُھو ڇٽو جيڪو سڌريو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

87:15 وَذَكَرَ ٱسْمَ رَبِّهِۦ فَصَلَّىٰ
87:15 ۽ پڻ پنھنجي پالڻھار جو نالو ياد ڪري نماز پڙھندو رھيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

87:16 بَلْ تُؤْثِرُونَ ٱلْحَيَوٰةَ ٱلدُّنْيَا
87:16 بلڪ دُنيا جي حياتيءَ کي (آخرت کان) پسند ڪندا آھيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

87:17 وَٱلْـَٔاخِرَةُ خَيْرٌ وَأَبْقَىٰٓ
87:17 ۽ (حقيقت ڪري) آخرت ڀَلي آھي ۽ ھميشه رھڻ واري آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

87:18 إِنَّ هَـٰذَا لَفِى ٱلصُّحُفِ ٱلْأُولَىٰ
87:18 بيشڪ ھيءَ (بيان) پھرين صحيفن ۾ (به لکيل) آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

87:19 صُحُفِ إِبْرَٰهِيمَ وَمُوسَىٰ
87:19 جي صحيفا ابراھيم ۽ مُوسىٰ جا آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)