Selected

Original Text
Taj Mehmood Amroti

Available Translations

82 Al-'Infiţār ٱلْإِنْفِطَار

< Previous   19 Āyah   The Cleaving      Next >  

بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ
In the name of Allah, Most Gracious, Most Merciful.

82:1 إِذَا ٱلسَّمَآءُ ٱنفَطَرَتْ
82:1 جڏھن آسمان ڦاٽندو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

82:2 وَإِذَا ٱلْكَوَاكِبُ ٱنتَثَرَتْ
82:2 ۽ جڏھن تارا ڇڻي پوندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

82:3 وَإِذَا ٱلْبِحَارُ فُجِّرَتْ
82:3 ۽ جڏھن سمنڊ تمام جوش سان وھائبا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

82:4 وَإِذَا ٱلْقُبُورُ بُعْثِرَتْ
82:4 ۽ جڏھن قبرون پٽبيون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

82:5 عَلِمَتْ نَفْسٌ مَّا قَدَّمَتْ وَأَخَّرَتْ
82:5 (تڏھن) سڀڪو شخص اُھو ڄاڻندو جيڪي اڳي موڪليو ھوائين ۽ جيڪي پوئتي ڇڏيو ھوائين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

82:6 يَـٰٓأَيُّهَا ٱلْإِنسَـٰنُ مَا غَرَّكَ بِرَبِّكَ ٱلْكَرِيمِ
82:6 اي ماڻھو توکي تنھنجي (انھي) سڳوري پالڻھار کان ڪھڙي شيءَ ٺڳيو؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

82:7 ٱلَّذِى خَلَقَكَ فَسَوَّىٰكَ فَعَدَلَكَ
82:7 جنھن توکي پيدا ڪيو پوءِ توکي سنئين لڱين ڪيائين پوءِ توکي برابر ڪيائين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

82:8 فِىٓ أَىِّ صُورَةٍ مَّا شَآءَ رَكَّبَكَ
82:8 جھڙي صورت ۾ گھريائين (تھڙيءَ ۾) تنھنجو جوڙ جوڙيائين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

82:9 كَلَّا بَلْ تُكَذِّبُونَ بِٱلدِّينِ
82:9 ائين نه آھي بلڪ اوھين عملن جي جزا ڏيڻ کي ڪوڙ ڀائيندا آھيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

82:10 وَإِنَّ عَلَيْكُمْ لَحَـٰفِظِينَ
82:10 ۽ بيشڪ اوھان تي نگھبان (مقرر ٿيل) آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

82:11 كِرَامًا كَـٰتِبِينَ
82:11 سڳورا لکڻ وارا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

82:12 يَعْلَمُونَ مَا تَفْعَلُونَ
82:12 جيڪي اوھين ڪندا آھيو سو ڄاڻندا آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

82:13 إِنَّ ٱلْأَبْرَارَ لَفِى نَعِيمٍ
82:13 بيشڪ ڀلارا (بھشت جي) نعمت ۾ ھوندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

82:14 وَإِنَّ ٱلْفُجَّارَ لَفِى جَحِيمٍ
82:14 ۽ بيشڪ گنھگار دوزخ ۾ ھوندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

82:15 يَصْلَوْنَهَا يَوْمَ ٱلدِّينِ
82:15 عملن جي بدلي جي ڏينھن دوزخ ۾ داخل ٿيندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

82:16 وَمَا هُمْ عَنْهَا بِغَآئِبِينَ
82:16 ۽ اُن کان اُھي لڪل نه ھوندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

82:17 وَمَآ أَدْرَىٰكَ مَا يَوْمُ ٱلدِّينِ
82:17 ۽ ڪنھن سمجھايئي ته عملن جي بدلي جو ڏينھن ڇا آھي؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

82:18 ثُمَّ مَآ أَدْرَىٰكَ مَا يَوْمُ ٱلدِّينِ
82:18 وري (به چئون ٿا ته) ڪنھن سمجھايئي ته عملن جي بدلي جو ڏينھن ڇا آھي؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

82:19 يَوْمَ لَا تَمْلِكُ نَفْسٌ لِّنَفْسٍ شَيْـًٔا ۖ وَٱلْأَمْرُ يَوْمَئِذٍ لِّلَّهِ
82:19 اُھو ھڪ ڏينھن آھي جو ڪو جيءُ ڪنھن جيءَ کي ڪجھ فائدو پھچائي نه سگھندو، ۽ اُن ڏينھن (ساري) حڪومت خاص الله جي ھوندي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)