Selected
                        Original Text
                        
                    
                
                    
                        Taj Mehmood Amroti
                        
                        
                        
                    
                
                Abdullah Yusuf Ali
Abdul Majid Daryabadi
Abul Ala Maududi
Ahmed Ali
Ahmed Raza Khan
A. J. Arberry
Ali Quli Qarai
Hasan al-Fatih Qaribullah and Ahmad Darwish
Mohammad Habib Shakir
Mohammed Marmaduke William Pickthall
Muhammad Sarwar
Muhammad Taqi-ud-Din al-Hilali and Muhammad Muhsin Khan
Safi-ur-Rahman al-Mubarakpuri
Saheeh International
Talal Itani
Transliteration
Wahiduddin Khan
                    بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ
                
                
                    In the name of Allah, Most Gracious, Most Merciful.
                
            
                    52:1
                    وَٱلطُّورِ
                
                
                
                
                
                    52:1
                    (جبل) طُور جو قسم آھي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    52:2
                    وَكِتَـٰبٍ مَّسْطُورٍ
                
                
                
                
                
                    52:2
                    ۽ لکيل ڪتاب جو (قسم) آھي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    52:3
                    فِى رَقٍّ مَّنشُورٍ
                
                
                
                
                
                    52:3
                    جو کُليل ورقن ۾ (لکيل) آھي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    52:4
                    وَٱلْبَيْتِ ٱلْمَعْمُورِ
                
                
                
                
                
                    52:4
                    ۽ آباد گھر جو (قسم) آھي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    52:5
                    وَٱلسَّقْفِ ٱلْمَرْفُوعِ
                
                
                
                
                
                    52:5
                    ۽ مٿاھينءَ ڇت جو (قسم) آھي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    52:6
                    وَٱلْبَحْرِ ٱلْمَسْجُورِ
                
                
                
                
                
                    52:6
                    ۽ اُڀامندڙ درياءَ جو (قسم) آھي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    52:7
                    إِنَّ عَذَابَ رَبِّكَ لَوَٰقِعٌ
                
                
                
                
                
                    52:7
                    ته بيشڪ تنھنجي پالڻھار جو عذاب ضرور ٿيڻو آھي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    52:8
                    مَّا لَهُۥ مِن دَافِعٍ
                
                
                
                
                
                    52:8
                    اُن کي ڪوبه ٽارڻ وارو ڪونھي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    52:9
                    يَوْمَ تَمُورُ ٱلسَّمَآءُ مَوْرًا
                
                
                
                
                
                    52:9
                    جنھن ڏينھن آسمان موج ھڻي چُرندو.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    52:10
                    وَتَسِيرُ ٱلْجِبَالُ سَيْرًا
                
                
                
                
                
                    52:10
                    ۽ جبل چڱيءَ طرح ھلندا.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    52:11
                    فَوَيْلٌ يَوْمَئِذٍ لِّلْمُكَذِّبِينَ
                
                
                
                
                
                    52:11
                    تنھن ڏينھن اُنھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    52:12
                    ٱلَّذِينَ هُمْ فِى خَوْضٍ يَلْعَبُونَ
                
                
                
                
                
                    52:12
                    جيڪي اَجاين ڳالھين ۾ راند ڪندا آھن.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    52:13
                    يَوْمَ يُدَعُّونَ إِلَىٰ نَارِ جَهَنَّمَ دَعًّا
                
                
                
                
                
                    52:13
                    جنھن ڏينھن دوزخ جي باھ ڏانھن ڌڪا ڏيئي روانا ڪبا.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    52:14
                    هَـٰذِهِ ٱلنَّارُ ٱلَّتِى كُنتُم بِهَا تُكَذِّبُونَ
                
                
                
                
                
                    52:14
                    (تنھن ڏينھن چئبن ته) ھي اُھا باھ آھي جنھن کي ڪُوڙ ڀائندا ھئو.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    52:15
                    أَفَسِحْرٌ هَـٰذَآ أَمْ أَنتُمْ لَا تُبْصِرُونَ
                
                
                
                
                
                    52:15
                    ھيءُ جادو آھي ڇا يا اوھين نه ٿا ڏسو؟  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    52:16
                    ٱصْلَوْهَا فَٱصْبِرُوٓا۟ أَوْ لَا تَصْبِرُوا۟ سَوَآءٌ عَلَيْكُمْ ۖ إِنَّمَا تُجْزَوْنَ مَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ
                
                
                
                
                
                    52:16
                    ان ۾ گھڙو پوءِ صبر ڪريو يا صبر نه ڪريو، (ته) اوھان لاءِ ھڪ جھڙي (ڳالھ) آھي، جيڪي اوھين ڪندا ھئو رڳو تنھنجو بدلو اوھان کي ڏنو ويندو.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    52:17
                    إِنَّ ٱلْمُتَّقِينَ فِى جَنَّـٰتٍ وَنَعِيمٍ
                
                
                
                
                
                    52:17
                    بيشڪ پرھيزگار باغن ۽ نعمتن ۾ ھوندا.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    52:18
                    فَـٰكِهِينَ بِمَآ ءَاتَىٰهُمْ رَبُّهُمْ وَوَقَىٰهُمْ رَبُّهُمْ عَذَابَ ٱلْجَحِيمِ
                
                
                
                
                
                    52:18
                    جيڪا (نعمت) کين سندن پالڻھار ڏني تنھن سان خوش ھوندا، ۽ (اُنھي ڪري به خوش ھوندا جو) سندن پالڻھار کين دوزخ جي عذاب کان بچايو.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    52:19
                    كُلُوا۟ وَٱشْرَبُوا۟ هَنِيٓـًٔۢا بِمَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ
                
                
                
                
                
                    52:19
                    (چئبن ته) انھي ڪري جو (چڱا) ڪم ڪندا ھئو مزي سان کائو ۽ پيئو.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    52:20
                    مُتَّكِـِٔينَ عَلَىٰ سُرُرٍ مَّصْفُوفَةٍ ۖ وَزَوَّجْنَـٰهُم بِحُورٍ عِينٍ
                
                
                
                
                
                    52:20
                    ھڪ ٻئي جي برابر وڇايلن تختن تي ٽيڪ ڏيئي ويٺل ھوندا، ۽ کين وڏين اکين وارين حورن سان پرڻائينداسون.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    52:21
                    وَٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَٱتَّبَعَتْهُمْ ذُرِّيَّتُهُم بِإِيمَـٰنٍ أَلْحَقْنَا بِهِمْ ذُرِّيَّتَهُمْ وَمَآ أَلَتْنَـٰهُم مِّنْ عَمَلِهِم مِّن شَىْءٍ ۚ كُلُّ ٱمْرِئٍۭ بِمَا كَسَبَ رَهِينٌ
                
                
                
                
                
                    52:21
                    ۽ جن ايمان آندو ۽ سندن اولاد ايمان ۾ سندن رستو ھليا تن سان سندن اولاد کي ملائينداسون ۽ کين سندن عملن مان ڪجھ به نه گھٽائينداسون، سڀڪنھن مڙس جيڪي ڪمايو تنھن ۾ (اُھو پاڻ) ڳه ٿيل آھي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    52:22
                    وَأَمْدَدْنَـٰهُم بِفَـٰكِهَةٍ وَلَحْمٍ مِّمَّا يَشْتَهُونَ
                
                
                
                
                
                    52:22
                    ۽ انھن کي ميوو ۽ گوشت جنھن (قسم) مان گھرندا (تنھن مان) پيا ڏينداسون.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    52:23
                    يَتَنَـٰزَعُونَ فِيهَا كَأْسًا لَّا لَغْوٌ فِيهَا وَلَا تَأْثِيمٌ
                
                
                
                
                
                    52:23
                    اُتي شراب جا پيالا ھڪ ٻئي کان پيا وٺندا جنھن ۾ نڪي بڪ بڪ ۽ نڪو گناھ ۾ پوڻ ھوندو.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    52:24
                    ۞ وَيَطُوفُ عَلَيْهِمْ غِلْمَانٌ لَّهُمْ كَأَنَّهُمْ لُؤْلُؤٌ مَّكْنُونٌ
                
                
                
                
                
                    52:24
                    ۽ وٽن اھڙا نينگر سندن آس پاس (خدمت لاءِ) پيا ايندا ويندا جو ڄڻڪ اُھي ڍڪيل موتي آھن.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    52:25
                    وَأَقْبَلَ بَعْضُهُمْ عَلَىٰ بَعْضٍ يَتَسَآءَلُونَ
                
                
                
                
                
                    52:25
                    ۽ اُنھن مان ھڪڙا ٻـين ڏانھن پاڻ ۾ پڇا ڪرڻ ڪرڻ لاءِ مُنھن ڪندا.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    52:26
                    قَالُوٓا۟ إِنَّا كُنَّا قَبْلُ فِىٓ أَهْلِنَا مُشْفِقِينَ
                
                
                
                
                
                    52:26
                    چوندا ته بيشڪ اسين ھن کان اڳ پنھنجي گھر وارن ۾ ڊڄندڙ ھئاسون.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    52:27
                    فَمَنَّ ٱللَّهُ عَلَيْنَا وَوَقَىٰنَا عَذَابَ ٱلسَّمُومِ
                
                
                
                
                
                    52:27
                    پوءِ الله اسان تي احسان ڪيو ۽ اسان کي دوزخ جي عذاب کان بچايائين.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    52:28
                    إِنَّا كُنَّا مِن قَبْلُ نَدْعُوهُ ۖ إِنَّهُۥ هُوَ ٱلْبَرُّ ٱلرَّحِيمُ
                
                
                
                
                
                    52:28
                    بيشڪ اسين ھن کان اڳ کيس سڏيندا ھواسون، بيشڪ اُھوئي اِحسان ڪندڙ مھربان آھي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    52:29
                    فَذَكِّرْ فَمَآ أَنتَ بِنِعْمَتِ رَبِّكَ بِكَاهِنٍ وَلَا مَجْنُونٍ
                
                
                
                
                
                    52:29
                    پوءِ (اي پيغمبر کين) نصيحت ڪر جو تون پنھنجي پالڻھار جي فضل سان نڪي ڀُوپُو آھين ۽ نڪي چريو آھين.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    52:30
                    أَمْ يَقُولُونَ شَاعِرٌ نَّتَرَبَّصُ بِهِۦ رَيْبَ ٱلْمَنُونِ
                
                
                
                
                
                    52:30
                    بلڪ چوندا آھن ڇا ته شاعر آھي (۽ اسين) سندس حق ۾ زماني جي ڦير گھير اچڻ جا منتظر آھيون.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    52:31
                    قُلْ تَرَبَّصُوا۟ فَإِنِّى مَعَكُم مِّنَ ٱلْمُتَرَبِّصِينَ
                
                
                
                
                
                    52:31
                    (انھن ڪافرن کي) چؤ ته اوھين به انتظار ڪڍو جو بيشڪ آءٌ به اوھان سان انتظار ڪڍندڙ آھيان.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    52:32
                    أَمْ تَأْمُرُهُمْ أَحْلَـٰمُهُم بِهَـٰذَآ ۚ أَمْ هُمْ قَوْمٌ طَاغُونَ
                
                
                
                
                
                    52:32
                    کين سندن عقل اھو ڏس ڏيندا آھن ڇا يا اُھي شرارتي قوم آھي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    52:33
                    أَمْ يَقُولُونَ تَقَوَّلَهُۥ ۚ بَل لَّا يُؤْمِنُونَ
                
                
                
                
                
                    52:33
                    چوندا آھن ڇا ته ھِن قرآن کي پاڻون بڻايو اٿس، بلڪ ايمان نه ٿا آڻين.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    52:34
                    فَلْيَأْتُوا۟ بِحَدِيثٍ مِّثْلِهِۦٓ إِن كَانُوا۟ صَـٰدِقِينَ
                
                
                
                
                
                    52:34
                    پوءِ (کين) جڳائي ته جيڪڏھن سچا آھن ته اُن جھڙو ڪو سخن (بڻائي) آڻين.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    52:35
                    أَمْ خُلِقُوا۟ مِنْ غَيْرِ شَىْءٍ أَمْ هُمُ ٱلْخَـٰلِقُونَ
                
                
                
                
                
                    52:35
                    اھي بي سبب (پاڻھي) پيدا ٿي پيا آھن ڇا يا اُھي (پاڻ) پيدا ڪندڙ آھن؟  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    52:36
                    أَمْ خَلَقُوا۟ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضَ ۚ بَل لَّا يُوقِنُونَ
                
                
                
                
                
                    52:36
                    آسمانن ۽ زمين کي بڻايو اٿن ڇا، بلڪ اُھي يقين نه ٿا آڻين.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    52:37
                    أَمْ عِندَهُمْ خَزَآئِنُ رَبِّكَ أَمْ هُمُ ٱلْمُصَۣيْطِرُونَ
                
                
                
                
                
                    52:37
                    تنھنجي پالڻھار جا خزانا انھن وٽ آھن ڇا يا اُھي داروغا آھن؟  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    52:38
                    أَمْ لَهُمْ سُلَّمٌ يَسْتَمِعُونَ فِيهِ ۖ فَلْيَأْتِ مُسْتَمِعُهُم بِسُلْطَـٰنٍ مُّبِينٍ
                
                
                
                
                
                    52:38
                    کين ڪا ڏاڪڻ آھي ڇا جنھن تي (چڙھي) ڪن ڏئي ٻڌندا آھن؟ پوءِ جڳائي ته اُنھن مان ٻُڌندڙ ڪو پڌرو دليل آڻي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    52:39
                    أَمْ لَهُ ٱلْبَنَـٰتُ وَلَكُمُ ٱلْبَنُونَ
                
                
                
                
                
                    52:39
                    الله کي ڌيئر آھن ڇا ۽ اوھان کي پُٽ؟  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    52:40
                    أَمْ تَسْـَٔلُهُمْ أَجْرًا فَهُم مِّن مَّغْرَمٍ مُّثْقَلُونَ
                
                
                
                
                
                    52:40
                    اُنھن کان مزوري گھرين ٿو ڇا؟ جو اُھي (اُنھيءَ) چٽيءَ کان ڳوري بار (ھيٺ) ٿيا آھن.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    52:41
                    أَمْ عِندَهُمُ ٱلْغَيْبُ فَهُمْ يَكْتُبُونَ
                
                
                
                
                
                    52:41
                    اُنھن وٽ ڳُجھ جو علم آھي ڇا جو اُھي لکندا آھن.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    52:42
                    أَمْ يُرِيدُونَ كَيْدًا ۖ فَٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ هُمُ ٱلْمَكِيدُونَ
                
                
                
                
                
                    52:42
                    ڪا بڇڙي رٿ ڪرڻ گھرندا آھن ڇا؟ پوءِ جن ڪُفر ڪيو سي ئي فريب ۾ پيل آھن.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    52:43
                    أَمْ لَهُمْ إِلَـٰهٌ غَيْرُ ٱللَّهِ ۚ سُبْحَـٰنَ ٱللَّهِ عَمَّا يُشْرِكُونَ
                
                
                
                
                
                    52:43
                    انھن لاءِ الله کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق آھي ڇا؟ (ساڻس) جيڪو شريڪ مقرر ڪندا آھن تنھن کان الله پاڪ آھي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    52:44
                    وَإِن يَرَوْا۟ كِسْفًا مِّنَ ٱلسَّمَآءِ سَاقِطًا يَقُولُوا۟ سَحَابٌ مَّرْكُومٌ
                
                
                
                
                
                    52:44
                    ۽ جيڪڏھن آسمان مان ڪو ٽڪرو ڪرندڙ ڏسندا ته چوندا ته گھاٽو ڪَڪر آھي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    52:45
                    فَذَرْهُمْ حَتَّىٰ يُلَـٰقُوا۟ يَوْمَهُمُ ٱلَّذِى فِيهِ يُصْعَقُونَ
                
                
                
                
                
                    52:45
                    پوءِ (اي پيغمبر) اُنھن کي ايستائين ڇڏي ڏي جيستائين پنھنجو اُھو ڏينھن ڏسن جنھن ۾ بيھوش ڪيو ويندن.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    52:46
                    يَوْمَ لَا يُغْنِى عَنْهُمْ كَيْدُهُمْ شَيْـًٔا وَلَا هُمْ يُنصَرُونَ
                
                
                
                
                
                    52:46
                    جنھن سندن فريب ڪجھ به نه ٽاريندو ۽ نڪي کين مدد ڏبي.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    52:47
                    وَإِنَّ لِلَّذِينَ ظَلَمُوا۟ عَذَابًا دُونَ ذَٰلِكَ وَلَـٰكِنَّ أَكْثَرَهُمْ لَا يَعْلَمُونَ
                
                
                
                
                
                    52:47
                    ۽ بيشڪ ظالمن لاءِ ھن کانسواءِ ٻيو عذاب (به) آھي پر اُنھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن.  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    52:48
                    وَٱصْبِرْ لِحُكْمِ رَبِّكَ فَإِنَّكَ بِأَعْيُنِنَا ۖ وَسَبِّحْ بِحَمْدِ رَبِّكَ حِينَ تَقُومُ
                
                
                
                
                
                    52:48
                    ۽ (اي پيغمبر) تون پنھنجي پالڻھار جي حُڪم (اچڻ) تائين صبر ڪر ڇوته تون اسان جي نظر ھيٺ آھين ۽ جنھن مھل تون اُٿين (تنھن مھل) پنھنجي پالڻھار جي ساراھ سان پاڪائي بيان ڪر  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
                
                
                
                
                
                    52:49
                    وَمِنَ ٱلَّيْلِ فَسَبِّحْهُ وَإِدْبَـٰرَ ٱلنُّجُومِ
                
                
                
                
                
                    52:49
                    ۽ ڪجھ رات جو (به) سندس پاڪائي بيان ڪر ۽ ستارن جي لھڻ کانپوءِ (به).  - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)