Selected

Original Text
Taj Mehmood Amroti

Available Translations

38 Şād ص

< Previous   88 Āyah   The Letter "Saad"      Next >  

بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ
In the name of Allah, Most Gracious, Most Merciful.

38:1 صٓ ۚ وَٱلْقُرْءَانِ ذِى ٱلذِّكْرِ
38:1 صٓ (ھن) قرآن نصيحت (ڏيڻ) واري جو قسم آھي (ته جنھن دين ڏانھن سڏين ٿو سو سچ آھي). - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:2 بَلِ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ فِى عِزَّةٍ وَشِقَاقٍ
38:2 بلڪ ڪافر وڏائي ۽ مخالفت ۾ (پيل) آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:3 كَمْ أَهْلَكْنَا مِن قَبْلِهِم مِّن قَرْنٍ فَنَادَوا۟ وَّلَاتَ حِينَ مَنَاصٍ
38:3 کانئن اڳ گھڻائي جُڳ ھلاڪ ڪياسون پوءِ دانھون ڪرڻ لڳا ۽ اُھو ڇوٽڪاري جو وقت نه ھو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:4 وَعَجِبُوٓا۟ أَن جَآءَهُم مُّنذِرٌ مِّنْهُمْ ۖ وَقَالَ ٱلْكَـٰفِرُونَ هَـٰذَا سَـٰحِرٌ كَذَّابٌ
38:4 ۽ منجھانئن ھڪ ڊيڄاريندڙ وٽن آيو ته عجب ڪرڻ لڳا، ۽ (اِھي) ڪافر چوڻ لڳا ته ھيءُ (شخص) جادوگر ڪوڙو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:5 أَجَعَلَ ٱلْـَٔالِهَةَ إِلَـٰهًا وَٰحِدًا ۖ إِنَّ هَـٰذَا لَشَىْءٌ عُجَابٌ
38:5 ڀلا (ڏسو ته) سڀني معبودن کي ھڪ معبود ڪيائين؟ بيشڪ ھي ڏاڍي عجيب ڳالھ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:6 وَٱنطَلَقَ ٱلْمَلَأُ مِنْهُمْ أَنِ ٱمْشُوا۟ وَٱصْبِرُوا۟ عَلَىٰٓ ءَالِهَتِكُمْ ۖ إِنَّ هَـٰذَا لَشَىْءٌ يُرَادُ
38:6 ۽ منجھانئن (سردارن جي) ٽولي (ھڪ ٻئي کي چوندي) ھلي وئي ته ھلو ۽ پنھنجن معبودن (جي پوڄا) تي مُحڪم رھو، بيشڪ ھيءُ (دين) اھڙو آھي جو (اُن ۾ ڪو) غرض رکيو ويو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:7 مَا سَمِعْنَا بِهَـٰذَا فِى ٱلْمِلَّةِ ٱلْـَٔاخِرَةِ إِنْ هَـٰذَآ إِلَّا ٱخْتِلَـٰقٌ
38:7 اِھا (ڳالھ) پوئين دين ۾ (ڪڏھن) نه ٻڌي سون، ھيءُ ته رڳو ٺاھ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:8 أَءُنزِلَ عَلَيْهِ ٱلذِّكْرُ مِنۢ بَيْنِنَا ۚ بَلْ هُمْ فِى شَكٍّ مِّن ذِكْرِى ۖ بَل لَّمَّا يَذُوقُوا۟ عَذَابِ
38:8 اسان مڙني جي وچان مٿس قرآن نازل ڪيو ويو ڇا؟ بلڪ اِھي (ڪافر) منھنجي نصيحت کان شڪ ۾ (پيل) آھن، (نه!) بلڪ اڃا منھنجو عذاب نه چکيو اٿن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:9 أَمْ عِندَهُمْ خَزَآئِنُ رَحْمَةِ رَبِّكَ ٱلْعَزِيزِ ٱلْوَهَّابِ
38:9 تنھنجي پالڻھار غالب بخشڻھار جي ٻاجھ جا (ڪي) خزانا وٽن آھن ڇا؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:10 أَمْ لَهُم مُّلْكُ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا ۖ فَلْيَرْتَقُوا۟ فِى ٱلْأَسْبَـٰبِ
38:10 آسمانن ۽ زمين جي ۽ جيڪي اِنھن (ٻنھي) جي وچ ۾ آھي تنھنجي بادشاھي انھن جي آھي ڇا؟ (جي ايئن آھي) ته جڳائي ته رسين سان (لڙڪي) مٿي چڙھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:11 جُندٌ مَّا هُنَالِكَ مَهْزُومٌ مِّنَ ٱلْأَحْزَابِ
38:11 شڪست کاڌل ٽولين مان ھيءُ (ڪافر) ھتي ھڪ (گڏ ٿيل) لشڪر آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:12 كَذَّبَتْ قَبْلَهُمْ قَوْمُ نُوحٍ وَعَادٌ وَفِرْعَوْنُ ذُو ٱلْأَوْتَادِ
38:12 انھن کان اڳ نوح جي قوم ۽ عاد ۽ فرعون ميخن وارو ڪوڙ ڄاتو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:13 وَثَمُودُ وَقَوْمُ لُوطٍ وَأَصْحَـٰبُ لْـَٔيْكَةِ ۚ أُو۟لَـٰٓئِكَ ٱلْأَحْزَابُ
38:13 ۽ ثمود ۽ لُوط جي قوم ۽ (شھر) ايڪه وارن، انھن جماعتن به (ڪوڙ ڀانيو). - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:14 إِن كُلٌّ إِلَّا كَذَّبَ ٱلرُّسُلَ فَحَقَّ عِقَابِ
38:14 اِھي ٽوليون (جيڪي به ھيون تن) سڀني پيغمبرن کي ڪوڙو ڀانيو تنھنڪري منھنجي سزا (مٿن) لازم ٿي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:15 وَمَا يَنظُرُ هَـٰٓؤُلَآءِ إِلَّا صَيْحَةً وَٰحِدَةً مَّا لَهَا مِن فَوَاقٍ
38:15 ۽ ھيءُ (ھن وقت جا ڪافر به) رڳو ھڪ آواز جا منتظر رھندا آھن جنھن کي ڪا ساھي نه ھوندي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:16 وَقَالُوا۟ رَبَّنَا عَجِّل لَّنَا قِطَّنَا قَبْلَ يَوْمِ ٱلْحِسَابِ
38:16 ۽ (ٺـٺولي طرح) چوندا آھن ته اي اسان جا پالڻھار حساب جي ڏينھن کان اڳ اسان (جي عذاب) جي چٺي اسان کي جلد ڏي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:17 ٱصْبِرْ عَلَىٰ مَا يَقُولُونَ وَٱذْكُرْ عَبْدَنَا دَاوُۥدَ ذَا ٱلْأَيْدِ ۖ إِنَّهُۥٓ أَوَّابٌ
38:17 (اي پيغمبر) جيڪي چوندا آھن تنھن تي صبر ڪر ۽ اسان جي سگھ واري ٻانھي داؤد کي ياد ڪر، بيشڪ اُھو رجوع ڪرڻ وارو ھو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:18 إِنَّا سَخَّرْنَا ٱلْجِبَالَ مَعَهُۥ يُسَبِّحْنَ بِٱلْعَشِىِّ وَٱلْإِشْرَاقِ
38:18 بيشڪ اسان جبلن کي سندس تابع ڪيو (جو) سانجھي ۽ صبح جو (ساڻس) تسبيحون پڙھندا ھوا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:19 وَٱلطَّيْرَ مَحْشُورَةً ۖ كُلٌّ لَّهُۥٓ أَوَّابٌ
38:19 ۽ گڏ ڪيل پکين کي به (سندس تابع ڪيوسين)، ھر ھڪ (تسبيح گڏ چوڻ ۾) سندس فرمانبردار ھو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:20 وَشَدَدْنَا مُلْكَهُۥ وَءَاتَيْنَـٰهُ ٱلْحِكْمَةَ وَفَصْلَ ٱلْخِطَابِ
38:20 ۽ سندس بادشاھيءَ کي مُحڪم ڪيوسين ۽ کيس دانائي ۽ نبير نڇيڙ ڏني سون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:21 ۞ وَهَلْ أَتَىٰكَ نَبَؤُا۟ ٱلْخَصْمِ إِذْ تَسَوَّرُوا۟ ٱلْمِحْرَابَ
38:21 ۽ (پاڻ ۾ ٻن) وڙھندڙ جي خبر تو وٽ نه پھتي آھي ڇا؟ جڏھن اُھي ڀِٽ ٽپي عبادت خانه ۾ آيا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:22 إِذْ دَخَلُوا۟ عَلَىٰ دَاوُۥدَ فَفَزِعَ مِنْهُمْ ۖ قَالُوا۟ لَا تَخَفْ ۖ خَصْمَانِ بَغَىٰ بَعْضُنَا عَلَىٰ بَعْضٍ فَٱحْكُم بَيْنَنَا بِٱلْحَقِّ وَلَا تُشْطِطْ وَٱهْدِنَآ إِلَىٰ سَوَآءِ ٱلصِّرَٰطِ
38:22 جڏھن داؤد وٽ اندر پھتا تڏھن (ھو) کائن ڊڄي ويو چيائون ته نه ڊڄ، (اسين) ٻه جھڳڙو ڪندڙ آھيون اسان مون ھڪڙي ٻئي تي ڏاڍ ڪيو آھي تنھنڪري اسان جي وچ ۾ انصاف سان نبيرو ڪر ۽ (فيصلي ۾) بي انصافي نه ڪر ۽ اسان کي سڌيءَ واٽ ڏانھن رستي لاءِ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:23 إِنَّ هَـٰذَآ أَخِى لَهُۥ تِسْعٌ وَتِسْعُونَ نَعْجَةً وَلِىَ نَعْجَةٌ وَٰحِدَةٌ فَقَالَ أَكْفِلْنِيهَا وَعَزَّنِى فِى ٱلْخِطَابِ
38:23 بيشڪ ھيءُ منھنجو ڀاءُ آھي، جنھن کي نوانوي رڍون آھن ۽ مون کي ھڪ رڍ آھي، پوءِ ھن چيو ته اِھا (ھڪ رڍ) به منھنجي حوالي ڪر ۽ مون کي ڳالھائڻ ۾ سخت ورتائين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:24 قَالَ لَقَدْ ظَلَمَكَ بِسُؤَالِ نَعْجَتِكَ إِلَىٰ نِعَاجِهِۦ ۖ وَإِنَّ كَثِيرًا مِّنَ ٱلْخُلَطَآءِ لَيَبْغِى بَعْضُهُمْ عَلَىٰ بَعْضٍ إِلَّا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّـٰلِحَـٰتِ وَقَلِيلٌ مَّا هُمْ ۗ وَظَنَّ دَاوُۥدُ أَنَّمَا فَتَنَّـٰهُ فَٱسْتَغْفَرَ رَبَّهُۥ وَخَرَّ رَاكِعًا وَأَنَابَ ۩
38:24 (داؤد) چيو ته (ھن) تنھنجي (ھڪ) رڍ جي گھرڻ ڪري ته پنھنجن رڍن سان گڏي توتي بيشڪ ظلم ڪيو، ۽ بيشڪ ڀائيوارن مان گھڻا ھڪ ٻئي تي ظلم ڪندا آھن سواءِ اُنھن جي جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ۽ اُھي (ظلم نه ڪندڙ) ٿورا آھن، ۽ داؤد ڄاتو ته کيس پرکيو اٿون تنھنڪري پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھريائين ۽ سجدو ڪندڙ ٿي ڪري پيو ۽ (الله ڏانھن) رجوع ڪيائين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:25 فَغَفَرْنَا لَهُۥ ذَٰلِكَ ۖ وَإِنَّ لَهُۥ عِندَنَا لَزُلْفَىٰ وَحُسْنَ مَـَٔابٍ
38:25 پوءِ کيس اِھو (سندس گناھ) بخشيوسون، ۽ بيشڪ اُن کي اسان وٽ مرتبو آھي ۽ چڱو موٽڻ جو ھنڌ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:26 يَـٰدَاوُۥدُ إِنَّا جَعَلْنَـٰكَ خَلِيفَةً فِى ٱلْأَرْضِ فَٱحْكُم بَيْنَ ٱلنَّاسِ بِٱلْحَقِّ وَلَا تَتَّبِعِ ٱلْهَوَىٰ فَيُضِلَّكَ عَن سَبِيلِ ٱللَّهِ ۚ إِنَّ ٱلَّذِينَ يَضِلُّونَ عَن سَبِيلِ ٱللَّهِ لَهُمْ عَذَابٌ شَدِيدٌۢ بِمَا نَسُوا۟ يَوْمَ ٱلْحِسَابِ
38:26 (چيوسون ته) اي داؤد بيشڪ اسان توکي زمين ۾ نائب مُقرّر ڪيو تنھنڪري ماڻھن جي وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪر ۽ (نفس جي) سَڌ جي تابعداري نه ڪر جو (اھا) توکي الله جي واٽ کان ڀلائيندي، بيشڪ جيڪي الله جي واٽ کان ڀُلن ٿا تن لاءِ انھيءَ سببان سخت عذاب آھي جو حساب جو ڏينھن وساريائون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:27 وَمَا خَلَقْنَا ٱلسَّمَآءَ وَٱلْأَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَا بَـٰطِلًا ۚ ذَٰلِكَ ظَنُّ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ ۚ فَوَيْلٌ لِّلَّذِينَ كَفَرُوا۟ مِنَ ٱلنَّارِ
38:27 ۽ آسمان ۽ زمين کي ۽ جيڪي انھن جي وچ ۾ آھي سو اجايو نه بڻايوسون، اھو ڪافرن جو گمان آھي، تنھنڪري ڪافرن لاءِ باھ (جي عذاب) جي خرابي آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:28 أَمْ نَجْعَلُ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّـٰلِحَـٰتِ كَٱلْمُفْسِدِينَ فِى ٱلْأَرْضِ أَمْ نَجْعَلُ ٱلْمُتَّقِينَ كَٱلْفُجَّارِ
38:28 جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي زمين ۾ فساد وجھڻ وارن جي برابر ڪنداسون ڇا؟ يا پرھيزگارن کي بڇڙن وانگر ڪنداسون ڇا؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:29 كِتَـٰبٌ أَنزَلْنَـٰهُ إِلَيْكَ مُبَـٰرَكٌ لِّيَدَّبَّرُوٓا۟ ءَايَـٰتِهِۦ وَلِيَتَذَكَّرَ أُو۟لُوا۟ ٱلْأَلْبَـٰبِ
38:29 ھي (قرآن) برڪت وارو ڪتاب آھي جو اُن کي توڏانھن نازل ڪيوسون ته (ماڻھو) اُن جي آيتن ۾ ڌيان ڪن ۽ عقل وارا نصيحت وٺن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:30 وَوَهَبْنَا لِدَاوُۥدَ سُلَيْمَـٰنَ ۚ نِعْمَ ٱلْعَبْدُ ۖ إِنَّهُۥٓ أَوَّابٌ
38:30 ۽ داؤد کي سُليمان (نالي پُٽ) عطا ڪيوسون، (سُليمان) چڱو ٻانھون ھو، بيشڪ اُھو (خُدا ڏانھن) ورڻ وارو ھو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:31 إِذْ عُرِضَ عَلَيْهِ بِٱلْعَشِىِّ ٱلصَّـٰفِنَـٰتُ ٱلْجِيَادُ
38:31 (ياد ڪر) جڏھن پوياڙيءَ جو تکا گھوڙا وٽس پيش ڪيا ويا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:32 فَقَالَ إِنِّىٓ أَحْبَبْتُ حُبَّ ٱلْخَيْرِ عَن ذِكْرِ رَبِّى حَتَّىٰ تَوَارَتْ بِٱلْحِجَابِ
38:32 پوءِ چيائين ته بيشڪ مون پنھنجي پالڻھار جي ياد ڪرڻ کان (ڀُلي ھنن گھوڙن جي) مال جي پيار کي (وڌيڪ) دوست رکيو، تان جو (سج) اوٽ جي پٺيان لڪو (۽ وچين نماز قضا ٿي). - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:33 رُدُّوهَا عَلَىَّ ۖ فَطَفِقَ مَسْحًۢا بِٱلسُّوقِ وَٱلْأَعْنَاقِ
38:33 (چيائين ته ھنن) گھوڙن کي مون وٽ موٽائي آڻيو، پوءِ (گھوڙن جي) ڄنگھن ۽ ڪنڌن تي (ذبح جو) ھٿ لائڻ شروع ڪيائين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:34 وَلَقَدْ فَتَنَّا سُلَيْمَـٰنَ وَأَلْقَيْنَا عَلَىٰ كُرْسِيِّهِۦ جَسَدًا ثُمَّ أَنَابَ
38:34 ۽ بيشڪ سليمان کي پرکيوسون ۽ سندس تخت تي ھڪ ڌڙ اُڇليوسون وري (خُدا ڏانھن) موٽيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:35 قَالَ رَبِّ ٱغْفِرْ لِى وَهَبْ لِى مُلْكًا لَّا يَنۢبَغِى لِأَحَدٍ مِّنۢ بَعْدِىٓ ۖ إِنَّكَ أَنتَ ٱلْوَهَّابُ
38:35 چيائين ته اي منھنجا پالڻھار مون کي بخش ۽ مون کي اھڙي بادشاھي عطا ڪر جو مون کان پوءِ ڪنھن کي به نه جڳائي، بيشڪ تون ئي بخشڻھار آھين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:36 فَسَخَّرْنَا لَهُ ٱلرِّيحَ تَجْرِى بِأَمْرِهِۦ رُخَآءً حَيْثُ أَصَابَ
38:36 پوءِ واءُ کي سندس تابع ڪيوسون جتي پھچڻ گھرندو ھو (تتي) آرام سان سندس حُڪم سان ھلندي ھئي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:37 وَٱلشَّيَـٰطِينَ كُلَّ بَنَّآءٍ وَغَوَّاصٍ
38:37 ۽ ديون کي (سندس تابع ڪيوسون) جو ھر ھڪ عمارتون اڏيندڙ ۽ (درياءُ ٽٻندڙ ھو). - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:38 وَءَاخَرِينَ مُقَرَّنِينَ فِى ٱلْأَصْفَادِ
38:38 ۽ ٻيا (ديوَ) زنجيرن ۾ جڪڙيل (تابع ڪياسون). - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:39 هَـٰذَا عَطَآؤُنَا فَٱمْنُنْ أَوْ أَمْسِكْ بِغَيْرِ حِسَابٍ
38:39 (چيوسون ته) ھيءُ اسان جو اِحسان آھي پوءِ احسان ڪر يار کي ڇڏ (جئن توکي وڻي) ته (توتي) حساب نه آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:40 وَإِنَّ لَهُۥ عِندَنَا لَزُلْفَىٰ وَحُسْنَ مَـَٔابٍ
38:40 ۽ بيشڪ اُن کي اسان وٽ مرتبو ۽ چڱو موٽڻ جو ھنڌ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:41 وَٱذْكُرْ عَبْدَنَآ أَيُّوبَ إِذْ نَادَىٰ رَبَّهُۥٓ أَنِّى مَسَّنِىَ ٱلشَّيْطَـٰنُ بِنُصْبٍ وَعَذَابٍ
38:41 ۽ اسان جي ٻانھي ايّوب کي ياد ڪر، جڏھن پنھنجي پالڻھار کي ٻاڏايائين ته مون کي شيطان ايذاءُ ۽ ڏک پھچايو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:42 ٱرْكُضْ بِرِجْلِكَ ۖ هَـٰذَا مُغْتَسَلٌۢ بَارِدٌ وَشَرَابٌ
38:42 (تڏھن چيوسون ته) زمين تي پنھنجي لت ھڻ، جو ھي (چشمو) وھنجڻ جو ھنڌ ٿڌو ۽ پيئڻ لاءِ (مٺو) آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:43 وَوَهَبْنَا لَهُۥٓ أَهْلَهُۥ وَمِثْلَهُم مَّعَهُمْ رَحْمَةً مِّنَّا وَذِكْرَىٰ لِأُو۟لِى ٱلْأَلْبَـٰبِ
38:43 ۽ کيس سندس گھر وارا ۽ ساڻن اوترا (ٻيا به) عطا ڪيوسون (ھيء) اسان جي طرف کان ٻاجھ ۽ ڌيان وارن لاءِ نصيحت آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:44 وَخُذْ بِيَدِكَ ضِغْثًا فَٱضْرِب بِّهِۦ وَلَا تَحْنَثْ ۗ إِنَّا وَجَدْنَـٰهُ صَابِرًا ۚ نِّعْمَ ٱلْعَبْدُ ۖ إِنَّهُۥٓ أَوَّابٌ
38:44 ۽ (چيوسون ته) پنھنجي ھٿ ۾ ٻھار وٺ پوءِ اُن سان (پنھنجي زال کي) ڌڪ ھڻ ۽ قسم نه ڀڃ، بيشڪ اسان کيس صابر لڌو، (ايّوب) چڱو ٻانھو ھو، اُھو (خُدا ڏانھن) ورڻ وارو ھو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:45 وَٱذْكُرْ عِبَـٰدَنَآ إِبْرَٰهِيمَ وَإِسْحَـٰقَ وَيَعْقُوبَ أُو۟لِى ٱلْأَيْدِى وَٱلْأَبْصَـٰرِ
38:45 ۽ اسان جي ٻانھن ابراھيم ۽ اسحاق ۽ يعقوب کي ياد ڪر جي ھٿن ۽ اکين وارا (يعني علم ۽ عمل وارا) ھوا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:46 إِنَّآ أَخْلَصْنَـٰهُم بِخَالِصَةٍ ذِكْرَى ٱلدَّارِ
38:46 بيشڪ اسان کين ھڪ پاڪ عادت لاءِ نرالو ڪيو جو آخرت جو ياد ڪرڻ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:47 وَإِنَّهُمْ عِندَنَا لَمِنَ ٱلْمُصْطَفَيْنَ ٱلْأَخْيَارِ
38:47 ۽ بيشڪ اُھي اسان وٽ سڳورن نيڪن مان ھوا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:48 وَٱذْكُرْ إِسْمَـٰعِيلَ وَٱلْيَسَعَ وَذَا ٱلْكِفْلِ ۖ وَكُلٌّ مِّنَ ٱلْأَخْيَارِ
38:48 ۽ اسماعيل ۽ اَلۡيَسَعَ ۽ ذُوالۡڪِفۡل کي ياد ڪر، ۽ ھر ھڪ نيڪن مان ھوا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:49 هَـٰذَا ذِكْرٌ ۚ وَإِنَّ لِلْمُتَّقِينَ لَحُسْنَ مَـَٔابٍ
38:49 ھيءُ (قرآن) نصيحت آھي، ۽ بيشڪ پرھيزگارن لاءِ چڱو موٽڻ جو ھنڌ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:50 جَنَّـٰتِ عَدْنٍ مُّفَتَّحَةً لَّهُمُ ٱلْأَبْوَٰبُ
38:50 (يعني) ھميشه (رھڻ) جا باغ آھن (جن جا) دروازا انھن لاءِ کُليل آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:51 مُتَّكِـِٔينَ فِيهَا يَدْعُونَ فِيهَا بِفَـٰكِهَةٍ كَثِيرَةٍ وَشَرَابٍ
38:51 اُتي ٽيڪ ڏيندڙ ھوندا اُتي گھڻا ميوا ۽ شراب پيا گھرائيندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:52 ۞ وَعِندَهُمْ قَـٰصِرَٰتُ ٱلطَّرْفِ أَتْرَابٌ
38:52 ۽ وٽن ھيٺ نگاھ ڪرڻ واريون ۽ عمر ۾ ھڪ جيڏيون (زالون) ھونديون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:53 هَـٰذَا مَا تُوعَدُونَ لِيَوْمِ ٱلْحِسَابِ
38:53 ھي اُھو آھي جنھنجو حساب جي ڏينھن لاءِ انجام ڏنو وڃيوَ ٿو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:54 إِنَّ هَـٰذَا لَرِزْقُنَا مَا لَهُۥ مِن نَّفَادٍ
38:54 بيشڪ اُھو اسان جو رزق آھي جنھن کي ڪا کوٽ نه ھوندي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:55 هَـٰذَا ۚ وَإِنَّ لِلطَّـٰغِينَ لَشَرَّ مَـَٔابٍ
38:55 اھو (بدلو ڀلارن لاءِ آھي)، ۽ بيشڪ حد کان لنگھندڙن لاءِ بڇڙو موٽڻ جو ھنڌ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:56 جَهَنَّمَ يَصْلَوْنَهَا فَبِئْسَ ٱلْمِهَادُ
38:56 (جو) دوزخ آھي، اُن ۾ گھڙندا، پوءِ اُھو بڇڙو وڇاڻو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:57 هَـٰذَا فَلْيَذُوقُوهُ حَمِيمٌ وَغَسَّاقٌ
38:57 ھي (عذاب) ڪوسو پاڻي آھي ۽ پُونءِ آھي پوءِ ڀلي ته اُن کي چَکن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:58 وَءَاخَرُ مِن شَكْلِهِۦٓ أَزْوَٰجٌ
38:58 ۽ اھڙو قسمين قسمين ٻيو (عذاب) به آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:59 هَـٰذَا فَوْجٌ مُّقْتَحِمٌ مَّعَكُمْ ۖ لَا مَرْحَبًۢا بِهِمْ ۚ إِنَّهُمْ صَالُوا۟ ٱلنَّارِ
38:59 ھي ھڪ فوج آھي جا اوھان سان گڏ گھرڻ واري آھي، شال کين ڪا ويڪري جاءِ نه ملي، ڇوته اُھي باھ ۾ گھڙڻ وارا آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:60 قَالُوا۟ بَلْ أَنتُمْ لَا مَرْحَبًۢا بِكُمْ ۖ أَنتُمْ قَدَّمْتُمُوهُ لَنَا ۖ فَبِئْسَ ٱلْقَرَارُ
38:60 (تابع) چوندا ته (نه!) بلڪ اوھان کي شال ڪا ويڪري جاءِ نه ھجي، (جو) اوھان اسان لاءِ ڪُفر کي پراڻي رسم ڪري ڇڏيو، پوءِ دوزخ بڇڙي جاءِ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:61 قَالُوا۟ رَبَّنَا مَن قَدَّمَ لَنَا هَـٰذَا فَزِدْهُ عَذَابًا ضِعْفًا فِى ٱلنَّارِ
38:61 چوندا ته اي اسان جا پالڻھار جنھن اسان لاءِ ھيءَ (ڪُفر جي) پراڻي رسم ٺاھي ھجي تنھنجي حق ۾ دوزخ ۾ ٻيڻو عذاب زيادہ ڪر. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:62 وَقَالُوا۟ مَا لَنَا لَا نَرَىٰ رِجَالًا كُنَّا نَعُدُّهُم مِّنَ ٱلْأَشْرَارِ
38:62 ۽ دوزخي چوندا ته اسان کي ڇا (ٿيو) آھي جو مڙسن (مسلمانن مسڪينن) کي نٿا ڏسون جن کي بڇڙن مان ڳڻيندا ھواسون؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:63 أَتَّخَذْنَـٰهُمْ سِخْرِيًّا أَمْ زَاغَتْ عَنْهُمُ ٱلْأَبْصَـٰرُ
38:63 (ناحق) ساڻن ٺـٺوليون ڪندا ھواسون ڇا يا کانئن اسان جون اکيون ترڪيون آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:64 إِنَّ ذَٰلِكَ لَحَقٌّ تَخَاصُمُ أَهْلِ ٱلنَّارِ
38:64 بيشڪ دوزخين جو پاڻ ۾ جھيڙو ڪرڻ اِھا (ھڪ) سچي (ڳالھ) آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:65 قُلْ إِنَّمَآ أَنَا۠ مُنذِرٌ ۖ وَمَا مِنْ إِلَـٰهٍ إِلَّا ٱللَّهُ ٱلْوَٰحِدُ ٱلْقَهَّارُ
38:65 (کين) چؤ ته آءٌ رڳو ڊيڄاريندڙ آھيان، ۽ (رڳو) اڪيلي زبردست الله کانسواءِ (ٻيو) ڪوبه عبادت جو لائق نه آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:66 رَبُّ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا ٱلْعَزِيزُ ٱلْغَفَّـٰرُ
38:66 آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي انھن (ٻنھي) جي وچ ۾ آھي تنھنجو پالڻھار غالب بخشڻھار آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:67 قُلْ هُوَ نَبَؤٌا۟ عَظِيمٌ
38:67 (کين) چؤ ته اِھو (قرآن) ھڪ وڏي خبر آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:68 أَنتُمْ عَنْهُ مُعْرِضُونَ
38:68 اوھين کانئس مُنھن موڙيندا آھيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:69 مَا كَانَ لِىَ مِنْ عِلْمٍۭ بِٱلْمَلَإِ ٱلْأَعْلَىٰٓ إِذْ يَخْتَصِمُونَ
38:69 مون کي (اُنھيءَ جماعت) وڏي مرتبي وارن ملائڪن (جي حال) جي ڪا خبر نه آھي جڏھن (اُھي) پاڻ ۾ سوال جواب ڪندا آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:70 إِن يُوحَىٰٓ إِلَىَّ إِلَّآ أَنَّمَآ أَنَا۠ نَذِيرٌ مُّبِينٌ
38:70 مون ڏانھن ھيء ئي وحي ٿيندو آھي ته آءٌ رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:71 إِذْ قَالَ رَبُّكَ لِلْمَلَـٰٓئِكَةِ إِنِّى خَـٰلِقٌۢ بَشَرًا مِّن طِينٍ
38:71 (ياد ڪر) جڏھن تنھنجي پالڻھار ملائڪن کي چيو ته بيشڪ آءٌ مٽيءَ مان ھڪ ماڻھو بڻائڻ وارو آھيان. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:72 فَإِذَا سَوَّيْتُهُۥ وَنَفَخْتُ فِيهِ مِن رُّوحِى فَقَعُوا۟ لَهُۥ سَـٰجِدِينَ
38:72 پوءِ جڏھن کيس پورو ٺاھي رھان ۽ منجھس پنھنجو رُوح ڦوڪيان تڏھن کيس سجدو ڪندڙ ٿي ڪري پئجو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:73 فَسَجَدَ ٱلْمَلَـٰٓئِكَةُ كُلُّهُمْ أَجْمَعُونَ
38:73 پوءِ ملائڪن مڙني گڏ سجدو ڪيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:74 إِلَّآ إِبْلِيسَ ٱسْتَكْبَرَ وَكَانَ مِنَ ٱلْكَـٰفِرِينَ
38:74 مگر ابليس (نه سجدو ڪيو)، ھن وڏائي ڪئي ۽ ڪافرن مان ٿيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:75 قَالَ يَـٰٓإِبْلِيسُ مَا مَنَعَكَ أَن تَسْجُدَ لِمَا خَلَقْتُ بِيَدَىَّ ۖ أَسْتَكْبَرْتَ أَمْ كُنتَ مِنَ ٱلْعَالِينَ
38:75 (الله) چيو ته اي ابليس جنھن کي پنھنجي ٻنھي ھٿن سان پيدا ڪيم تنھن کي سجدي ڪرڻ کان توکي ڪھڙيءَ ڳالھ جھليو، تو وڏائي ڪئي ڇا يا تون (حقيقت) ۾ وڏي مرتبي وارن مان آھين؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:76 قَالَ أَنَا۠ خَيْرٌ مِّنْهُ ۖ خَلَقْتَنِى مِن نَّارٍ وَخَلَقْتَهُۥ مِن طِينٍ
38:76 (ابليس) چيو ته آءٌ اُن کان ڀلو آھيان، (جو) مون کي باھ مان بڻايئي ۽ اُن کي مٽيءَ مان بڻايئي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:77 قَالَ فَٱخْرُجْ مِنْهَا فَإِنَّكَ رَجِيمٌ
38:77 (الله) چيو ته انھيءَ ڪري اُن مان نڪر جو بيشڪ تون تڙيل آھين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:78 وَإِنَّ عَلَيْكَ لَعْنَتِىٓ إِلَىٰ يَوْمِ ٱلدِّينِ
38:78 ۽ بيشڪ توتي بدلي جي ڏينھن تائين منھنجي لعنت آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:79 قَالَ رَبِّ فَأَنظِرْنِىٓ إِلَىٰ يَوْمِ يُبْعَثُونَ
38:79 (اُن) چيو ته اي منھنجا پالڻھار تڏھن اُنھي ڏينھن تائين مونکي مُھلت ڏي (جنھن ڏينھن سڀ ماڻھو قبر مان) اُٿاريا وڃن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:80 قَالَ فَإِنَّكَ مِنَ ٱلْمُنظَرِينَ
38:80 الله فرمايو ته (چڱو) بيشڪ تون مُھلت ڏنلن مان آھين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:81 إِلَىٰ يَوْمِ ٱلْوَقْتِ ٱلْمَعْلُومِ
38:81 اُنھيءَ ٺھرايل وقت جي ڏينھن تائين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:82 قَالَ فَبِعِزَّتِكَ لَأُغْوِيَنَّهُمْ أَجْمَعِينَ
38:82 (ابليس) چيو ته تڏھن تنھنجي عزت جو قسم آھي ته ضرور اُنھن مڙني کي گمراھ ڪندس. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:83 إِلَّا عِبَادَكَ مِنْهُمُ ٱلْمُخْلَصِينَ
38:83 منجھانئن تنھنجي خالص ٻانھن کانسواءِ (جو انھن تي وس نه ھلندو). - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:84 قَالَ فَٱلْحَقُّ وَٱلْحَقَّ أَقُولُ
38:84 الله فرمايو ته (اِھا ڳالھ) سچ آھي ۽ (آءٌ) سچ چوان ٿو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:85 لَأَمْلَأَنَّ جَهَنَّمَ مِنكَ وَمِمَّن تَبِعَكَ مِنْهُمْ أَجْمَعِينَ
38:85 ته توسان ۽ منجھانئن جيڪي تنھنجي پيروي ڪندا تن مڙني سان دوزخ کي ضرور ڀريندس. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:86 قُلْ مَآ أَسْـَٔلُكُمْ عَلَيْهِ مِنْ أَجْرٍ وَمَآ أَنَا۠ مِنَ ٱلْمُتَكَلِّفِينَ
38:86 (اي پيغمبر کين) چؤ ته آءٌ اوھان کان قرآن (پھچائڻ) بابت ڪو اُجورو نٿو گھران ۽ نڪي آءٌ (ڪوڙ) ٺاھڻ وارن مان آھيان. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:87 إِنْ هُوَ إِلَّا ذِكْرٌ لِّلْعَـٰلَمِينَ
38:87 ھي (قرآن) ته جھانن لاءِ نصيحت آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

38:88 وَلَتَعْلَمُنَّ نَبَأَهُۥ بَعْدَ حِينٍۭ
38:88 ۽ ڪنھن وقت کانپوءِ اُن جي سچائي جي خبر ضرور اوھين ڄاڻندؤ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)