Selected
Original Text
Taj Mehmood Amroti
Abdullah Yusuf Ali
Abdul Majid Daryabadi
Abul Ala Maududi
Ahmed Ali
Ahmed Raza Khan
A. J. Arberry
Ali Quli Qarai
Hasan al-Fatih Qaribullah and Ahmad Darwish
Mohammad Habib Shakir
Mohammed Marmaduke William Pickthall
Muhammad Sarwar
Muhammad Taqi-ud-Din al-Hilali and Muhammad Muhsin Khan
Safi-ur-Rahman al-Mubarakpuri
Saheeh International
Talal Itani
Transliteration
Wahiduddin Khan
بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ
In the name of Allah, Most Gracious, Most Merciful.
28:1
طسٓمٓ
28:1
طٰسٓمّٓ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:2
تِلْكَ ءَايَـٰتُ ٱلْكِتَـٰبِ ٱلْمُبِينِ
28:2
ھي پڌري ڪتاب جون آيتون آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:3
نَتْلُوا۟ عَلَيْكَ مِن نَّبَإِ مُوسَىٰ وَفِرْعَوْنَ بِٱلْحَقِّ لِقَوْمٍ يُؤْمِنُونَ
28:3
(اي پيغمبر) مُوسىٰ ۽ فرعون جو ڪُجھ احوال مؤمن ماڻھن (جي ٻڌائڻ) لاءِ توکي سچيءَ طرح پڙھي ٻڌايون ٿا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:4
إِنَّ فِرْعَوْنَ عَلَا فِى ٱلْأَرْضِ وَجَعَلَ أَهْلَهَا شِيَعًا يَسْتَضْعِفُ طَآئِفَةً مِّنْهُمْ يُذَبِّحُ أَبْنَآءَهُمْ وَيَسْتَحْىِۦ نِسَآءَهُمْ ۚ إِنَّهُۥ كَانَ مِنَ ٱلْمُفْسِدِينَ
28:4
بيشڪ فرعون مُلڪ ۾ وڏائي ڪئي ھئي ۽ ان جي رھڻ وارن کي ٽوليون ٽوليون ڪري ڇڏيو ھوائين منجھائن ھڪ ٽوليءَ کي ھيڻو ڪيو ھوائين جو سندن پُٽ ڪُھندو ھو ۽ سندن ڌيئرون جيئريون ڇڏيندو ھو، بيشڪ اُھو فسادين مان ھو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:5
وَنُرِيدُ أَن نَّمُنَّ عَلَى ٱلَّذِينَ ٱسْتُضْعِفُوا۟ فِى ٱلْأَرْضِ وَنَجْعَلَهُمْ أَئِمَّةً وَنَجْعَلَهُمُ ٱلْوَٰرِثِينَ
28:5
۽ گھُريوسون ته جن کي مُلڪ ۾ ھيڻو ڪيو ويو تن تي اِحسان ڪريون ۽ کين سردار بڻايون ۽ کين وارث ڪريون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:6
وَنُمَكِّنَ لَهُمْ فِى ٱلْأَرْضِ وَنُرِىَ فِرْعَوْنَ وَهَـٰمَـٰنَ وَجُنُودَهُمَا مِنْهُم مَّا كَانُوا۟ يَحْذَرُونَ
28:6
۽ کين مُلڪ ۾ دٻدٻو ڏيون ۽ فرعون ۽ ھامان ۽ سندن لشڪرن کي اُنھن (ھيڻن) کان اُھا (ڳالھ) ڏيکاريون جنھن کان ڊڄندا ھوا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:7
وَأَوْحَيْنَآ إِلَىٰٓ أُمِّ مُوسَىٰٓ أَنْ أَرْضِعِيهِ ۖ فَإِذَا خِفْتِ عَلَيْهِ فَأَلْقِيهِ فِى ٱلْيَمِّ وَلَا تَخَافِى وَلَا تَحْزَنِىٓ ۖ إِنَّا رَآدُّوهُ إِلَيْكِ وَجَاعِلُوهُ مِنَ ٱلْمُرْسَلِينَ
28:7
۽ مُوسىٰ جي ماءُ ڏانھن اِلھام ڪيوسون ته اُن کي کِير پيار، جڏھن ھن جي لاءِ ڊڄين تڏھن کيس درياءَ ۾ اُڇلج ۽ نڪي ڊڄج ۽ نڪي غمگين ٿِج، ڇوته اسين کيس توڏانھن ورائڻ وارا آھيون ۽ کيس پيغمبرن مان ڪرڻ وارا آھيون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:8
فَٱلْتَقَطَهُۥٓ ءَالُ فِرْعَوْنَ لِيَكُونَ لَهُمْ عَدُوًّا وَحَزَنًا ۗ إِنَّ فِرْعَوْنَ وَهَـٰمَـٰنَ وَجُنُودَهُمَا كَانُوا۟ خَـٰطِـِٔينَ
28:8
پوءِ فرعون جي گھراڻي وارن اُن کي جھٽيو ته (نيٺ) اُنھن لاءِ ويري ۽ ڏک جو سبب ٿئي، ڇوته فرعون ۽ ھامان ۽ سندن لشڪر خطا ڪندڙ ھوا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:9
وَقَالَتِ ٱمْرَأَتُ فِرْعَوْنَ قُرَّتُ عَيْنٍ لِّى وَلَكَ ۖ لَا تَقْتُلُوهُ عَسَىٰٓ أَن يَنفَعَنَآ أَوْ نَتَّخِذَهُۥ وَلَدًا وَهُمْ لَا يَشْعُرُونَ
28:9
۽ فرعون جي زال چيو ته (ھيءُ ڇوڪر) منھنجي لاءِ ۽ تنھنجي لاءِ اکين جو ٺار آھي، اُن کي نه ڪُھو، مانَ اسان کي نفعو ڏئي يا کيس پُٽ ڪريون ۽ اُھي (اُن جي حال جي حقيقت) نه ڄاڻندا ھوا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:10
وَأَصْبَحَ فُؤَادُ أُمِّ مُوسَىٰ فَـٰرِغًا ۖ إِن كَادَتْ لَتُبْدِى بِهِۦ لَوْلَآ أَن رَّبَطْنَا عَلَىٰ قَلْبِهَا لِتَكُونَ مِنَ ٱلْمُؤْمِنِينَ
28:10
۽ مُوسىٰ جي ماءُ جي دِل بي قرار ٿي، بيشڪ ان ڳالھ کي ستت ئي پڌرو ڪري ھا جيڪڏھن سندس دل تي اسين بندش نه ڪريون ھا ھِن لاءِ ته وسھندڙن مان ٿئي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:11
وَقَالَتْ لِأُخْتِهِۦ قُصِّيهِ ۖ فَبَصُرَتْ بِهِۦ عَن جُنُبٍ وَهُمْ لَا يَشْعُرُونَ
28:11
۽ مُوسىٰ جي ڀيڻ کي چيائين ته سندس پيرو کڻ، پوءِ (اُھا) اُن کي پري کان ڏسندي رھي ۽ اُنھن نه ٿي ڄاتو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:12
۞ وَحَرَّمْنَا عَلَيْهِ ٱلْمَرَاضِعَ مِن قَبْلُ فَقَالَتْ هَلْ أَدُلُّكُمْ عَلَىٰٓ أَهْلِ بَيْتٍ يَكْفُلُونَهُۥ لَكُمْ وَهُمْ لَهُۥ نَـٰصِحُونَ
28:12
۽ (ڀيڻس جي پھچڻ کان) اڳ مٿس دائين جو کير حرام ڪيوسون پوءِ ڀيڻس چيو ته (آءٌ) اوھان کي اھڙو گھراڻو ڏسيان جو (اُھي) اوھان جي پاران اُن جي سنڀال ڪن؟ ۽ اُھي اُن جا گھڻ گھرا ھجن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:13
فَرَدَدْنَـٰهُ إِلَىٰٓ أُمِّهِۦ كَىْ تَقَرَّ عَيْنُهَا وَلَا تَحْزَنَ وَلِتَعْلَمَ أَنَّ وَعْدَ ٱللَّهِ حَقٌّ وَلَـٰكِنَّ أَكْثَرَهُمْ لَا يَعْلَمُونَ
28:13
پوءِ کيس سندس ماءُ ڏانھن وري پھچايوسين ته سندس اکيون ٺرن ۽ غمگين نه ٿئي ۽ (ھيء به) ڄاڻي ته بيشڪ الله جو انجام سچو آھي پر گھڻا ماڻھو نه ڄاڻندا آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:14
وَلَمَّا بَلَغَ أَشُدَّهُۥ وَٱسْتَوَىٰٓ ءَاتَيْنَـٰهُ حُكْمًا وَعِلْمًا ۚ وَكَذَٰلِكَ نَجْزِى ٱلْمُحْسِنِينَ
28:14
۽ جنھن مھل پنھنجي جوانيءَ کي پھتو ۽ پختو ٿيو (تنھن مھل) کيس دانائي ۽ عِلم ڏنوسون، ۽ اھڙي طرح ڀلارن کي چڱو بدلو ڏيندا آھيون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:15
وَدَخَلَ ٱلْمَدِينَةَ عَلَىٰ حِينِ غَفْلَةٍ مِّنْ أَهْلِهَا فَوَجَدَ فِيهَا رَجُلَيْنِ يَقْتَتِلَانِ هَـٰذَا مِن شِيعَتِهِۦ وَهَـٰذَا مِنْ عَدُوِّهِۦ ۖ فَٱسْتَغَـٰثَهُ ٱلَّذِى مِن شِيعَتِهِۦ عَلَى ٱلَّذِى مِنْ عَدُوِّهِۦ فَوَكَزَهُۥ مُوسَىٰ فَقَضَىٰ عَلَيْهِ ۖ قَالَ هَـٰذَا مِنْ عَمَلِ ٱلشَّيْطَـٰنِ ۖ إِنَّهُۥ عَدُوٌّ مُّضِلٌّ مُّبِينٌ
28:15
۽ (موسى) شھر ۾ اُتي جي رھاڪن جي غفلت جي وقت داخل ٿيو پوءِ اتي ٻه مڙس پاڻ ۾ وڙھندي ڏٺائين، ھي (ھڪڙو) سندس قوم مان ھو ۽ ھي (ٻيو) سندس ويريءَ (فرعون جي قوم) مان ھو، پوءِ جيڪو سندس قوم مان ھو تنھن اُنھيءَ تي ھمراھي گھري جيڪو سندس ويريء (جي قوم) مان ھو پوءِ مُوسىٰ ان کي مُڪ ھنئي ۽ اُن کي پورو ڪيائين، چيائين ته ھي شيطان جي ڪم مان آھي، بيشڪ اُھو پڌرو گمراھ ڪندڙ ويري آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:16
قَالَ رَبِّ إِنِّى ظَلَمْتُ نَفْسِى فَٱغْفِرْ لِى فَغَفَرَ لَهُۥٓ ۚ إِنَّهُۥ هُوَ ٱلْغَفُورُ ٱلرَّحِيمُ
28:16
چيائين ته اي منھنجا پالڻھار بيشڪ مون پاڻ تي ظلم ڪيو تنھنڪري مون کي بخش پوءِ کيس بخشيائين، بيشڪ اُھو بخشڻھار مھربان آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:17
قَالَ رَبِّ بِمَآ أَنْعَمْتَ عَلَىَّ فَلَنْ أَكُونَ ظَهِيرًا لِّلْمُجْرِمِينَ
28:17
چيائين ته اي منھنجا پالڻھار جيڪو مون تي فضل ڪيو اٿئي تنھن سببان ڏوھارين جو مددگار ڪڏھن نه ٿيندس. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:18
فَأَصْبَحَ فِى ٱلْمَدِينَةِ خَآئِفًا يَتَرَقَّبُ فَإِذَا ٱلَّذِى ٱسْتَنصَرَهُۥ بِٱلْأَمْسِ يَسْتَصْرِخُهُۥ ۚ قَالَ لَهُۥ مُوسَىٰٓ إِنَّكَ لَغَوِىٌّ مُّبِينٌ
28:18
پوءِ صُبح تائين شھر ۾ ڊڄندڙ منتظر رھيو ته اوچتو جنھن کانئس مدد گھري ھئي تنھن کانئس (وري) مدد گھري، مُوسىٰ کيس چيو ته تون پڌرو بي راھو آھين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:19
فَلَمَّآ أَنْ أَرَادَ أَن يَبْطِشَ بِٱلَّذِى هُوَ عَدُوٌّ لَّهُمَا قَالَ يَـٰمُوسَىٰٓ أَتُرِيدُ أَن تَقْتُلَنِى كَمَا قَتَلْتَ نَفْسًۢا بِٱلْأَمْسِ ۖ إِن تُرِيدُ إِلَّآ أَن تَكُونَ جَبَّارًا فِى ٱلْأَرْضِ وَمَا تُرِيدُ أَن تَكُونَ مِنَ ٱلْمُصْلِحِينَ
28:19
پوءِ جيڪو ٻنھي جو ويري ھو تنھن ڏانھن (موسى) جنھن مھل ھٿ ڊگھيرڻ جو ارادو ڪيو (تنھن مھل فرياد ڪندڙ مُوسىٰ کي پاڻ تي سنبريل ڏسي) چيو ته اي مُوسىٰ جئن ڪالھ ھڪڙي ماڻھوءَ کي ڪُٺئي تئن مون کي (به) ڪُھڻ جو ارادو ڪرين ٿو ڇا؟ مُلڪ ۾ زبردست ٿيڻ کانسواءِ تنھنجو ٻيو ڪو ارادو نه آھي تون سُڌاريندڙن مان ھُجڻ نه ٿو گھُرين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:20
وَجَآءَ رَجُلٌ مِّنْ أَقْصَا ٱلْمَدِينَةِ يَسْعَىٰ قَالَ يَـٰمُوسَىٰٓ إِنَّ ٱلْمَلَأَ يَأْتَمِرُونَ بِكَ لِيَقْتُلُوكَ فَٱخْرُجْ إِنِّى لَكَ مِنَ ٱلنَّـٰصِحِينَ
28:20
۽ ھڪ مڙس شھر جي پرين پاسي کان ڊوڙندو آيو، چيائين ته اي مُوسىٰ بيشڪ (ھتون جا) سردار تولاءِ رٿ ڪن ٿا ته توکي ڪُھن تنھنڪري نيڪري وڃ بيشڪ آءٌ تولاءِ خير گھرندڙن مان آھيان. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:21
فَخَرَجَ مِنْهَا خَآئِفًا يَتَرَقَّبُ ۖ قَالَ رَبِّ نَجِّنِى مِنَ ٱلْقَوْمِ ٱلظَّـٰلِمِينَ
28:21
پوءِ (مُوسى) ڊڄندو انتظار ڪڍندو اُن (شھر) مان نڪتو، چيائين ته اي منھنجا پالڻھار ظالمن جي قوم کان مونکي بچاءِ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:22
وَلَمَّا تَوَجَّهَ تِلْقَآءَ مَدْيَنَ قَالَ عَسَىٰ رَبِّىٓ أَن يَهْدِيَنِى سَوَآءَ ٱلسَّبِيلِ
28:22
۽ جنھن مھل مدين (شھر) جي طرف منھن ڪيائين (تنھن مھل) چيائين ته اُميد اٿم ته منھنجو پالڻھار مون کي سڌي واٽ ڏيکاريندو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:23
وَلَمَّا وَرَدَ مَآءَ مَدْيَنَ وَجَدَ عَلَيْهِ أُمَّةً مِّنَ ٱلنَّاسِ يَسْقُونَ وَوَجَدَ مِن دُونِهِمُ ٱمْرَأَتَيْنِ تَذُودَانِ ۖ قَالَ مَا خَطْبُكُمَا ۖ قَالَتَا لَا نَسْقِى حَتَّىٰ يُصْدِرَ ٱلرِّعَآءُ ۖ وَأَبُونَا شَيْخٌ كَبِيرٌ
28:23
۽ جنھن مھل مدين جي تڙ تي پھتو (تنھن مھل) اُن ماڻھن جي ھڪ ٽولي (جانورن کي) پاڻي پياريندي ڏٺائين، ۽ اُنھن کانسواءِ ٻه زالون (به پنھنجو ڌڻ پاڻي پيڻ کان) جھليندي ڏٺائين، (مُوسى) چيو ته اوھان جو ڪھڙو ڪم آھي؟ چيائون ته (اسين) ايسين (پنھنجي ڌڻ کي پاڻي) نه پيارينديون سين جيسين ڌنار (پنھنجا جانور پياري نه) موٽائين، ۽ اسان جو پيءُ وڏو ٻڍڙو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:24
فَسَقَىٰ لَهُمَا ثُمَّ تَوَلَّىٰٓ إِلَى ٱلظِّلِّ فَقَالَ رَبِّ إِنِّى لِمَآ أَنزَلْتَ إِلَىَّ مِنْ خَيْرٍ فَقِيرٌ
28:24
پوءِ اُنھن (جي ڌڻ) کي پاڻي پياريائين وري (رھڻ لاءِ) پاڇي ڏانھن ڦِريو پوءِ چيائين ته اي منھنجا پالڻھار بيشڪ جيڪي مون ڏانھن چڱائيءَ مان موڪليءِ تنھن لاءِ آءٌ مُحتاج آھيان. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:25
فَجَآءَتْهُ إِحْدَىٰهُمَا تَمْشِى عَلَى ٱسْتِحْيَآءٍ قَالَتْ إِنَّ أَبِى يَدْعُوكَ لِيَجْزِيَكَ أَجْرَ مَا سَقَيْتَ لَنَا ۚ فَلَمَّا جَآءَهُۥ وَقَصَّ عَلَيْهِ ٱلْقَصَصَ قَالَ لَا تَخَفْ ۖ نَجَوْتَ مِنَ ٱلْقَوْمِ ٱلظَّـٰلِمِينَ
28:25
پوءِ منجھائن ھڪڙي لڄ سان گھمندي وٽس آئي، چيائين ته منھنجو پيءُ توکي ھن لاءِ سڏي ٿو ته جيڪو اسان (جي ڌڻ) کي پاڻي پياريئي تنھنجي مزوري توکي ڏي، پوءِ جنھن مھل وٽس آيو ۽ سارو قصّو وٽس بيان ڪيائين (تنھن مھل شعيب) چيو ته نه ڊڄ، (ھاڻي) ظالم قوم کان ڇُٽين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:26
قَالَتْ إِحْدَىٰهُمَا يَـٰٓأَبَتِ ٱسْتَـْٔجِرْهُ ۖ إِنَّ خَيْرَ مَنِ ٱسْتَـْٔجَرْتَ ٱلْقَوِىُّ ٱلْأَمِينُ
28:26
منجھائن ھڪ چيو ته اي ابا ھن کي مزور ڪري رک، ڇوته ڀلو (نوڪر) جنھن کي مزور ڪري رکين اُھو آھي جو سگھارو معتبر ھجي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:27
قَالَ إِنِّىٓ أُرِيدُ أَنْ أُنكِحَكَ إِحْدَى ٱبْنَتَىَّ هَـٰتَيْنِ عَلَىٰٓ أَن تَأْجُرَنِى ثَمَـٰنِىَ حِجَجٍ ۖ فَإِنْ أَتْمَمْتَ عَشْرًا فَمِنْ عِندِكَ ۖ وَمَآ أُرِيدُ أَنْ أَشُقَّ عَلَيْكَ ۚ سَتَجِدُنِىٓ إِن شَآءَ ٱللَّهُ مِنَ ٱلصَّـٰلِحِينَ
28:27
(شعيب) چيو ته منھنجو ارادو آھي ته ھنن پنھنجن ٻن ڌيئن مان ھڪ ھن شرط تي توکي پرڻايان ته اَٺ سال منھنجي مزوري ڪرين، ۽ جيڪڏھ ڏھ (ورھ) پورا ڪندين ته اُھو تنھنجي پار کان (احسان) آھي ۽ آءٌ توتي (ڪا) اوکائي ڪرڻ نه ٿو گھران، جيڪڏھن الله گھريو ته مون کي خير گھرن مان ڏسندين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:28
قَالَ ذَٰلِكَ بَيْنِى وَبَيْنَكَ ۖ أَيَّمَا ٱلْأَجَلَيْنِ قَضَيْتُ فَلَا عُدْوَٰنَ عَلَىَّ ۖ وَٱللَّهُ عَلَىٰ مَا نَقُولُ وَكِيلٌ
28:28
(مُوسى) چيو ته منھنجي ۽ تنھنجي وچ ۾ اھو (انجام) آھي، انھن ٻنھي مدتن مان ڪا پورائي ڪريان ته مون تي ڪو زور نه ھوندو، ۽ جيڪي چئون ٿا تنھن تي الله شاھد (بس) آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:29
۞ فَلَمَّا قَضَىٰ مُوسَى ٱلْأَجَلَ وَسَارَ بِأَهْلِهِۦٓ ءَانَسَ مِن جَانِبِ ٱلطُّورِ نَارًا قَالَ لِأَهْلِهِ ٱمْكُثُوٓا۟ إِنِّىٓ ءَانَسْتُ نَارًا لَّعَلِّىٓ ءَاتِيكُم مِّنْهَا بِخَبَرٍ أَوْ جَذْوَةٍ مِّنَ ٱلنَّارِ لَعَلَّكُمْ تَصْطَلُونَ
28:29
پوءِ جنھن مھل مُوسىٰ (اھا) مُدّت پوري ڪئي ۽ پنھنجي گھر وارن کي وٺي ھليو (تنھن مھل وچ رستي ۾ ڪوہ) طور جي پاسي ڏانھن باھ ڏٺائين، پنھنجي گھر وارن کي چيائين ته ترسو بيشڪ مون باھ ڏٺي آھي اُميد اٿم ته اُتاھون ڪا خبر يا ڪو باھ جو ٽانڊو اوھان وٽ آڻيندس ته مانَ اوھين پاڻ سيڪيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:30
فَلَمَّآ أَتَىٰهَا نُودِىَ مِن شَـٰطِئِ ٱلْوَادِ ٱلْأَيْمَنِ فِى ٱلْبُقْعَةِ ٱلْمُبَـٰرَكَةِ مِنَ ٱلشَّجَرَةِ أَن يَـٰمُوسَىٰٓ إِنِّىٓ أَنَا ٱللَّهُ رَبُّ ٱلْعَـٰلَمِينَ
28:30
پوءِ جڏھن اُنھيءَ (باھ) وٽ آيو (تڏھن) ميدان جي سڄي ڀر کان مُبارڪ جاءِ ۽ وڻ مان سڏيو ويو ته اي مُوسىٰ بيشڪ آءٌ جھانن جو پالڻھار آھيان. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:31
وَأَنْ أَلْقِ عَصَاكَ ۖ فَلَمَّا رَءَاهَا تَهْتَزُّ كَأَنَّهَا جَآنٌّ وَلَّىٰ مُدْبِرًا وَلَمْ يُعَقِّبْ ۚ يَـٰمُوسَىٰٓ أَقْبِلْ وَلَا تَخَفْ ۖ إِنَّكَ مِنَ ٱلْـَٔامِنِينَ
28:31
۽ تون پنھنجي لٺ اُڇل، پوءِ جنھن مھل اُن کي چرندو ڏٺائين ڄڻڪ اُھا نانگ آھي (تنھن مھل) پٺيرو ٿي منھن موڙيائين ۽ پوئتي نه موٽيو، (چيوسون ته) اي موسىٰ اوري اچ ۽ نه ڊڄ، جو بيشڪ تون امن وارن مان آھين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:32
ٱسْلُكْ يَدَكَ فِى جَيْبِكَ تَخْرُجْ بَيْضَآءَ مِنْ غَيْرِ سُوٓءٍ وَٱضْمُمْ إِلَيْكَ جَنَاحَكَ مِنَ ٱلرَّهْبِ ۖ فَذَٰنِكَ بُرْهَـٰنَانِ مِن رَّبِّكَ إِلَىٰ فِرْعَوْنَ وَمَلَإِي۟هِۦٓ ۚ إِنَّهُمْ كَانُوا۟ قَوْمًا فَـٰسِقِينَ
28:32
پنھنجو ھٿ گريبان ۾ گھيڙ ته بي عيب چمڪندڙ ٿي نڪري، ۽ خوف کان (تسلّي ٿيڻ لاءِ) پنھنجون ٻانھون پاڻ ڏانھن گڏ پوءِ اُھي ٻئي حُجّتون فرعون ۽ سندس لشڪر ڏانھن تنھنجي پالڻھار (جي طرف) کان آھن، بيشڪ اُھي بدڪار ماڻھو ھوا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:33
قَالَ رَبِّ إِنِّى قَتَلْتُ مِنْهُمْ نَفْسًا فَأَخَافُ أَن يَقْتُلُونِ
28:33
چيائين ته اي منھنجا پالڻھار بيشڪ منجھائن ھڪ شخص کي مون ماريو آھي تنھنڪري آءٌ پنھنجي مارجڻ کان ڊڄان ٿو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:34
وَأَخِى هَـٰرُونُ هُوَ أَفْصَحُ مِنِّى لِسَانًا فَأَرْسِلْهُ مَعِىَ رِدْءًا يُصَدِّقُنِىٓ ۖ إِنِّىٓ أَخَافُ أَن يُكَذِّبُونِ
28:34
۽ منھنجو ڀاءُ ھارون مون کان زبان جي ڪري وڌيڪ چٽو ڳالھائيندڙ آھي تنھنڪري اُن کي مون سان مدد ڏيندڙ ڪري موڪل ته منھنجي تصديق ڪري ڇوته آءٌ پنھنجي ڪوڙي ٿيڻ کان ڊڄان ٿو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:35
قَالَ سَنَشُدُّ عَضُدَكَ بِأَخِيكَ وَنَجْعَلُ لَكُمَا سُلْطَـٰنًا فَلَا يَصِلُونَ إِلَيْكُمَا ۚ بِـَٔايَـٰتِنَآ أَنتُمَا وَمَنِ ٱتَّبَعَكُمَا ٱلْغَـٰلِبُونَ
28:35
(الله) چيو ته سِگھو تنھنجا بازو تنھنجي ڀاءُ سان مُحڪم ڪنداسون ۽ اوھان کي غلبو ڏينداسون پوءِ (اُھي) اوھان ڏانھن (ايذاءَ لاءِ) پھچي نه سگھندا، ۽ اسانجي پڌرن معجزن سببان، اوھين ٻئي ۽ جيڪي اوھان جي پُٺيان لڳا سي غالب رھندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:36
فَلَمَّا جَآءَهُم مُّوسَىٰ بِـَٔايَـٰتِنَا بَيِّنَـٰتٍ قَالُوا۟ مَا هَـٰذَآ إِلَّا سِحْرٌ مُّفْتَرًى وَمَا سَمِعْنَا بِهَـٰذَا فِىٓ ءَابَآئِنَا ٱلْأَوَّلِينَ
28:36
پوءِ جنھن مھل مُوسىٰ اسان جي پڌرن معجزن سان وٽن آيو (تنھن مھل) چيائون ته ھيء رڳو ٺاھوڪو جادو آھي ۽ اِھا ڳالھ پنھنجن پھرين پيءُ ڏاڏن ۾ نه ٻُڌي سون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:37
وَقَالَ مُوسَىٰ رَبِّىٓ أَعْلَمُ بِمَن جَآءَ بِٱلْهُدَىٰ مِنْ عِندِهِۦ وَمَن تَكُونُ لَهُۥ عَـٰقِبَةُ ٱلدَّارِ ۖ إِنَّهُۥ لَا يُفْلِحُ ٱلظَّـٰلِمُونَ
28:37
۽ مُوسىٰ چيو ته منھنجو پالڻھار اُنھيءَ کي وڌيڪ ڄاڻندو آھي جنھن وٽانئس ھدايت آندي آھي ۽ جنھن لاءِ (آخرت ۾) موچاري عاقبت جو گھر آھي، بيشڪ ظالم نه ڇُٽندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:38
وَقَالَ فِرْعَوْنُ يَـٰٓأَيُّهَا ٱلْمَلَأُ مَا عَلِمْتُ لَكُم مِّنْ إِلَـٰهٍ غَيْرِى فَأَوْقِدْ لِى يَـٰهَـٰمَـٰنُ عَلَى ٱلطِّينِ فَٱجْعَل لِّى صَرْحًا لَّعَلِّىٓ أَطَّلِعُ إِلَىٰٓ إِلَـٰهِ مُوسَىٰ وَإِنِّى لَأَظُنُّهُۥ مِنَ ٱلْكَـٰذِبِينَ
28:38
۽ فِرعون چيو ته اي سردارؤ مون اوھان لاءِ پاڻ کانسواءِ ڪو ٻيو معبود نه ڄاتو آھي، پوءِ اي ھامان مون لاءِ سرن جو (کورو) ٻار پوءِ مون لاءِ ھڪ ماڙي بڻاءِ ته مان موسىٰ جي معبُود ڏانھن چڙھان ۽ آءٌ بيشڪ کيس ڪُوڙن مان ڀانيان ٿو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:39
وَٱسْتَكْبَرَ هُوَ وَجُنُودُهُۥ فِى ٱلْأَرْضِ بِغَيْرِ ٱلْحَقِّ وَظَنُّوٓا۟ أَنَّهُمْ إِلَيْنَا لَا يُرْجَعُونَ
28:39
۽ اُن (فرعون) ۽ سندس لشڪر ناحق مُلڪ ۾ وڏائي ڪئي ۽ ڀانيائون ته اُھي اسان ڏانھن نه موٽائبا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:40
فَأَخَذْنَـٰهُ وَجُنُودَهُۥ فَنَبَذْنَـٰهُمْ فِى ٱلْيَمِّ ۖ فَٱنظُرْ كَيْفَ كَانَ عَـٰقِبَةُ ٱلظَّـٰلِمِينَ
28:40
پوءِ کيس ۽ سندس لشڪرن کي پڪڙيوسون ۽ پوءِ کيس سمنڊ ۾ اُڇليوسون، پوءِ ڏس ته ظالمن جي پڇاڙي ڪھڙي طرح ٿي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:41
وَجَعَلْنَـٰهُمْ أَئِمَّةً يَدْعُونَ إِلَى ٱلنَّارِ ۖ وَيَوْمَ ٱلْقِيَـٰمَةِ لَا يُنصَرُونَ
28:41
۽ اسان اُھي (دوزخين جا اڳواڻ) بڻايا جو (ماڻھن) کي باھ ڏانھن سڏيندا ھوا، ۽ قيامت جي ڏينھن مدد نه ڏبين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:42
وَأَتْبَعْنَـٰهُمْ فِى هَـٰذِهِ ٱلدُّنْيَا لَعْنَةً ۖ وَيَوْمَ ٱلْقِيَـٰمَةِ هُم مِّنَ ٱلْمَقْبُوحِينَ
28:42
۽ ھن دنيا ۾ لعنت سندن پوئتان لاٿي سون، ۽ قيامت جي ڏينھن اُھي بُڇڙن مان ھوندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:43
وَلَقَدْ ءَاتَيْنَا مُوسَى ٱلْكِتَـٰبَ مِنۢ بَعْدِ مَآ أَهْلَكْنَا ٱلْقُرُونَ ٱلْأُولَىٰ بَصَآئِرَ لِلنَّاسِ وَهُدًى وَرَحْمَةً لَّعَلَّهُمْ يَتَذَكَّرُونَ
28:43
۽ بيشڪ مُوسىٰ کي ڪتاب ڏنوسون اُن کان پوءِ جو پھرين جُڳن کي ھلاڪ ڪيوسون جو (اُھو) ماڻھن لاءِ چِٽو دليل ۽ ھدايت ڪندڙ ۽ ٻاجھ ھو ته مانَ اُھي نصيحت وٺن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:44
وَمَا كُنتَ بِجَانِبِ ٱلْغَرْبِىِّ إِذْ قَضَيْنَآ إِلَىٰ مُوسَى ٱلْأَمْرَ وَمَا كُنتَ مِنَ ٱلشَّـٰهِدِينَ
28:44
۽ (اي پيغمبر تون تڏھن) اُلھندي پاسي کان نه ھئين جڏھن مُوسىٰ ڏانھن وَحي موڪليوسون ۽ نڪي (تون اُتي) حاضرن مان ھُئين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:45
وَلَـٰكِنَّآ أَنشَأْنَا قُرُونًا فَتَطَاوَلَ عَلَيْهِمُ ٱلْعُمُرُ ۚ وَمَا كُنتَ ثَاوِيًا فِىٓ أَهْلِ مَدْيَنَ تَتْلُوا۟ عَلَيْهِمْ ءَايَـٰتِنَا وَلَـٰكِنَّا كُنَّا مُرْسِلِينَ
28:45
پر ڪيترائي جُڳ (مُوسىٰ کانپوءِ) پيدا ڪياسون پوءِ مٿن مُدت ڊگھي گذري، ۽ نڪي (تون) مدين وارن ۾ رھندڙ ھئين جو اسان جون کين آيتون پڙھي ٻڌايئي ٿي پر اسين (پيغمبرن) کي موڪليندا رھياسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:46
وَمَا كُنتَ بِجَانِبِ ٱلطُّورِ إِذْ نَادَيْنَا وَلَـٰكِن رَّحْمَةً مِّن رَّبِّكَ لِتُنذِرَ قَوْمًا مَّآ أَتَىٰهُم مِّن نَّذِيرٍ مِّن قَبْلِكَ لَعَلَّهُمْ يَتَذَكَّرُونَ
28:46
۽ نڪي (تون ڪوہ) طور جي پاسي ھُئين جڏھن موسىٰ کي سڏيوسون پر تنھنجي پالڻھار جي ٻاجھ توتي (ھن لاءِ ٿيل) آھي ته تون اُنھي قوم کي ڊيڄارين جن وٽ توکان اڳ ڪو ڊيڄاريندڙ نه آيو ته مانَ اُھي نصيحت وٺن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:47
وَلَوْلَآ أَن تُصِيبَهُم مُّصِيبَةٌۢ بِمَا قَدَّمَتْ أَيْدِيهِمْ فَيَقُولُوا۟ رَبَّنَا لَوْلَآ أَرْسَلْتَ إِلَيْنَا رَسُولًا فَنَتَّبِعَ ءَايَـٰتِكَ وَنَكُونَ مِنَ ٱلْمُؤْمِنِينَ
28:47
۽ جيڪڏھن ائين نه ھجي ھا ته سندن ھٿن جيڪي اڳي موڪليو آھي تنھنجي سبب اُنھن تي جڏھن مُصيبت پھچي تڏھن (متان) چون ته اي اسان جا پالڻھار اسان ڏانھن ڪو پيغمبر ڇونه موڪليئي ته تنھنجن آيتن جا تابعدار بڻجون ھا ۽ مؤمنن مان ھجون ھا (ته توکي نه موڪليون ھا). - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:48
فَلَمَّا جَآءَهُمُ ٱلْحَقُّ مِنْ عِندِنَا قَالُوا۟ لَوْلَآ أُوتِىَ مِثْلَ مَآ أُوتِىَ مُوسَىٰٓ ۚ أَوَلَمْ يَكْفُرُوا۟ بِمَآ أُوتِىَ مُوسَىٰ مِن قَبْلُ ۖ قَالُوا۟ سِحْرَانِ تَظَـٰهَرَا وَقَالُوٓا۟ إِنَّا بِكُلٍّ كَـٰفِرُونَ
28:48
پوءِ جنھن مھل اسان وٽان اُنھن وٽ سچو (وحي) آيو (تنھن مھل) چوڻ لڳا ته جھڙو (معجزو) مُوسىٰ کي ڏنو ويو تھڙو ھن پيغمبر کي ڇونه ڏنو ويو آھي، جيڪي اڳي مُوسىٰ کي ڏنو ويو تنھن جو انڪار نه ڪيو اٿن ڇا؟ (ھاڻي) چون ٿا ته (توريت ۽ قرآن) ٻئي ھڪ جھڙا جادو آھن، ۽ چون ٿا ته اسين ھر ھڪ جا مُنڪر آھيون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:49
قُلْ فَأْتُوا۟ بِكِتَـٰبٍ مِّنْ عِندِ ٱللَّهِ هُوَ أَهْدَىٰ مِنْهُمَآ أَتَّبِعْهُ إِن كُنتُمْ صَـٰدِقِينَ
28:49
(کين) چؤ ته جيڪڏھن سچا آھيو ته الله وٽان ڪو ڪتاب آڻيو جو انھن ٻنھي کان وڌيڪ سڌو رستو ڏيکاريندڙ ھجي ته اُن جي تابعداري ڪريان. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:50
فَإِن لَّمْ يَسْتَجِيبُوا۟ لَكَ فَٱعْلَمْ أَنَّمَا يَتَّبِعُونَ أَهْوَآءَهُمْ ۚ وَمَنْ أَضَلُّ مِمَّنِ ٱتَّبَعَ هَوَىٰهُ بِغَيْرِ هُدًى مِّنَ ٱللَّهِ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ لَا يَهْدِى ٱلْقَوْمَ ٱلظَّـٰلِمِينَ
28:50
پوءِ جيڪڏھن تنھنجي ڳالھ قبول نه ڪن ته ڄاڻ ته اُھي رڳو پنھنجن سَڌن تي ھلندا آھن، ۽ جيڪو الله جي رستي ڏيکارڻ کانسواءِ پنھنجي سَڌ تي ھلي تنھن کان وڌيڪ گمراھ ڪير آھي، بيشڪ الله ظالمن جي قوم کي سِڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:51
۞ وَلَقَدْ وَصَّلْنَا لَهُمُ ٱلْقَوْلَ لَعَلَّهُمْ يَتَذَكَّرُونَ
28:51
۽ بيشڪ ھن قرآن کي انھن لاءِ لڳولڳ موڪليوسون ته مانَ اُھي نصيحت وٺن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:52
ٱلَّذِينَ ءَاتَيْنَـٰهُمُ ٱلْكِتَـٰبَ مِن قَبْلِهِۦ هُم بِهِۦ يُؤْمِنُونَ
28:52
جن کي ھن (قرآن) کان اڳ ڪتان ڏنو اٿون سي اُن (قرآن) کي مڃيندا آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:53
وَإِذَا يُتْلَىٰ عَلَيْهِمْ قَالُوٓا۟ ءَامَنَّا بِهِۦٓ إِنَّهُ ٱلْحَقُّ مِن رَّبِّنَآ إِنَّا كُنَّا مِن قَبْلِهِۦ مُسْلِمِينَ
28:53
۽ جڏھن کين (ھيءُ قرآن) پڙھي ٻڌائبو آھي (تڏھن) چوندا آھن ته اُن تي ايمان آندوسون بيشڪ اُھو اسان جي پالڻھار وٽان سچو آھي بيشڪ اسان اُن (جي نازل ٿيڻ) کان اڳيئي مُسلمان ھواسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:54
أُو۟لَـٰٓئِكَ يُؤْتَوْنَ أَجْرَهُم مَّرَّتَيْنِ بِمَا صَبَرُوا۟ وَيَدْرَءُونَ بِٱلْحَسَنَةِ ٱلسَّيِّئَةَ وَمِمَّا رَزَقْنَـٰهُمْ يُنفِقُونَ
28:54
اِھي اُھي آھن جن کي سندن اَجر ٻه ڀيرا ڏبو انھي ڪري جو صبر ڪيائون ۽ مدائي کي چڱائي سان ٽاريندا آھن ۽ جيڪا کين روزي ڏني اٿون تنھن مان خرچيندا آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:55
وَإِذَا سَمِعُوا۟ ٱللَّغْوَ أَعْرَضُوا۟ عَنْهُ وَقَالُوا۟ لَنَآ أَعْمَـٰلُنَا وَلَكُمْ أَعْمَـٰلُكُمْ سَلَـٰمٌ عَلَيْكُمْ لَا نَبْتَغِى ٱلْجَـٰهِلِينَ
28:55
۽ جڏھن ڪا بيھودي ڳالھ ٻڌندا آھن (تڏھن) اُن کان مُنھن موڙيندا آھن ۽ چوندا آھن ته اسان جا ڪم اسان لاءِ آھن ۽ اوھان جا ڪم اوھان لاءِ آھن، اوھان تي سلام ھجي، اسين جاھلن (جي سنگت) کي نه ٿا گھرون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:56
إِنَّكَ لَا تَهْدِى مَنْ أَحْبَبْتَ وَلَـٰكِنَّ ٱللَّهَ يَهْدِى مَن يَشَآءُ ۚ وَهُوَ أَعْلَمُ بِٱلْمُهْتَدِينَ
28:56
(اي پيغمبر) بيشڪ تون جنھن کي گھرين تنھن کي ھدايت ڪري نه ٿو سگھين پر الله جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي ھدايت ڪندو آھي، ۽ اُھو ھدايت وارن کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:57
وَقَالُوٓا۟ إِن نَّتَّبِعِ ٱلْهُدَىٰ مَعَكَ نُتَخَطَّفْ مِنْ أَرْضِنَآ ۚ أَوَلَمْ نُمَكِّن لَّهُمْ حَرَمًا ءَامِنًا يُجْبَىٰٓ إِلَيْهِ ثَمَرَٰتُ كُلِّ شَىْءٍ رِّزْقًا مِّن لَّدُنَّا وَلَـٰكِنَّ أَكْثَرَهُمْ لَا يَعْلَمُونَ
28:57
۽ (ڪي) چوندا آھن ته جيڪڏھن توساڻ ھدايت جي تابعداري ڪنداسون ته پنھنجي مُلڪ مان تڙجي وينداسون، کين حرم ۾ امن سان نه ٽڪاياسون ڇا؟ جو اُن ڏانھن سڀڪنھن جنس جو ميوو پاڻ وٽان روزيءَ طرح پھچائبو آھي پر اُنھن مان گھڻا (ماڻھو) نه ڄاڻندا آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:58
وَكَمْ أَهْلَكْنَا مِن قَرْيَةٍۭ بَطِرَتْ مَعِيشَتَهَا ۖ فَتِلْكَ مَسَـٰكِنُهُمْ لَمْ تُسْكَن مِّنۢ بَعْدِهِمْ إِلَّا قَلِيلًا ۖ وَكُنَّا نَحْنُ ٱلْوَٰرِثِينَ
28:58
۽ ڳوٺن مان ڪيترائي ويران ڪياسون جي پنھنجي گذران ۾ حد کان لنگھيا ھوا، پوءِ اُھي سندين رھڻ جون جايون آھن اُنھن کانپوءِ ڪن ٿورڙن (وقتن) کانسواءِ (اُتي) رھيوئي ڪونه آھي، ۽ آخر اسين (ئي) وارث ھواسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:59
وَمَا كَانَ رَبُّكَ مُهْلِكَ ٱلْقُرَىٰ حَتَّىٰ يَبْعَثَ فِىٓ أُمِّهَا رَسُولًا يَتْلُوا۟ عَلَيْهِمْ ءَايَـٰتِنَا ۚ وَمَا كُنَّا مُهْلِكِى ٱلْقُرَىٰٓ إِلَّا وَأَهْلُهَا ظَـٰلِمُونَ
28:59
۽ (اي پيغمبر) تنھنجو پالڻھار ڳوٺن کي (ايسين) ڪڏھن به ناس ڪرڻ وارو نه آھي جيسين اُن جي ڪنھن وڏي شھر ۾ ڪو پيغمبر (نه) موڪلي جو اسان جون آيتون کين پڙھي ٻڌائي، ۽ ڳوٺن کي ڪڏھن به ناس ڪرڻ وارا نه آھيون سواءِ ان حالت جي جو سندن رھڻ وارا ظالم ھجن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:60
وَمَآ أُوتِيتُم مِّن شَىْءٍ فَمَتَـٰعُ ٱلْحَيَوٰةِ ٱلدُّنْيَا وَزِينَتُهَا ۚ وَمَا عِندَ ٱللَّهِ خَيْرٌ وَأَبْقَىٰٓ ۚ أَفَلَا تَعْقِلُونَ
28:60
۽ ھر ھڪ جنس مان جيڪي اوھان کي ڏنو ويو آھي سو دُنيا جي حياتيءَ جو سامان ۽ ان جو سينگار آھي، ۽ جيڪي الله وٽ آھي سو ڀلو ۽ سدائين رھڻ وارو آھي، پوءِ ڇونه سمجھ رکندا آھيو؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:61
أَفَمَن وَعَدْنَـٰهُ وَعْدًا حَسَنًا فَهُوَ لَـٰقِيهِ كَمَن مَّتَّعْنَـٰهُ مَتَـٰعَ ٱلْحَيَوٰةِ ٱلدُّنْيَا ثُمَّ هُوَ يَوْمَ ٱلْقِيَـٰمَةِ مِنَ ٱلْمُحْضَرِينَ
28:61
ڀلا جنھن کي چڱو انعام ڏنوسون اُھو ھو لھڻ وارو آھي سو اُنھي جھڙو آھي ڇا جنھن کي دنيا جي سامان سان آسودو ڪيوسون وري اُھو قيامت جي ڏينھن (عذاب ۾) حاضر ڪيلن مان ھجي؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:62
وَيَوْمَ يُنَادِيهِمْ فَيَقُولُ أَيْنَ شُرَكَآءِىَ ٱلَّذِينَ كُنتُمْ تَزْعُمُونَ
28:62
۽ جنھن ڏينھن (الله) کين سڏي چوندو ته مُنھنجا اُھي شريڪ ڪٿي آھن جن کي اوھين (مون جَھڙو) ڀائيندا ھيؤ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:63
قَالَ ٱلَّذِينَ حَقَّ عَلَيْهِمُ ٱلْقَوْلُ رَبَّنَا هَـٰٓؤُلَآءِ ٱلَّذِينَ أَغْوَيْنَآ أَغْوَيْنَـٰهُمْ كَمَا غَوَيْنَا ۖ تَبَرَّأْنَآ إِلَيْكَ ۖ مَا كَانُوٓا۟ إِيَّانَا يَعْبُدُونَ
28:63
(ان ڏينھن) جن تي عذاب (جو حُڪم) لازم ٿي چڪو ھوندو سي چوندا ته اي اسانجا پالڻھار ھي اُھي آھن جن کي گمراھ ڪيوسون، جھڙو پاڻ گمراھ ٿياسون تھڙو کين (به) گمراھ ڪيوسون، (ھاڻي سڀني کان) تنھنجي آڏو بيزار ٿيون ٿا، اُھي اسان کي نه پوڄيندا ھوا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:64
وَقِيلَ ٱدْعُوا۟ شُرَكَآءَكُمْ فَدَعَوْهُمْ فَلَمْ يَسْتَجِيبُوا۟ لَهُمْ وَرَأَوُا۟ ٱلْعَذَابَ ۚ لَوْ أَنَّهُمْ كَانُوا۟ يَهْتَدُونَ
28:64
۽ چيو ويندو ته پنھنجن شريڪن کي سڏيو پوءِ کين سڏيندا ته اُھي کين ورندي نه ڏيندا ۽ عذاب ڏسندا، (تڏھن سَڌ ڪندا ته) جيڪر دنيا ۾ ھدايت وارا ھجون ھا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:65
وَيَوْمَ يُنَادِيهِمْ فَيَقُولُ مَاذَآ أَجَبْتُمُ ٱلْمُرْسَلِينَ
28:65
۽ جنھن ڏينھن (الله) کين سڏيندو پوءِ چوندو ته اوھان پيغمبرن کي ڪھڙي ورندي ڏني. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:66
فَعَمِيَتْ عَلَيْهِمُ ٱلْأَنۢبَآءُ يَوْمَئِذٍ فَهُمْ لَا يَتَسَآءَلُونَ
28:66
پوءِ اُن ڏينھن (سڀ) ڳالھيون کين ڀُلجي وينديون پوءِ اُھي پاڻ ۾ (به) نه پڇندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:67
فَأَمَّا مَن تَابَ وَءَامَنَ وَعَمِلَ صَـٰلِحًا فَعَسَىٰٓ أَن يَكُونَ مِنَ ٱلْمُفْلِحِينَ
28:67
پوءِ جنھن توبه ڪئي ۽ ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سو اُميد آھي ته ڇٽلن مان ٿيندو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:68
وَرَبُّكَ يَخْلُقُ مَا يَشَآءُ وَيَخْتَارُ ۗ مَا كَانَ لَهُمُ ٱلْخِيَرَةُ ۚ سُبْحَـٰنَ ٱللَّهِ وَتَعَـٰلَىٰ عَمَّا يُشْرِكُونَ
28:68
۽ (اي پيغمبر) تنھنجو پالڻھار جيڪي گھرندو آھي سو خلقيندو آھي (۽ جنھن کي گھرندو تنھن کي) پسند ڪندو آھي، انھن کي ڪو اختيار ڪونھي، الله کي پاڪائي آھي ۽ جنھن کي ساڻس شريڪ مَقرّر ڪندا آھن تنھن کان تمام مٿاھون آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:69
وَرَبُّكَ يَعْلَمُ مَا تُكِنُّ صُدُورُهُمْ وَمَا يُعْلِنُونَ
28:69
۽ سندن سِينا جيڪي لڪائيندا آھن ۽ جيڪي پاڻ پڌرو ڪندا آھن سو تنھنجو پالڻھار ڄاڻندو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:70
وَهُوَ ٱللَّهُ لَآ إِلَـٰهَ إِلَّا هُوَ ۖ لَهُ ٱلْحَمْدُ فِى ٱلْأُولَىٰ وَٱلْـَٔاخِرَةِ ۖ وَلَهُ ٱلْحُكْمُ وَإِلَيْهِ تُرْجَعُونَ
28:70
۽ اُھو الله آھي اُن کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي، دُنيا ۽ آخرت ۾ سندس ساراھ آھي، ۽ سندس ئي حڪومت آھي ۽ ڏانھس اوھان کي موٽائبو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:71
قُلْ أَرَءَيْتُمْ إِن جَعَلَ ٱللَّهُ عَلَيْكُمُ ٱلَّيْلَ سَرْمَدًا إِلَىٰ يَوْمِ ٱلْقِيَـٰمَةِ مَنْ إِلَـٰهٌ غَيْرُ ٱللَّهِ يَأْتِيكُم بِضِيَآءٍ ۖ أَفَلَا تَسْمَعُونَ
28:71
(کين) چؤ ته ڏسو ته سھين جيڪڏھن الله اوھان تي قيامت جي ڏينھن تائين ھميشہ رات (قائم) ڪري ته الله کانسواءِ (ٻيو) ڪھڙو معبود آھي جو اوھان وٽ سوجھرو آڻيندو، پوءِ نه ٻڌندا آھيو ڇا؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:72
قُلْ أَرَءَيْتُمْ إِن جَعَلَ ٱللَّهُ عَلَيْكُمُ ٱلنَّهَارَ سَرْمَدًا إِلَىٰ يَوْمِ ٱلْقِيَـٰمَةِ مَنْ إِلَـٰهٌ غَيْرُ ٱللَّهِ يَأْتِيكُم بِلَيْلٍ تَسْكُنُونَ فِيهِ ۖ أَفَلَا تُبْصِرُونَ
28:72
چؤ ته ڏسو ته سھين ته جيڪڏھن الله اوھان تي قيامت جي ڏينھن توڻي ھميشہ ڏينھن (قائم) ڪري ته الله کانسواءِ (ٻيو) ڪھڙو معبود آھي جو اوھان وٽ رات آڻيندو جنھن ۾ اوھين آرام وٺو، پوءِ اوھين نه ٿا ڏسو ڇا؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:73
وَمِن رَّحْمَتِهِۦ جَعَلَ لَكُمُ ٱلَّيْلَ وَٱلنَّهَارَ لِتَسْكُنُوا۟ فِيهِ وَلِتَبْتَغُوا۟ مِن فَضْلِهِۦ وَلَعَلَّكُمْ تَشْكُرُونَ
28:73
۽ پنھنجي ٻاجھ سان اوھان لاءِ رات ۽ ڏينھن بڻايائين ته اوھين منجھس آرام وٺو ۽ سندس فضل مان (روزي) طلب ڪريو ۽ ته مانَ اوھين شڪرانو ڪريو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:74
وَيَوْمَ يُنَادِيهِمْ فَيَقُولُ أَيْنَ شُرَكَآءِىَ ٱلَّذِينَ كُنتُمْ تَزْعُمُونَ
28:74
۽ جنھن ڏينھن (الله) کين سڏي چوندو ته اُھي منھنجا شريڪ ڪٿي آھن جن کي اوھين (مون جھڙو) ڀائيندا ھيؤ؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:75
وَنَزَعْنَا مِن كُلِّ أُمَّةٍ شَهِيدًا فَقُلْنَا هَاتُوا۟ بُرْهَـٰنَكُمْ فَعَلِمُوٓا۟ أَنَّ ٱلْحَقَّ لِلَّهِ وَضَلَّ عَنْهُم مَّا كَانُوا۟ يَفْتَرُونَ
28:75
۽ ھر ھڪ ٽوليءَ مان شاھد جُدا ڪنداسين ۽ چونداسين ته پنھنجو دليل پيش ڪريو پوءِ اُھي ڄاڻندا ته بيشڪ حق الله جي پاسي آھي ۽ جيڪو ٺاھ ٺاھيندا ھوا سو کانئن ڀُلي ويندو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:76
۞ إِنَّ قَـٰرُونَ كَانَ مِن قَوْمِ مُوسَىٰ فَبَغَىٰ عَلَيْهِمْ ۖ وَءَاتَيْنَـٰهُ مِنَ ٱلْكُنُوزِ مَآ إِنَّ مَفَاتِحَهُۥ لَتَنُوٓأُ بِٱلْعُصْبَةِ أُو۟لِى ٱلْقُوَّةِ إِذْ قَالَ لَهُۥ قَوْمُهُۥ لَا تَفْرَحْ ۖ إِنَّ ٱللَّهَ لَا يُحِبُّ ٱلْفَرِحِينَ
28:76
بيشڪ قارون مُوسىٰ جي قوم مان ھو پوءِ مٿن شرارت ڪرڻ لڳو، ۽ کيس خزانن مان ايترو ڏنو ھوسون جو سندس ڪنجين سگھ واري ٽوليءَ کي ٿَڪايو ٿي، جڏھن سندس قوم کيس چيو ته (مال ڏسي) نه مَرۡڪُ ڇوته الله مَرۡڪَ ڪندڙن کي دوست نه رکندو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:77
وَٱبْتَغِ فِيمَآ ءَاتَىٰكَ ٱللَّهُ ٱلدَّارَ ٱلْـَٔاخِرَةَ ۖ وَلَا تَنسَ نَصِيبَكَ مِنَ ٱلدُّنْيَا ۖ وَأَحْسِن كَمَآ أَحْسَنَ ٱللَّهُ إِلَيْكَ ۖ وَلَا تَبْغِ ٱلْفَسَادَ فِى ٱلْأَرْضِ ۖ إِنَّ ٱللَّهَ لَا يُحِبُّ ٱلْمُفْسِدِينَ
28:77
۽ الله توکي جيڪي ڏنو آھي تنھن سان آخرت جي گھر جي ڀلائي طلب ڪر ۽ دنيا مان پنھنجو (نيڪ عمل ڪرڻ جو) حصّو نه وسار ۽ جھڙي طرح الله توسان چڱائي ڪئي آھي تھڙي طرح (تون سندس خلق سان) چڱائي ڪر ۽ زمين ۾ فساد وجھڻ نه گھُر، ڇوته الله فساد ڪرڻ وارن کي دوست نه رکندو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:78
قَالَ إِنَّمَآ أُوتِيتُهُۥ عَلَىٰ عِلْمٍ عِندِىٓ ۚ أَوَلَمْ يَعْلَمْ أَنَّ ٱللَّهَ قَدْ أَهْلَكَ مِن قَبْلِهِۦ مِنَ ٱلْقُرُونِ مَنْ هُوَ أَشَدُّ مِنْهُ قُوَّةً وَأَكْثَرُ جَمْعًا ۚ وَلَا يُسْـَٔلُ عَن ذُنُوبِهِمُ ٱلْمُجْرِمُونَ
28:78
(قارون) چيو ته اُھو (گھڻومال) ته رڳو ھڪ ھُنر سان جو مون وٽ آھي مون کي مليو آھي، نه ڄاتو ھوائين ڇا ته بيشڪ الله کانئس اڳ (اُھي) ڪيترائي جُڳ ناس ڪري ڇڏيا ھوا جيڪي کانئس ڏاڍي سگھ وارا ۽ گھڻي جمعيّت وارا ھوا، ۽ ڏوھارين کان سندن ڏوھن بابت (عذر) نه پڇبو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:79
فَخَرَجَ عَلَىٰ قَوْمِهِۦ فِى زِينَتِهِۦ ۖ قَالَ ٱلَّذِينَ يُرِيدُونَ ٱلْحَيَوٰةَ ٱلدُّنْيَا يَـٰلَيْتَ لَنَا مِثْلَ مَآ أُوتِىَ قَـٰرُونُ إِنَّهُۥ لَذُو حَظٍّ عَظِيمٍ
28:79
پوءِ (ھڪ ڏينھن) پنھنجي قوم جي سامھون پنھنجي سينگار سان نڪتو، جيڪي دنيا جي حياتي گھڙندا ھوا تن چيو ته ھيء ارمان اھڙو (مال) جيڪر اسان کي (به) ھجي ھا جھڙو قارون کي ڏنو ويو آھي بيشڪ اُھو وڏي نصيب وارو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:80
وَقَالَ ٱلَّذِينَ أُوتُوا۟ ٱلْعِلْمَ وَيْلَكُمْ ثَوَابُ ٱللَّهِ خَيْرٌ لِّمَنْ ءَامَنَ وَعَمِلَ صَـٰلِحًا وَلَا يُلَقَّىٰهَآ إِلَّا ٱلصَّـٰبِرُونَ
28:80
۽ جن کي علم ڏنو ويو تن چيو ته اوھان لاءِ خرابي ھُجي الله جو ثواب اُنھيءَ ماڻھوءَ لاءِ ڀَلو آھي جنھن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، اِھا (ڳالھ) صابرن کانسواءِ (ٻئي) ڪنھنجي دل ۾ نه گِھڙندي آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:81
فَخَسَفْنَا بِهِۦ وَبِدَارِهِ ٱلْأَرْضَ فَمَا كَانَ لَهُۥ مِن فِئَةٍ يَنصُرُونَهُۥ مِن دُونِ ٱللَّهِ وَمَا كَانَ مِنَ ٱلْمُنتَصِرِينَ
28:81
پوءِ کيس ۽ سندس گھر کي زمين ۾ ڳھايوسون، پوءِ الله کانسواءِ ڪا ٽولي اُن لاءِ ڪانه ھئي جا کيس مدد ڏئي، ۽ نڪي پاڻ وير وٺڻ وارن مان ھو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:82
وَأَصْبَحَ ٱلَّذِينَ تَمَنَّوْا۟ مَكَانَهُۥ بِٱلْأَمْسِ يَقُولُونَ وَيْكَأَنَّ ٱللَّهَ يَبْسُطُ ٱلرِّزْقَ لِمَن يَشَآءُ مِنْ عِبَادِهِۦ وَيَقْدِرُ ۖ لَوْلَآ أَن مَّنَّ ٱللَّهُ عَلَيْنَا لَخَسَفَ بِنَا ۖ وَيْكَأَنَّهُۥ لَا يُفْلِحُ ٱلْكَـٰفِرُونَ
28:82
۽ جن ڪالھ سندس مرتبي جي سَڌ ٿي ڪئي سي صبح جو چوڻ لڳا ته عجب آھي ته الله پنھنجن ٻانھن مان جنھن لاءِ گھرندو آھي (تنھنجي) روزي ڪشادي ڪندو آھي ۽ تنگ ڪندو آھي، جيڪڏھن الله اسان تي احسان نه ڪري ھا ته اسان کي (به زمين ۾) ڳھائي ڇڏي ھا، نه ڄاتو اٿيئي ته ڪافرن کي ڇوٽڪارو نه آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:83
تِلْكَ ٱلدَّارُ ٱلْـَٔاخِرَةُ نَجْعَلُهَا لِلَّذِينَ لَا يُرِيدُونَ عُلُوًّا فِى ٱلْأَرْضِ وَلَا فَسَادًا ۚ وَٱلْعَـٰقِبَةُ لِلْمُتَّقِينَ
28:83
اِھو آخرت جو گھر آھي جنھن کي اسان انھن لاءِ مقرر ڪيو آھي جيڪي مُلڪ ۾ وڏائي نه ڪندا آھن ۽ نڪي فساد وجھڻ (گھرندا آھن)، ۽ (چڱي) عاقبت پرھيزگارن لاءِ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:84
مَن جَآءَ بِٱلْحَسَنَةِ فَلَهُۥ خَيْرٌ مِّنْهَا ۖ وَمَن جَآءَ بِٱلسَّيِّئَةِ فَلَا يُجْزَى ٱلَّذِينَ عَمِلُوا۟ ٱلسَّيِّـَٔاتِ إِلَّا مَا كَانُوا۟ يَعْمَلُونَ
28:84
جيڪو چڱائي آڻيندو تنھن لاءِ اُن کان ڀلو (بدلو) آھي، ۽ جيڪو مدائي آڻيندو ته مدائين ڪرڻ وارا رڳو اُھا سزا لھندا جيڪي ڪيائون ٿي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:85
إِنَّ ٱلَّذِى فَرَضَ عَلَيْكَ ٱلْقُرْءَانَ لَرَآدُّكَ إِلَىٰ مَعَادٍ ۚ قُل رَّبِّىٓ أَعْلَمُ مَن جَآءَ بِٱلْهُدَىٰ وَمَنْ هُوَ فِى ضَلَـٰلٍ مُّبِينٍ
28:85
بيشڪ جنھن (الله) توتي قرآن نازل ڪيو سو موٽڻ جي جاءِ ڏانھن توکي ضرور موٽائڻ وارو آھي، چؤ ته جنھن ھدايت آندي تنھن کي منھنجو پالڻھار چڱو ڄاڻندڙ آھي ۽ اُنھيءَ کي به جيڪو پڌريءَ گمراھي ۾ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:86
وَمَا كُنتَ تَرْجُوٓا۟ أَن يُلْقَىٰٓ إِلَيْكَ ٱلْكِتَـٰبُ إِلَّا رَحْمَةً مِّن رَّبِّكَ ۖ فَلَا تَكُونَنَّ ظَهِيرًا لِّلْكَـٰفِرِينَ
28:86
۽ توکي ڪو آسرو نه ھو ته تو ڏانھن (ھيءُ) ڪتاب لاھبو پر تنھنجي پالڻھار جي ٻاجھ سان (لاٿو ويو) پوءِ ڪافرن جو مددگار ھرگز نه ٿج. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:87
وَلَا يَصُدُّنَّكَ عَنْ ءَايَـٰتِ ٱللَّهِ بَعْدَ إِذْ أُنزِلَتْ إِلَيْكَ ۖ وَٱدْعُ إِلَىٰ رَبِّكَ ۖ وَلَا تَكُونَنَّ مِنَ ٱلْمُشْرِكِينَ
28:87
۽ (اي پيغمبر) توکي الله جي آيتن (جي پھچائڻ) کان اُن پڃاڻا جو تو ڏانھن موڪليون ويون (ڪافر) نه جھلين ۽ پنھنجي پالڻھار ڏانھن (ماڻھن) کي سڏ، ۽ مشرڪن مان ڪڏھن نه ٿيءُ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
28:88
وَلَا تَدْعُ مَعَ ٱللَّهِ إِلَـٰهًا ءَاخَرَ ۘ لَآ إِلَـٰهَ إِلَّا هُوَ ۚ كُلُّ شَىْءٍ هَالِكٌ إِلَّا وَجْهَهُۥ ۚ لَهُ ٱلْحُكْمُ وَإِلَيْهِ تُرْجَعُونَ
28:88
۽ الله سان گڏ ٻئي ڪنھن کي معبود (سمجھي) نه سڏ، اُن کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي، سندس ذات کانسواءِ سڀڪا شيء ناس ٿيڻ واري آھي، سڀڪو حُڪم اُن جو ئي آھي ۽ ڏانھس موٽايا ويندؤ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)