Selected

Original Text
Taj Mehmood Amroti

Available Translations

73 Al-Muzzammil ٱلْمُزَّمِّل

< Previous   20 Āyah   The Enshrouded One      Next >  

بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ
In the name of Allah, Most Gracious, Most Merciful.

73:1 يَـٰٓأَيُّهَا ٱلْمُزَّمِّلُ
73:1 اي (پاڻ تي) ڪپڙي ويڙھڻ ورا مڙس. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

73:2 قُمِ ٱلَّيْلَ إِلَّا قَلِيلًا
73:2 رات جو کڙو ٿيءُ پر ٿورو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

73:3 نِّصْفَهُۥٓ أَوِ ٱنقُصْ مِنْهُ قَلِيلًا
73:3 رات جو اڌ يا اڌ رات کان ٿورو گھٽاءِ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

73:4 أَوْ زِدْ عَلَيْهِ وَرَتِّلِ ٱلْقُرْءَانَ تَرْتِيلًا
73:4 يا اڌ رات تي وڌاءِ ۽ قرآن ٺاھي ٺاھي پڙھ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

73:5 إِنَّا سَنُلْقِى عَلَيْكَ قَوْلًا ثَقِيلًا
73:5 بيشڪ اسين توتي ھڪ ڳرو حُڪم نازل ڪنداسين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

73:6 إِنَّ نَاشِئَةَ ٱلَّيْلِ هِىَ أَشَدُّ وَطْـًٔا وَأَقْوَمُ قِيلًا
73:6 بيشڪ رات جو اُٿڻ (نفس جي) جھڪي ڪرڻ ۾ تمام سخت آھي ۽ لفظن (چوڻ) ۾ تمام پڪو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

73:7 إِنَّ لَكَ فِى ٱلنَّهَارِ سَبْحًا طَوِيلًا
73:7 بيشڪ توکي ڏينھن ۾ گھڻو ڌنڌو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

73:8 وَٱذْكُرِ ٱسْمَ رَبِّكَ وَتَبَتَّلْ إِلَيْهِ تَبْتِيلًا
73:8 ۽ پنھنجي پالڻھار جو نالو ياد ڪر ۽ سڀني پاسن کان ھڪ طرفو ٿي چڱي طرح ڏانھس متوجه ٿيءُ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

73:9 رَّبُّ ٱلْمَشْرِقِ وَٱلْمَغْرِبِ لَآ إِلَـٰهَ إِلَّا هُوَ فَٱتَّخِذْهُ وَكِيلًا
73:9 جو اوڀر ۽ اولھ جو پالڻھار آھي ان کانسواءِ ٻيو ڪو عبادت جو لائق نه آھي تنھنڪري تون کيس ڀرجھلو ڪري وٺ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

73:10 وَٱصْبِرْ عَلَىٰ مَا يَقُولُونَ وَٱهْجُرْهُمْ هَجْرًا جَمِيلًا
73:10 ۽ (ڪافر) جيڪي چوندا آھن تنھن تي صبر ڪر ۽ چڱي طرح انھن کي ڇڏي ڏي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

73:11 وَذَرْنِى وَٱلْمُكَذِّبِينَ أُو۟لِى ٱلنَّعْمَةِ وَمَهِّلْهُمْ قَلِيلًا
73:11 ۽ مون کي ۽ جيڪي ڪوڙ ڀائيندڙ آسودا آھن تن کي ڇڏي ڏي ۽ اُنھن کي ٿوري مُھلت ڏي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

73:12 إِنَّ لَدَيْنَآ أَنكَالًا وَجَحِيمًا
73:12 بيشڪ اسان وٽ (ڳرا) نيل ۽ ٻاريل باھ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

73:13 وَطَعَامًا ذَا غُصَّةٍ وَعَذَابًا أَلِيمًا
73:13 ۽ نڙي گھٽيندڙ طعام ۽ ڏکوئيندڙ عذاب آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

73:14 يَوْمَ تَرْجُفُ ٱلْأَرْضُ وَٱلْجِبَالُ وَكَانَتِ ٱلْجِبَالُ كَثِيبًا مَّهِيلًا
73:14 جنھن ڏينھن زمين ۽ جبل ڌٻندا ۽ جبل واريءَ جا ڍڳ ھاريل ٿيندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

73:15 إِنَّآ أَرْسَلْنَآ إِلَيْكُمْ رَسُولًا شَـٰهِدًا عَلَيْكُمْ كَمَآ أَرْسَلْنَآ إِلَىٰ فِرْعَوْنَ رَسُولًا
73:15 (اي ماڻھو) بيشڪ اسان اوھان ڏانھن ھڪ پيغمبر اوھان تي شاھدي ڏيندڙ موڪليو جھڙي طرح فرعون ڏانھن (موسى) پيغمبر (ڪري) موڪليوسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

73:16 فَعَصَىٰ فِرْعَوْنُ ٱلرَّسُولَ فَأَخَذْنَـٰهُ أَخْذًا وَبِيلًا
73:16 پوءِ فرعون اُن پيغمبر جي نافرماني ڪئي تنھنڪري اُن کي سخت پڪڙ ۾ پڪڙيوسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

73:17 فَكَيْفَ تَتَّقُونَ إِن كَفَرْتُمْ يَوْمًا يَجْعَلُ ٱلْوِلْدَٰنَ شِيبًا
73:17 پوءِ جيڪڏھن (اوھين) ڪافر رھندؤ ته اھڙي ڏينھن کان ڪيئن بچندو جيڪو ٻارن کي ٻڍو ڪندو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

73:18 ٱلسَّمَآءُ مُنفَطِرٌۢ بِهِۦ ۚ كَانَ وَعْدُهُۥ مَفْعُولًا
73:18 اُن ڏينھن ۾ آسمان ڦاٽندو، الله جو انجام (ضرور پورو) ٿيڻو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

73:19 إِنَّ هَـٰذِهِۦ تَذْكِرَةٌ ۖ فَمَن شَآءَ ٱتَّخَذَ إِلَىٰ رَبِّهِۦ سَبِيلًا
73:19 بيشڪ ھيءَ نصيحت آھي، پوءِ جيڪو گھري سو پنھنجي پالڻھار ڏانھن واٽ وٺي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

73:20 ۞ إِنَّ رَبَّكَ يَعْلَمُ أَنَّكَ تَقُومُ أَدْنَىٰ مِن ثُلُثَىِ ٱلَّيْلِ وَنِصْفَهُۥ وَثُلُثَهُۥ وَطَآئِفَةٌ مِّنَ ٱلَّذِينَ مَعَكَ ۚ وَٱللَّهُ يُقَدِّرُ ٱلَّيْلَ وَٱلنَّهَارَ ۚ عَلِمَ أَن لَّن تُحْصُوهُ فَتَابَ عَلَيْكُمْ ۖ فَٱقْرَءُوا۟ مَا تَيَسَّرَ مِنَ ٱلْقُرْءَانِ ۚ عَلِمَ أَن سَيَكُونُ مِنكُم مَّرْضَىٰ ۙ وَءَاخَرُونَ يَضْرِبُونَ فِى ٱلْأَرْضِ يَبْتَغُونَ مِن فَضْلِ ٱللَّهِ ۙ وَءَاخَرُونَ يُقَـٰتِلُونَ فِى سَبِيلِ ٱللَّهِ ۖ فَٱقْرَءُوا۟ مَا تَيَسَّرَ مِنْهُ ۚ وَأَقِيمُوا۟ ٱلصَّلَوٰةَ وَءَاتُوا۟ ٱلزَّكَوٰةَ وَأَقْرِضُوا۟ ٱللَّهَ قَرْضًا حَسَنًا ۚ وَمَا تُقَدِّمُوا۟ لِأَنفُسِكُم مِّنْ خَيْرٍ تَجِدُوهُ عِندَ ٱللَّهِ هُوَ خَيْرًا وَأَعْظَمَ أَجْرًا ۚ وَٱسْتَغْفِرُوا۟ ٱللَّهَ ۖ إِنَّ ٱللَّهَ غَفُورٌ رَّحِيمٌۢ
73:20 بيشڪ تنھنجو پالڻھار ڄاڻندو آھي ته تون ٻن ٽھائن رات جي ويجھو اُٿندڙ آھين ۽ اڌ رات جو ۽ ٽھائي رات جي ۽ جيڪي تو ساڻ آھن تن مان به ھڪ ٽولي (اٿندي آھي)، ۽ الله رات ۽ ڏينھن جو اندازو ڪندو آھي، الله ڄاتو ته اوھين رات جو اُٿڻ پورو ڪري نه ٿا سگھو تنھنڪري اوھان تي (ٻاجھ سان) موٽيو پوءِ جيترو آسان ٿي سگھي سو قرآن مان پڙھو، الله ڄاڻي چڪو ته اوھان مان ڪي بيمار ٿيندا ۽ ٻيا جي زمين ۾ مسافري ڪن ٿا الله جي فضل مان (روزيءَ جي) طلب ڪن ٿا ۽ ٻيا الله جي واٽ ۾ (ڪافرن سان) وڙھن ٿا، تنھنڪري جيترو قرآن مان آسان ٿي سگھي سو پڙھو ۽ نماز کي قائم رکو ۽ زڪوٰة ڏيو ۽ الله کي چڱيءَ طرح قرض ڏيو، ۽ جيڪي پاڻ لاءِ چڱائي مان اڳي موڪليندؤ تنھن کي الله وٽ وڌيڪ چڱو ۽ اجر ڪري تمام وڏو لھندؤ، ۽ الله کان بخشش گھرو، ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)