Selected
                        Original Text
                        
                    
                
                    
                        Taj Mehmood Amroti
                        
                        
                        
                    
                
                Abdullah Yusuf Ali
Abdul Majid Daryabadi
Abul Ala Maududi
Ahmed Ali
Ahmed Raza Khan
A. J. Arberry
Ali Quli Qarai
Hasan al-Fatih Qaribullah and Ahmad Darwish
Mohammad Habib Shakir
Mohammed Marmaduke William Pickthall
Muhammad Sarwar
Muhammad Taqi-ud-Din al-Hilali and Muhammad Muhsin Khan
Safi-ur-Rahman al-Mubarakpuri
Saheeh International
Talal Itani
Transliteration
Wahiduddin Khan
                    بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ
                
                
                    In the name of Allah, Most Gracious, Most Merciful.
                
            
                    71:1
                    إِنَّآ أَرْسَلْنَا نُوحًا إِلَىٰ قَوْمِهِۦٓ أَنْ أَنذِرْ قَوْمَكَ مِن قَبْلِ أَن يَأْتِيَهُمْ عَذَابٌ أَلِيمٌ
                
                
                
                
                
                    71:1
                    بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏانھن موڪليو ته پنھنجي قوم کي انھن وٽ ڏکوئيندڙ عذاب جي پھچڻ کان اڳ ۾ ڊيڄار.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    71:2
                    قَالَ يَـٰقَوْمِ إِنِّى لَكُمْ نَذِيرٌ مُّبِينٌ
                
                
                
                
                
                    71:2
                    چيائين ته اي منھنجي قوم بيشڪ آءٌ اوھان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    71:3
                    أَنِ ٱعْبُدُوا۟ ٱللَّهَ وَٱتَّقُوهُ وَأَطِيعُونِ
                
                
                
                
                
                    71:3
                    ته الله جي عبادت ڪريو ۽ کانئس ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    71:4
                    يَغْفِرْ لَكُم مِّن ذُنُوبِكُمْ وَيُؤَخِّرْكُمْ إِلَىٰٓ أَجَلٍ مُّسَمًّى ۚ إِنَّ أَجَلَ ٱللَّهِ إِذَا جَآءَ لَا يُؤَخَّرُ ۖ لَوْ كُنتُمْ تَعْلَمُونَ
                
                
                
                
                
                    71:4
                    ته اوھان جا گناھ اوھان کي بخشي ۽ اوھان کي ٺھرايل وقت تائين ڍر ڏئي، بيشڪ الله جو ٺھرايل وقت ايندو (تڏھن) ان کي ڍر نه ڏبي، جيڪڏھن ڄاڻندا آھيو.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    71:5
                    قَالَ رَبِّ إِنِّى دَعَوْتُ قَوْمِى لَيْلًا وَنَهَارًا
                
                
                
                
                
                    71:5
                    (نوح) چيو ته اي منھنجا پالڻھار بيشڪ آءٌ پنھنجي قوم کي رات ۽ ڏينھن سڏيندو رھيس.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    71:6
                    فَلَمْ يَزِدْهُمْ دُعَآءِىٓ إِلَّا فِرَارًا
                
                
                
                
                
                    71:6
                    پوءِ منھنجي سڏڻ سندن حق ۾ ڀڄڻ کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه وڌايو.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    71:7
                    وَإِنِّى كُلَّمَا دَعَوْتُهُمْ لِتَغْفِرَ لَهُمْ جَعَلُوٓا۟ أَصَـٰبِعَهُمْ فِىٓ ءَاذَانِهِمْ وَٱسْتَغْشَوْا۟ ثِيَابَهُمْ وَأَصَرُّوا۟ وَٱسْتَكْبَرُوا۟ ٱسْتِكْبَارًا
                
                
                
                
                
                    71:7
                    ۽ بيشڪ مون جڏھن به انھن کي سڏيو ته تون انھن کي بخشين (تڏھن) پنھنجيون آڱريون پنھنجن ڪَنن ۾ وڌائون ۽ پنھنجا ڪپڙا پاڻ تي ويڙھيائون ۽ (ڪُفر تي) قائم رھيا ۽ تمام گھڻو ھٺ ڪيائون.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    71:8
                    ثُمَّ إِنِّى دَعَوْتُهُمْ جِهَارًا
                
                
                
                
                
                    71:8
                    وري بيشڪ مون اُنھن کي ڏاڍيان سڏيو.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    71:9
                    ثُمَّ إِنِّىٓ أَعْلَنتُ لَهُمْ وَأَسْرَرْتُ لَهُمْ إِسْرَارًا
                
                
                
                
                
                    71:9
                    وري بيشڪ مون انھن کي ظاھر ظھور چيو ۽ انھن کي ڳجھي طرح (به) چيم.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    71:10
                    فَقُلْتُ ٱسْتَغْفِرُوا۟ رَبَّكُمْ إِنَّهُۥ كَانَ غَفَّارًا
                
                
                
                
                
                    71:10
                    پوءِ چيم ته پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرو، ڇوته اُھو بخشڻھار آھي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    71:11
                    يُرْسِلِ ٱلسَّمَآءَ عَلَيْكُم مِّدْرَارًا
                
                
                
                
                
                    71:11
                    ته گھڻو وسندڙ مينھن اوھان تي لڳولڳ وسائي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    71:12
                    وَيُمْدِدْكُم بِأَمْوَٰلٍ وَبَنِينَ وَيَجْعَل لَّكُمْ جَنَّـٰتٍ وَيَجْعَل لَّكُمْ أَنْهَـٰرًا
                
                
                
                
                
                    71:12
                    ۽ اوھان کي مال ۽ پٽ گھڻا ڏئي ۽ اوھان کي باغ ڏئي ۽ اوھان کي نَھرون بڻائي ڏي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    71:13
                    مَّا لَكُمْ لَا تَرْجُونَ لِلَّهِ وَقَارًا
                
                
                
                
                
                    71:13
                    اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو الله جي وڏائي جو ويساھ نه ٿا رکو.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    71:14
                    وَقَدْ خَلَقَكُمْ أَطْوَارًا
                
                
                
                
                
                    71:14
                    حالانڪ اوھان کي قسمن قسمن ۾ بڻايائين.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    71:15
                    أَلَمْ تَرَوْا۟ كَيْفَ خَلَقَ ٱللَّهُ سَبْعَ سَمَـٰوَٰتٍ طِبَاقًا
                
                
                
                
                
                    71:15
                    نه ڏسندا آھيو ڇا ته الله ڪيئن ستن آسمانن کي طبقا طبقا بڻايو.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    71:16
                    وَجَعَلَ ٱلْقَمَرَ فِيهِنَّ نُورًا وَجَعَلَ ٱلشَّمْسَ سِرَاجًا
                
                
                
                
                
                    71:16
                    ۽ انھن ۾ چنڊ کي روشن ڪيائين ۽ سج کي (چمڪندڙ) ڏيئو ڪيائين.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    71:17
                    وَٱللَّهُ أَنۢبَتَكُم مِّنَ ٱلْأَرْضِ نَبَاتًا
                
                
                
                
                
                    71:17
                    ۽ الله اوھان کي زمين منجھان ھڪڙي ڄمائڻ طرح ڄمايو.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    71:18
                    ثُمَّ يُعِيدُكُمْ فِيهَا وَيُخْرِجُكُمْ إِخْرَاجًا
                
                
                
                
                
                    71:18
                    وري اوھان کي زمين ۾ موٽائي نيندو ۽ وري اوھان کي پوري طرح ٻاھر ڪڍندو.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    71:19
                    وَٱللَّهُ جَعَلَ لَكُمُ ٱلْأَرْضَ بِسَاطًا
                
                
                
                
                
                    71:19
                    ۽ الله اوھان لاءِ زمين کي وڇاڻو بڻايو.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    71:20
                    لِّتَسْلُكُوا۟ مِنْهَا سُبُلًا فِجَاجًا
                
                
                
                
                
                    71:20
                    ته اُن ۾ ويڪرين واٽن سان ھلو.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    71:21
                    قَالَ نُوحٌ رَّبِّ إِنَّهُمْ عَصَوْنِى وَٱتَّبَعُوا۟ مَن لَّمْ يَزِدْهُ مَالُهُۥ وَوَلَدُهُۥٓ إِلَّا خَسَارًا
                
                
                
                
                
                    71:21
                    نوح چيو ته اي منھنجا پالڻھار بيشڪ انھن منھنجو چيو نه مڃيو ۽ اُنھن جي پويان لڳا جن جي حق ۾ سندن مال ۽ سندن اولاد ڇيئي کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه وڌايو.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    71:22
                    وَمَكَرُوا۟ مَكْرًا كُبَّارًا
                
                
                
                
                
                    71:22
                    ۽ انھن تمام وڏو فريب پکيڙيو.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    71:23
                    وَقَالُوا۟ لَا تَذَرُنَّ ءَالِهَتَكُمْ وَلَا تَذَرُنَّ وَدًّا وَلَا سُوَاعًا وَلَا يَغُوثَ وَيَعُوقَ وَنَسْرًا
                
                
                
                
                
                    71:23
                    ۽ چيائون ته پنھنجن بُتن کي ڪڏھن نه ڇڏيو ۽ نڪي وَد ۽ نڪي سُوَاع ۽ نڪي يَغُوث ۽ يَعُوق ۽ نَسۡر کي ڇڏيو.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    71:24
                    وَقَدْ أَضَلُّوا۟ كَثِيرًا ۖ وَلَا تَزِدِ ٱلظَّـٰلِمِينَ إِلَّا ضَلَـٰلًا
                
                
                
                
                
                    71:24
                    ۽ بيشڪ گھڻن کي گمراھ ڪيائون، ۽ (اي الله) ظالمن کي گمراھيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪي وڌيڪ نه ڏي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    71:25
                    مِّمَّا خَطِيٓـَٔـٰتِهِمْ أُغْرِقُوا۟ فَأُدْخِلُوا۟ نَارًا فَلَمْ يَجِدُوا۟ لَهُم مِّن دُونِ ٱللَّهِ أَنصَارًا
                
                
                
                
                
                    71:25
                    انھن کي سندن گناھن جي سبب ڪري ٻوڙيو ويو وري انھن کي باھ ۾ داخل ڪيو ويو، پوءِ الله کانسواءِ (ٻيو) ڪو پاڻ لاءِ مددگار نه لڌائون.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    71:26
                    وَقَالَ نُوحٌ رَّبِّ لَا تَذَرْ عَلَى ٱلْأَرْضِ مِنَ ٱلْكَـٰفِرِينَ دَيَّارًا
                
                
                
                
                
                    71:26
                    ۽ نُوح چيو ته اي منھنجا پالڻھار ڪافرن مان ڪو زمين تي رھندڙ نه ڇڏ.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    71:27
                    إِنَّكَ إِن تَذَرْهُمْ يُضِلُّوا۟ عِبَادَكَ وَلَا يَلِدُوٓا۟ إِلَّا فَاجِرًا كَفَّارًا
                
                
                
                
                
                    71:27
                    بيشڪ تون جيڪڏھن انھن کي ڇڏيندين ته تنھنجن ٻانھن کي گمراھ ڪندا ۽ اُھي بدڪار مُنڪر کانسواءِ (ٻيو) نه ڄڻيندا.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    71:28
                    رَّبِّ ٱغْفِرْ لِى وَلِوَٰلِدَىَّ وَلِمَن دَخَلَ بَيْتِىَ مُؤْمِنًا وَلِلْمُؤْمِنِينَ وَٱلْمُؤْمِنَـٰتِ وَلَا تَزِدِ ٱلظَّـٰلِمِينَ إِلَّا تَبَارًۢا
                
                
                
                
                
                    71:28
                    اي منھنجا پالڻھار مون کي ۽ منھنجي ماءُ پيءُ کي بخش ۽ جيڪو منھنجي گھر ۾ مؤمن ٿي اچي تنھن کي ۽ سڀني مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي (بخش)، ۽ ظالمن کي ھلاڪيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪي وڌيڪ نه ڏي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)