Selected

Original Text
Taj Mehmood Amroti

Available Translations

19 Maryam مَرْيَم

< Previous   98 Āyah   Mary      Next >  

بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ
In the name of Allah, Most Gracious, Most Merciful.

19:1 كٓهيعٓصٓ
19:1
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
ڪٓھٰيٰعٓصٓ.

19:2 ذِكْرُ رَحْمَتِ رَبِّكَ عَبْدَهُۥ زَكَرِيَّآ
19:2
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
تنھنجي پالڻھار جي ٻاجھ سندس ٻانھي زڪريا تي ٿيل جو (ھيءُ) ذڪر آھي.

19:3 إِذْ نَادَىٰ رَبَّهُۥ نِدَآءً خَفِيًّا
19:3
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
جڏھن پنھنجي پالڻھار کي ڳجھو ٻاڏائي سڏيائين.

19:4 قَالَ رَبِّ إِنِّى وَهَنَ ٱلْعَظْمُ مِنِّى وَٱشْتَعَلَ ٱلرَّأْسُ شَيْبًا وَلَمْ أَكُنۢ بِدُعَآئِكَ رَبِّ شَقِيًّا
19:4
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
چيائين ته اي منھنجا پالڻھار مُنھنجا (لڱن جا) ھڏ سُست ٿيا آھن ۽ ٻُڍائيءَ کان منھنجو مٿو (اڇو) چمڪيو آھي ته اي منھنجا پالڻھار توکي سڏڻ کان نا اميد نه آھيان.

19:5 وَإِنِّى خِفْتُ ٱلْمَوَٰلِىَ مِن وَرَآءِى وَكَانَتِ ٱمْرَأَتِى عَاقِرًا فَهَبْ لِى مِن لَّدُنكَ وَلِيًّا
19:5
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ آءٌ پنھنجي پوئتان پنھنجن مائٽن کان ڊڄان ٿو ۽ منھنجي زال سنڍ آھي تنھنڪري پاڻ وٽان مون کي ڪو وارث بخش.

19:6 يَرِثُنِى وَيَرِثُ مِنْ ءَالِ يَعْقُوبَ ۖ وَٱجْعَلْهُ رَبِّ رَضِيًّا
19:6
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
جو منھنجو وارث ٿئي ۽ يعقوب جي اولاد جو به وارث ٿئي، ۽ اي منھنجا پالڻھار ان کي صالح ڪر.

19:7 يَـٰزَكَرِيَّآ إِنَّا نُبَشِّرُكَ بِغُلَـٰمٍ ٱسْمُهُۥ يَحْيَىٰ لَمْ نَجْعَل لَّهُۥ مِن قَبْلُ سَمِيًّا
19:7
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
(چيوسون ته) اي زڪريا اسان توکي ھڪ نينگر جي مبارڪ ڏيون ٿا جنھنجو نالو يحيىٰ آھي اڳ اھڙي نالي وارو ڪونه ڪيوسون.

19:8 قَالَ رَبِّ أَنَّىٰ يَكُونُ لِى غُلَـٰمٌ وَكَانَتِ ٱمْرَأَتِى عَاقِرًا وَقَدْ بَلَغْتُ مِنَ ٱلْكِبَرِ عِتِيًّا
19:8
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
چيائين اي منھنجا پالڻھار مون کي ھن حالت ۾ پٽ ڪئن ٿيندو جو منھنجي زال سنڍ آھي ۽ بيشڪ آءٌ پيريءَ کان جھورائيءَ کان پھتو آھيان.

19:9 قَالَ كَذَٰلِكَ قَالَ رَبُّكَ هُوَ عَلَىَّ هَيِّنٌ وَقَدْ خَلَقْتُكَ مِن قَبْلُ وَلَمْ تَكُ شَيْـًٔا
19:9
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
(جبرئيل) چيو ته اھڙي طرح (ٿيڻو) آھي، تنھنجي پالڻھار چيو آھي ته اِھو مون کي آسان آھي ۽ بيشڪ توکي ھن کان اڳ پيدا ڪيو اٿم ۽ تون (اصل) ڪجھ نه ھُئين.

19:10 قَالَ رَبِّ ٱجْعَل لِّىٓ ءَايَةً ۚ قَالَ ءَايَتُكَ أَلَّا تُكَلِّمَ ٱلنَّاسَ ثَلَـٰثَ لَيَالٍ سَوِيًّا
19:10
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
زڪريا چيو ته اي منھنجا پالڻھار مون لاءِ ڪا نشاني ٺھراءِ، فرمايائين ته تنھنجي نشاني (ھيءَ آھي) ته ماڻھن سان ساندہ ٽي ڏينھن راتيون ڳالھائي نه سگھندين.

19:11 فَخَرَجَ عَلَىٰ قَوْمِهِۦ مِنَ ٱلْمِحْرَابِ فَأَوْحَىٰٓ إِلَيْهِمْ أَن سَبِّحُوا۟ بُكْرَةً وَعَشِيًّا
19:11
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
پوءِ محراب مان پنھنجي قوم ڏانھن نڪتو پوءِ انھن اشارو ڏنائين ته صُبح ۽ سانجھيءَ جو (الله جي) پاڪائي بيان ڪريو.

19:12 يَـٰيَحْيَىٰ خُذِ ٱلْكِتَـٰبَ بِقُوَّةٍ ۖ وَءَاتَيْنَـٰهُ ٱلْحُكْمَ صَبِيًّا
19:12
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
(۽ يحيىٰ ڄمي ڏھن ورھن جو ٿيو ته) چيوسون ته اي يحيىٰ ڪتاب کي مُحڪم وٺ، ۽ ٻاراڻي ۾ کيس عِلم ڏنوسون.

19:13 وَحَنَانًا مِّن لَّدُنَّا وَزَكَوٰةً ۖ وَكَانَ تَقِيًّا
19:13
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ پاڻ وٽان کيس شفقت ۽ سُٺائي ڏني سون، ۽ (اُھو) پرھيزگار ھو.

19:14 وَبَرًّۢا بِوَٰلِدَيْهِ وَلَمْ يَكُن جَبَّارًا عَصِيًّا
19:14
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ پنھنجي ماءُ پيءُ سان نيڪي ڪرڻ وارو ھو ۽ ھٺيلو نافرمان نه ھو.

19:15 وَسَلَـٰمٌ عَلَيْهِ يَوْمَ وُلِدَ وَيَوْمَ يَمُوتُ وَيَوْمَ يُبْعَثُ حَيًّا
19:15
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ جنھن ڏينھن ڄائو ۽ جنھن ڏينھن مرندو ۽ جنھن ڏينھن جيئرو ٿي اُٿندو (تنھن ڏينھن) مٿس سلام ھجي.

19:16 وَٱذْكُرْ فِى ٱلْكِتَـٰبِ مَرْيَمَ إِذِ ٱنتَبَذَتْ مِنْ أَهْلِهَا مَكَانًا شَرْقِيًّا
19:16
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ مريم جو قِصّو ڪتاب ۾ ياد ڪر، جڏھن پنھنجي گھر وارن کان اوڀرندي ھنڌ پاس ڀري ٿي.

19:17 فَٱتَّخَذَتْ مِن دُونِهِمْ حِجَابًا فَأَرْسَلْنَآ إِلَيْهَا رُوحَنَا فَتَمَثَّلَ لَهَا بَشَرًا سَوِيًّا
19:17
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
پوءِ کانئن ھڪ اوٽ ورتائين، پوءِ ڏانھنس پنھنجو ملائڪ موڪليوسون پوءِ ھو ڏسجڻ ۾ اُن لاءِ پورو ماڻھو بڻجي بيٺو.

19:18 قَالَتْ إِنِّىٓ أَعُوذُ بِٱلرَّحْمَـٰنِ مِنكَ إِن كُنتَ تَقِيًّا
19:18
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
(مريم) چيو آءٌ توکان ٻاجھاري (الله) جي سام پوان ٿي جيڪڏھن پرھيزگار آھين (ته مون کان پري ٿيءُ).

19:19 قَالَ إِنَّمَآ أَنَا۠ رَسُولُ رَبِّكِ لِأَهَبَ لَكِ غُلَـٰمًا زَكِيًّا
19:19
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
(ملائڪ) چيو ته آءٌ ته تنھنجي پالڻھار جو ھن لاءِ موڪليل آھيان ته توکي چڱو نينگر بخشيان.

19:20 قَالَتْ أَنَّىٰ يَكُونُ لِى غُلَـٰمٌ وَلَمْ يَمْسَسْنِى بَشَرٌ وَلَمْ أَكُ بَغِيًّا
19:20
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
(مريم) چيو ته مون کي ٻار ڪيئن ٿيندو جو مون کي ڪنھن ماڻھوءَ نه ڇُھيو آھي ۽ نڪي آءٌ بدڪار آھيان.

19:21 قَالَ كَذَٰلِكِ قَالَ رَبُّكِ هُوَ عَلَىَّ هَيِّنٌ ۖ وَلِنَجْعَلَهُۥٓ ءَايَةً لِّلنَّاسِ وَرَحْمَةً مِّنَّا ۚ وَكَانَ أَمْرًا مَّقْضِيًّا
19:21
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
(ملائڪ) چيو ته اھڙي طرح (ٿيڻو) آھي، تنھنجي پالڻھار فرمايو ته اِھو مون کي سولو آھي، ۽ (ھن لاءِ) ته ان کي ماڻھن جي لاءِ پنھنجي طرف کان نشاني ۽ ٻاجھ (جو وسيلو) ڪريون، ۽ (اِھو) ڪم ٺھرايل آھي.

19:22 ۞ فَحَمَلَتْهُ فَٱنتَبَذَتْ بِهِۦ مَكَانًا قَصِيًّا
19:22
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
پوءِ اُن سان پيٽ ٿيس پوءِ اُن سان پرڀري ھنڌ الڳ ٿي.

19:23 فَأَجَآءَهَا ٱلْمَخَاضُ إِلَىٰ جِذْعِ ٱلنَّخْلَةِ قَالَتْ يَـٰلَيْتَنِى مِتُّ قَبْلَ هَـٰذَا وَكُنتُ نَسْيًا مَّنسِيًّا
19:23
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
پوءِ ويَم جي سورن کجيءَ جي ٿڙ ڏانھن نِيس، چيائين ته جيڪر ھن کان اڳ مران ھا ۽ اصل وسري ويل ھجان ھا (ته چڱو ھو).

19:24 فَنَادَىٰهَا مِن تَحْتِهَآ أَلَّا تَحْزَنِى قَدْ جَعَلَ رَبُّكِ تَحْتَكِ سَرِيًّا
19:24
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
پوءِ کيس ملائڪ ھيٺين طرف کان سڏ ڪيو ته ڏک نه ڪر بيشڪ تنھنجي پالڻھار تنھنجي ھيٺان تلاءُ پيدا ڪيو آھي.

19:25 وَهُزِّىٓ إِلَيْكِ بِجِذْعِ ٱلنَّخْلَةِ تُسَـٰقِطْ عَلَيْكِ رُطَبًا جَنِيًّا
19:25
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ کجيءَ جي ٿڙ کي پاڻ ڏانھن ڌوڻ ته توتي تازيون کارڪون ڇاڻي.

19:26 فَكُلِى وَٱشْرَبِى وَقَرِّى عَيْنًا ۖ فَإِمَّا تَرَيِنَّ مِنَ ٱلْبَشَرِ أَحَدًا فَقُولِىٓ إِنِّى نَذَرْتُ لِلرَّحْمَـٰنِ صَوْمًا فَلَنْ أُكَلِّمَ ٱلْيَوْمَ إِنسِيًّا
19:26
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
پوءِ کاءُ ۽ پيءُ ۽ نيڻ ٺار، پوءِ جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ کي ڏسين ته چؤ ته مون الله لاءِ روزو باسيو آھي تنھنڪري اڄ ڪنھن ماڻھوءَ سان پٽيءَ نه ڳالھائيندس.

19:27 فَأَتَتْ بِهِۦ قَوْمَهَا تَحْمِلُهُۥ ۖ قَالُوا۟ يَـٰمَرْيَمُ لَقَدْ جِئْتِ شَيْـًٔا فَرِيًّا
19:27
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
پوءِ اُن کي پنھنجي قوم وٽ کڻي آئي، چيائون ته اي مريم بيشڪ بڇڙي شيء آندي اٿيئي.

19:28 يَـٰٓأُخْتَ هَـٰرُونَ مَا كَانَ أَبُوكِ ٱمْرَأَ سَوْءٍ وَمَا كَانَتْ أُمُّكِ بَغِيًّا
19:28
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
اي ھارون جي ڀيڻ نڪي تنھنجو پيءُ بڇڙو مڙس ھو ۽ نڪي تنھنجي ماءُ ڪا بدڪار ھئي.

19:29 فَأَشَارَتْ إِلَيْهِ ۖ قَالُوا۟ كَيْفَ نُكَلِّمُ مَن كَانَ فِى ٱلْمَهْدِ صَبِيًّا
19:29
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
پوءِ ڏانھنس اشارو ڏنائين، چيائون ته جيڪو پينگھي ۾ ڇوڪر آھي تنھن سان ڪيئن ڳالھايون.

19:30 قَالَ إِنِّى عَبْدُ ٱللَّهِ ءَاتَىٰنِىَ ٱلْكِتَـٰبَ وَجَعَلَنِى نَبِيًّا
19:30
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
(عيسى) چيو ته آءٌ الله جو ٻانھو آھيان، مون کي ڪتاب ڏنو اٿس ۽ مون کي پيغمبر ڪيو اٿس.

19:31 وَجَعَلَنِى مُبَارَكًا أَيْنَ مَا كُنتُ وَأَوْصَـٰنِى بِٱلصَّلَوٰةِ وَٱلزَّكَوٰةِ مَا دُمْتُ حَيًّا
19:31
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ جتي ھوندس اُتي مون کي برڪت وارو ڪيائين، ۽ جيسين جيئرو ھوندس تيسين مون کي نماز (پڙھڻ) ۽ زڪوٰة (ڏيڻ) جو حُڪم ڪيائين.

19:32 وَبَرًّۢا بِوَٰلِدَتِى وَلَمْ يَجْعَلْنِى جَبَّارًا شَقِيًّا
19:32
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ پنھنجي ماءُ سان چڱائي ڪندڙ (ڪيائين)، ۽ مون کي ھٺيلو ۽ بدبخت نه ڪيائين.

19:33 وَٱلسَّلَـٰمُ عَلَىَّ يَوْمَ وُلِدتُّ وَيَوْمَ أَمُوتُ وَيَوْمَ أُبْعَثُ حَيًّا
19:33
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ جنھن ڏينھن ڄائس ۽ جنھن ڏينھن مرندس ۽ جنھن ڏينھن وري جيئرو ٿي اٿندس تنھن ڏينھن مون تي سلام آھي.

19:34 ذَٰلِكَ عِيسَى ٱبْنُ مَرْيَمَ ۚ قَوْلَ ٱلْحَقِّ ٱلَّذِى فِيهِ يَمْتَرُونَ
19:34
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
اِھو (قِصّو) عيسىٰ پٽ مريم جو آھي، سچي ڳالھ آھي جنھن ۾ (ماڻھو) شڪ ڪندا آھن.

19:35 مَا كَانَ لِلَّهِ أَن يَتَّخِذَ مِن وَلَدٍ ۖ سُبْحَـٰنَهُۥٓ ۚ إِذَا قَضَىٰٓ أَمْرًا فَإِنَّمَا يَقُولُ لَهُۥ كُن فَيَكُونُ
19:35
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
الله کي (پاڻ لاءِ) ڪو پٽ وٺڻ نه جڳائيندو آھي اُھو پاڪ آھي، جڏھن ڪو ڪم ڪندو آھي تڏھن اُن لاءِ رڳو چوندو آھي ته ٿيءُ ته ٿي پوندو آھي.

19:36 وَإِنَّ ٱللَّهَ رَبِّى وَرَبُّكُمْ فَٱعْبُدُوهُ ۚ هَـٰذَا صِرَٰطٌ مُّسْتَقِيمٌ
19:36
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ الله منھنجو پالڻھار ۽ اوھان جو پالڻھار آھي تنھنڪري سندس عبادت ڪريو، اِھا سڌي واٽ آھي.

19:37 فَٱخْتَلَفَ ٱلْأَحْزَابُ مِنۢ بَيْنِهِمْ ۖ فَوَيْلٌ لِّلَّذِينَ كَفَرُوا۟ مِن مَّشْهَدِ يَوْمٍ عَظِيمٍ
19:37
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
پوءِ ڪن ٽولين پاڻ ۾ اختلاف ڪيو، پوءِ ڪافرن لاءِ وڏي ڏينھن جي آڏي ٿيڻ کان خرابي آھي.

19:38 أَسْمِعْ بِهِمْ وَأَبْصِرْ يَوْمَ يَأْتُونَنَا ۖ لَـٰكِنِ ٱلظَّـٰلِمُونَ ٱلْيَوْمَ فِى ضَلَـٰلٍ مُّبِينٍ
19:38
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
جنھن ڏينھن اسان وٽ ايندا (تنھن ڏينھن) ڪھڙو نه چڱو ٻڌندا ۽ ڪھڙو نه چڱو ڏسندا پر ظالم اڄ پڌريءَ گمراھي ۾ آھن.

19:39 وَأَنذِرْهُمْ يَوْمَ ٱلْحَسْرَةِ إِذْ قُضِىَ ٱلْأَمْرُ وَهُمْ فِى غَفْلَةٍ وَهُمْ لَا يُؤْمِنُونَ
19:39
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ کين پشيماني جي جي ڏينھن کان ڊيڄار جنھن ڏينھن ڪم پورو ڪبو، ۽ اُھي غفلت ۾ آھن ۽ اُھي ايمان نه ٿا آڻين.

19:40 إِنَّا نَحْنُ نَرِثُ ٱلْأَرْضَ وَمَنْ عَلَيْهَا وَإِلَيْنَا يُرْجَعُونَ
19:40
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
بيشڪ اسين زمين جا ۽ جيڪي مٿس آھي تنھنجا وارث آھيون ۽ اسان ڏانھن موٽايا ويندا.

19:41 وَٱذْكُرْ فِى ٱلْكِتَـٰبِ إِبْرَٰهِيمَ ۚ إِنَّهُۥ كَانَ صِدِّيقًا نَّبِيًّا
19:41
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ ابراھيم (جو قصو) ڪتاب ۾ ياد ڪر، بيشڪ اُھو سچو پيغمبر ھو.

19:42 إِذْ قَالَ لِأَبِيهِ يَـٰٓأَبَتِ لِمَ تَعْبُدُ مَا لَا يَسْمَعُ وَلَا يُبْصِرُ وَلَا يُغْنِى عَنكَ شَيْـًٔا
19:42
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
جڏھن پنھنجي پيءُ کي چيائين ته اي ابا جيڪو نڪي ڏسي ۽ نڪي توکان ڪجھ ٽاري تنھنجي پوڄا ڇو ڪندو آھين؟

19:43 يَـٰٓأَبَتِ إِنِّى قَدْ جَآءَنِى مِنَ ٱلْعِلْمِ مَا لَمْ يَأْتِكَ فَٱتَّبِعْنِىٓ أَهْدِكَ صِرَٰطًا سَوِيًّا
19:43
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
اي ابا بيشڪ (الله جي پار کان) مون وٽ سمجھ آئي آھي جا تو وٽ نه آئي آھي تنھنڪري منھنجي تابعداري ڪر ته توکي سڌو رستو ڏيکاريان.

19:44 يَـٰٓأَبَتِ لَا تَعْبُدِ ٱلشَّيْطَـٰنَ ۖ إِنَّ ٱلشَّيْطَـٰنَ كَانَ لِلرَّحْمَـٰنِ عَصِيًّا
19:44
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
اي ابا شيطان کي نه پوڄ، ڇوته شيطان الله جو نافرمان آھي.

19:45 يَـٰٓأَبَتِ إِنِّىٓ أَخَافُ أَن يَمَسَّكَ عَذَابٌ مِّنَ ٱلرَّحْمَـٰنِ فَتَكُونَ لِلشَّيْطَـٰنِ وَلِيًّا
19:45
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
اي ابا آءٌ توتي الله جي عذاب پھچڻ کان ڊڄان ٿو متان شيطان جي سنگتي ٿئين.

19:46 قَالَ أَرَاغِبٌ أَنتَ عَنْ ءَالِهَتِى يَـٰٓإِبْرَٰهِيمُ ۖ لَئِن لَّمْ تَنتَهِ لَأَرْجُمَنَّكَ ۖ وَٱهْجُرْنِى مَلِيًّا
19:46
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
(پڻس) چيو ته اي ابراھيم تون منھنجي معبودن کان ڦرڻ وارو آھين ڇا؟ جيڪڏھن نه روڪبين ته توکي ضرور پٿرن سان ماريندس ۽ گھڻي مدت مون کان پاسي ٿيءُ.

19:47 قَالَ سَلَـٰمٌ عَلَيْكَ ۖ سَأَسْتَغْفِرُ لَكَ رَبِّىٓ ۖ إِنَّهُۥ كَانَ بِى حَفِيًّا
19:47
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
(ابراھيم) چيو ته توتي سلام ھجي، آءٌ تولاءِ پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرندس ڇوته اُھو مون تي مھربان آھي.

19:48 وَأَعْتَزِلُكُمْ وَمَا تَدْعُونَ مِن دُونِ ٱللَّهِ وَأَدْعُوا۟ رَبِّى عَسَىٰٓ أَلَّآ أَكُونَ بِدُعَآءِ رَبِّى شَقِيًّا
19:48
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ الله کانسواءِ جن کي سڏيندا آھيو تن کان ۽ اوھان کان پاسو ڪريان ٿو ۽ پنھنجي پالڻھار جي عبادت ڪندس، اُميد آھي پنھنجي پالڻھار جي عبادت ڪرڻ کان بدبخت نه ٿيندس.

19:49 فَلَمَّا ٱعْتَزَلَهُمْ وَمَا يَعْبُدُونَ مِن دُونِ ٱللَّهِ وَهَبْنَا لَهُۥٓ إِسْحَـٰقَ وَيَعْقُوبَ ۖ وَكُلًّا جَعَلْنَا نَبِيًّا
19:49
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
پوءِ جڏھن کانئن ۽ الله کانسواءِ پوڄيندا ھوا تن کان پاسو ڪيائين (تڏھن) کيس اسحاق ۽ يعقوب عطا ڪيوسين، ۽ ھر ھڪ کي پيغمبر ڪيوسون.

19:50 وَوَهَبْنَا لَهُم مِّن رَّحْمَتِنَا وَجَعَلْنَا لَهُمْ لِسَانَ صِدْقٍ عَلِيًّا
19:50
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ کين پنھنجي ٻاجھ مان (گھڻيون شيون) عطا ڪيوسون ۽ انھن جي چڱي يادگيري بلند ڪئي سون.

19:51 وَٱذْكُرْ فِى ٱلْكِتَـٰبِ مُوسَىٰٓ ۚ إِنَّهُۥ كَانَ مُخْلَصًا وَكَانَ رَسُولًا نَّبِيًّا
19:51
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ ڪتاب ۾ موسىٰ (جو قصو) ياد ڪر، بيشڪ اُھو چونڊيل ھو ۽ پيغمبر نبي ھو.

19:52 وَنَـٰدَيْنَـٰهُ مِن جَانِبِ ٱلطُّورِ ٱلْأَيْمَنِ وَقَرَّبْنَـٰهُ نَجِيًّا
19:52
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ طور (جبل) جي سڄي ڀر کان کيس سڏيوسون ۽ ھمراز ٿيڻ لاءِ کيس ويجھو ڪيوسون.

19:53 وَوَهَبْنَا لَهُۥ مِن رَّحْمَتِنَآ أَخَاهُ هَـٰرُونَ نَبِيًّا
19:53
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ پنھنجي ٻاجھ سان سندس ڀاءُ ھوارون پيغمبر ڪري کيس عطا ڪيوسون.

19:54 وَٱذْكُرْ فِى ٱلْكِتَـٰبِ إِسْمَـٰعِيلَ ۚ إِنَّهُۥ كَانَ صَادِقَ ٱلْوَعْدِ وَكَانَ رَسُولًا نَّبِيًّا
19:54
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ ڪتاب ۾ اسماعيل (جو قصّو) ياد ڪر، بيشڪ اُھو انجام جو پورو ۽ پيغمبر نبي ھو.

19:55 وَكَانَ يَأْمُرُ أَهْلَهُۥ بِٱلصَّلَوٰةِ وَٱلزَّكَوٰةِ وَكَانَ عِندَ رَبِّهِۦ مَرْضِيًّا
19:55
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ پنھنجي گھر وارن کي نماز ۽ زڪوٰة جو حُڪم ڪندو ھو، ۽ پنھنجي پالڻھار وٽ پسند ھو.

19:56 وَٱذْكُرْ فِى ٱلْكِتَـٰبِ إِدْرِيسَ ۚ إِنَّهُۥ كَانَ صِدِّيقًا نَّبِيًّا
19:56
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ ڪتاب ۾ ادريس (جو قصّو) ياد ڪر، بيشڪ اُھو سچو پيغمبر ھو.

19:57 وَرَفَعْنَـٰهُ مَكَانًا عَلِيًّا
19:57
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ وڏي مرتبي ڪري سندس مانُ مٿاھون ڪيوسون.

19:58 أُو۟لَـٰٓئِكَ ٱلَّذِينَ أَنْعَمَ ٱللَّهُ عَلَيْهِم مِّنَ ٱلنَّبِيِّـۧنَ مِن ذُرِّيَّةِ ءَادَمَ وَمِمَّنْ حَمَلْنَا مَعَ نُوحٍ وَمِن ذُرِّيَّةِ إِبْرَٰهِيمَ وَإِسْرَٰٓءِيلَ وَمِمَّنْ هَدَيْنَا وَٱجْتَبَيْنَآ ۚ إِذَا تُتْلَىٰ عَلَيْهِمْ ءَايَـٰتُ ٱلرَّحْمَـٰنِ خَرُّوا۟ سُجَّدًا وَبُكِيًّا ۩
19:58
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
جن تي الله فضل ڪيو سي آدم جي اولاد منجھان پيغمبرن مان آھن، ۽ جن کي نوح سان (ٻيڙي ۾) کنيوسون، ۽ ابراھيم ۽ يعقوب جي اولاد مان، ۽ جن کي ھدايت ڪئي سون ۽ چونڊيوسون تن مان آھن، جڏھن الله جون آيتون کين پڙھي ٻڌائبيون ھيون تڏھن سجدو ڪندڙ ۽ روئيندڙ ٿي ڪري پوندا ھوا.

19:59 ۞ فَخَلَفَ مِنۢ بَعْدِهِمْ خَلْفٌ أَضَاعُوا۟ ٱلصَّلَوٰةَ وَٱتَّبَعُوا۟ ٱلشَّهَوَٰتِ ۖ فَسَوْفَ يَلْقَوْنَ غَيًّا
19:59
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
پوءِ سندن پوئتان ڪيترا (ندورا) پيڙھيءَ تي ويٺا (جو) نماز ڇڏي ڏنائون ۽ سڌن جي پٺيان لڳا پوءَ سگھو گمراھيءَ جي سزا لھندا.

19:60 إِلَّا مَن تَابَ وَءَامَنَ وَعَمِلَ صَـٰلِحًا فَأُو۟لَـٰٓئِكَ يَدْخُلُونَ ٱلْجَنَّةَ وَلَا يُظْلَمُونَ شَيْـًٔا
19:60
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
پر جن توبه ڪئي ۽ ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي بھشت ۾ گھڙندا ۽ مٿن ڪجھ ظلم نه ڪبو.

19:61 جَنَّـٰتِ عَدْنٍ ٱلَّتِى وَعَدَ ٱلرَّحْمَـٰنُ عِبَادَهُۥ بِٱلْغَيْبِ ۚ إِنَّهُۥ كَانَ وَعْدُهُۥ مَأْتِيًّا
19:61
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
ھميشه جا باغ آھن جن لاءِ الله پنھنجي ٻانھن سان پرپٺ انجام ڪيو آھي، بيشڪ سندس انجام پھچڻو آھي.

19:62 لَّا يَسْمَعُونَ فِيهَا لَغْوًا إِلَّا سَلَـٰمًا ۖ وَلَهُمْ رِزْقُهُمْ فِيهَا بُكْرَةً وَعَشِيًّا
19:62
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
اُن ۾ سلامتي کانسواءِ (ٻي) ڪا بيھودي ڳالھه نه ٻڌندا، ۽ منجھس اُنھن لاءِ صُبح ۽ سانجھيءَ جو سندين روزي آھي.

19:63 تِلْكَ ٱلْجَنَّةُ ٱلَّتِى نُورِثُ مِنْ عِبَادِنَا مَن كَانَ تَقِيًّا
19:63
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
اِھو بھشت اُھو آھي جو پنھنجن ٻانھن مان جيڪو پرھيزگار بڻبو تنھن کي (اُن جو) وارث ڪنداسون.

19:64 وَمَا نَتَنَزَّلُ إِلَّا بِأَمْرِ رَبِّكَ ۖ لَهُۥ مَا بَيْنَ أَيْدِينَا وَمَا خَلْفَنَا وَمَا بَيْنَ ذَٰلِكَ ۚ وَمَا كَانَ رَبُّكَ نَسِيًّا
19:64
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ (ملائڪن چيو ته) تنھنجي پالڻھار جي حُڪم کانسواءِ نه لھندا آھيون، جيڪو اسان جي آڏو آھي ۽ جيڪي اسان جي پويان آھي ۽ جيڪي انھن جي وچ ۾ آھي تنھنجي (سڀ خبر) اُن کي آھي، ۽ تنھنجو پالڻھار وسارڻ وارو نه آھي.

19:65 رَّبُّ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا فَٱعْبُدْهُ وَٱصْطَبِرْ لِعِبَـٰدَتِهِۦ ۚ هَلْ تَعْلَمُ لَهُۥ سَمِيًّا
19:65
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
آسمانن ۽ زمين ۾ جو ۽ جيڪي سندن وچ ۾ آھي تنھنجو پالڻھار آھي پوءِ سندس عبادت ڪر ۽ سندس عبادت تي صبر ڪر (يعني مُحڪم رھ)، تون اُن نالي ڪو ڄاڻندو آھين ڇا؟

19:66 وَيَقُولُ ٱلْإِنسَـٰنُ أَءِذَا مَا مِتُّ لَسَوْفَ أُخْرَجُ حَيًّا
19:66
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ ماڻھو چوندو آھي ته جڏھن مرندس (تڏھن) جيئرو ٿي ڪڍبس ڇا؟

19:67 أَوَلَا يَذْكُرُ ٱلْإِنسَـٰنُ أَنَّا خَلَقْنَـٰهُ مِن قَبْلُ وَلَمْ يَكُ شَيْـًٔا
19:67
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
ماڻھو ياد نه ڪندو آھي ڇا ته کيس اڳ پيدا ڪيوسون ڪجھ به نه ھو؟

19:68 فَوَرَبِّكَ لَنَحْشُرَنَّهُمْ وَٱلشَّيَـٰطِينَ ثُمَّ لَنُحْضِرَنَّهُمْ حَوْلَ جَهَنَّمَ جِثِيًّا
19:68
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
پوءِ پنھنجي پالڻھار جو قسم آھي ته انھن کي ۽ شيطانن کي کڙو ڪنداسون وري دوزخ جي چوڌاري کين گوڏن ڀر حاضر ڪنداسون.

19:69 ثُمَّ لَنَنزِعَنَّ مِن كُلِّ شِيعَةٍ أَيُّهُمْ أَشَدُّ عَلَى ٱلرَّحْمَـٰنِ عِتِيًّا
19:69
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
وري سڀ ڪنھن ٽوليءَ مان اھڙن ماڻھن کي ڌار ڪنداسون جن انھن مان ٻاجھاري (الله) جي ڏاڍي نافرماني ڪئي.

19:70 ثُمَّ لَنَحْنُ أَعْلَمُ بِٱلَّذِينَ هُمْ أَوْلَىٰ بِهَا صِلِيًّا
19:70
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
وري جيڪي انھن ۾ گھڙڻ جوڳا آھن تن کي اسين چڱو ڄاڻندا آھيون.

19:71 وَإِن مِّنكُمْ إِلَّا وَارِدُهَا ۚ كَانَ عَلَىٰ رَبِّكَ حَتْمًا مَّقْضِيًّا
19:71
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ اوھان مان ڪو اھڙو ڪونھي جو اُن تي پھچڻ وارو نه آھي، تنھنجي پروردگار تي اھو انجام لازم مُقرّر آھي.

19:72 ثُمَّ نُنَجِّى ٱلَّذِينَ ٱتَّقَوا۟ وَّنَذَرُ ٱلظَّـٰلِمِينَ فِيهَا جِثِيًّا
19:72
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
وري پرھيزگارن کي بچائينداسون ۽ ظالمن کي منجھس گوڏن ڀر ڪرندڙ ڇڏينداسون.

19:73 وَإِذَا تُتْلَىٰ عَلَيْهِمْ ءَايَـٰتُنَا بَيِّنَـٰتٍ قَالَ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ لِلَّذِينَ ءَامَنُوٓا۟ أَىُّ ٱلْفَرِيقَيْنِ خَيْرٌ مَّقَامًا وَأَحْسَنُ نَدِيًّا
19:73
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ جڏھن اسان جون پڌريون آيتون انھن کي پڙھي ٻڌائبيون آھن (تڏھن) ڪافر مؤمنن کي چوندا آھن ته ٻنھي ٽولين مان ڪھڙي (ٽولي) مانَ جي ڪري ڀلي ۽ صحبت جي ڪري ڏاڍي چڱي آھي.

19:74 وَكَمْ أَهْلَكْنَا قَبْلَهُم مِّن قَرْنٍ هُمْ أَحْسَنُ أَثَـٰثًا وَرِءْيًا
19:74
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ کانئن اڳ ڪيترائي جُڳ ناس ڪياسون جو اُھي سامان ۽ ڏيک جي ڪري ڏاڍا چڱا ھئا.

19:75 قُلْ مَن كَانَ فِى ٱلضَّلَـٰلَةِ فَلْيَمْدُدْ لَهُ ٱلرَّحْمَـٰنُ مَدًّا ۚ حَتَّىٰٓ إِذَا رَأَوْا۟ مَا يُوعَدُونَ إِمَّا ٱلْعَذَابَ وَإِمَّا ٱلسَّاعَةَ فَسَيَعْلَمُونَ مَنْ هُوَ شَرٌّ مَّكَانًا وَأَضْعَفُ جُندًا
19:75
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
چؤ ته جيڪو گمراھيءَ ۾ آھي تنھن کي الله وڌيڪ وڌائيندو آھي، تان جو جيڪو انجام يا ته عذاب جو (ساڻن) ڪيو ويو سو جڏھن ڏسندا، تڏھن ھو ڄاڻندا ته بڇڙي مانَ وارو ۽ لشڪر جي ڪري ڏاڍو ھيڻو ڪير آھي.

19:76 وَيَزِيدُ ٱللَّهُ ٱلَّذِينَ ٱهْتَدَوْا۟ هُدًى ۗ وَٱلْبَـٰقِيَـٰتُ ٱلصَّـٰلِحَـٰتُ خَيْرٌ عِندَ رَبِّكَ ثَوَابًا وَخَيْرٌ مَّرَدًّا
19:76
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ الله ھدايت وارن کي ھدايت وڌيڪ ڪندو آھي، ۽ سدا رھندڙ چڱايون ثواب ڪري ڀليون ۽ موٽڻ ڪري چڱيون تنھنجي پالڻھار وٽ آھن.

19:77 أَفَرَءَيْتَ ٱلَّذِى كَفَرَ بِـَٔايَـٰتِنَا وَقَالَ لَأُوتَيَنَّ مَالًا وَوَلَدًا
19:77
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
(اي پيغمبر) اُنھي کي نه ڏٺو اٿيئي ڇا جنھن اسان جي آيتن کي نه مڃيو ۽ چيائين ته مون کي مال ۽ اولاد ضرور ڏنو ويندو؟

19:78 أَطَّلَعَ ٱلْغَيْبَ أَمِ ٱتَّخَذَ عِندَ ٱلرَّحْمَـٰنِ عَهْدًا
19:78
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
(اُھو) ڳجھ ڄاڻندو آھي ڇا يا الله وٽان ڪو انجام ورتو اٿس.

19:79 كَلَّا ۚ سَنَكْتُبُ مَا يَقُولُ وَنَمُدُّ لَهُۥ مِنَ ٱلْعَذَابِ مَدًّا
19:79
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
ائين نه آھي، جيڪي چوندو آھي سو سگھوئي لکنداسون ۽ اُن لاءِ ڊگھو عذاب وڌائينداسون.

19:80 وَنَرِثُهُۥ مَا يَقُولُ وَيَأْتِينَا فَرْدًا
19:80
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ جيڪي چوي ٿو سو کانئس کسينداسون ۽ اسان وٽ ھيڪلو ايندو.

19:81 وَٱتَّخَذُوا۟ مِن دُونِ ٱللَّهِ ءَالِهَةً لِّيَكُونُوا۟ لَهُمْ عِزًّا
19:81
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ الله کانسواءِ ٻيا معبود ھن لاءِ ورتا اٿن ته اُنھن لاءِ مانَ جو سبب ٿين.

19:82 كَلَّا ۚ سَيَكْفُرُونَ بِعِبَادَتِهِمْ وَيَكُونُونَ عَلَيْهِمْ ضِدًّا
19:82
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
ائين نه آھي، سندين پوڄا جو انڪار ڪندا ۽ اُنھن جا دشمن (۽ مخالف) ٿيندا.

19:83 أَلَمْ تَرَ أَنَّآ أَرْسَلْنَا ٱلشَّيَـٰطِينَ عَلَى ٱلْكَـٰفِرِينَ تَؤُزُّهُمْ أَزًّا
19:83
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
(اي پيغمبر) نه ڏٺو اٿيئي ڇا ته شيطانن کي ڪافرن تي موڪليوسون ته (اُھي) کين لوڏا ڏيئي ڌُوڻين؟

19:84 فَلَا تَعْجَلْ عَلَيْهِمْ ۖ إِنَّمَا نَعُدُّ لَهُمْ عَدًّا
19:84
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
پوءِ مٿن تڪڙ نه ڪر، انھن لاءِ پوري ڳڻ ڳڻيندا آھيون.

19:85 يَوْمَ نَحْشُرُ ٱلْمُتَّقِينَ إِلَى ٱلرَّحْمَـٰنِ وَفْدًا
19:85
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
اُن ڏينھن پرھيزگارن کي مھمانن وانگر ٻاجھاري (الله) وٽ کڙو ڪنداسون.

19:86 وَنَسُوقُ ٱلْمُجْرِمِينَ إِلَىٰ جَهَنَّمَ وِرْدًا
19:86
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ ڏوھين کي دوزخ ڏانھن اُڃو روانو ڪنداسون.

19:87 لَّا يَمْلِكُونَ ٱلشَّفَـٰعَةَ إِلَّا مَنِ ٱتَّخَذَ عِندَ ٱلرَّحْمَـٰنِ عَهْدًا
19:87
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
جنھن الله وٽان انجام ورتو تنھن کانسواءِ (ٻيا ڪي) شفاعت ڪري نه سگھندا.

19:88 وَقَالُوا۟ ٱتَّخَذَ ٱلرَّحْمَـٰنُ وَلَدًا
19:88
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ چوندا آھن ته الله پاڻ لاءِ اولاد ورتو آھي.

19:89 لَّقَدْ جِئْتُمْ شَيْـًٔا إِدًّا
19:89
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
(چئبن ته) بيشڪ اوھان بڇڙي شيء آندي.

19:90 تَكَادُ ٱلسَّمَـٰوَٰتُ يَتَفَطَّرْنَ مِنْهُ وَتَنشَقُّ ٱلْأَرْضُ وَتَخِرُّ ٱلْجِبَالُ هَدًّا
19:90
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
اِنھي (چوڻ) کان اِجھو آسمان ڦاٽندا ۽ زمين ڦاٽندي ۽ جبل ذرا ذرا ٿي ڪرندا.

19:91 أَن دَعَوْا۟ لِلرَّحْمَـٰنِ وَلَدًا
19:91
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
اُنھي سببان جو (انھن) الله لاءِ پُٽ (بڻائي) سڏيا.

19:92 وَمَا يَنۢبَغِى لِلرَّحْمَـٰنِ أَن يَتَّخِذَ وَلَدًا
19:92
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ الله کي اولاد وٺڻ نه جڳائيندو آھي.

19:93 إِن كُلُّ مَن فِى ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ إِلَّآ ءَاتِى ٱلرَّحْمَـٰنِ عَبْدًا
19:93
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سي سڀ الله وٽ ٻانھا ٿي ايندا.

19:94 لَّقَدْ أَحْصَىٰهُمْ وَعَدَّهُمْ عَدًّا
19:94
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
بيشڪ الله کين ڳڻيو آھي ۽ سندن ڳاڻاٽو ڳڻيو اٿس.

19:95 وَكُلُّهُمْ ءَاتِيهِ يَوْمَ ٱلْقِيَـٰمَةِ فَرْدًا
19:95
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ قيامت جي ڏينھن انھن مان ھر ھڪ وٽس ھيڪلو ايندو.

19:96 إِنَّ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّـٰلِحَـٰتِ سَيَجْعَلُ لَهُمُ ٱلرَّحْمَـٰنُ وُدًّا
19:96
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ سگھو الله محبّت پيدا ڪندو.

19:97 فَإِنَّمَا يَسَّرْنَـٰهُ بِلِسَانِكَ لِتُبَشِّرَ بِهِ ٱلْمُتَّقِينَ وَتُنذِرَ بِهِۦ قَوْمًا لُّدًّا
19:97
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
پوءِ اُھو (قرآن) تنھنجي زبان تي رڳو ھن لاءِ آسان ڪيوسون ته (تون) ساڻس پرھيزگارن کي خوشخبري ڏئين ۽ ان سان جھيڙا گر قوم کي ڊيڄارين.

19:98 وَكَمْ أَهْلَكْنَا قَبْلَهُم مِّن قَرْنٍ هَلْ تُحِسُّ مِنْهُم مِّنْ أَحَدٍ أَوْ تَسْمَعُ لَهُمْ رِكْزًۢا
19:98
Taj Mehmood Amroti (Sindhi) :
۽ کانئن اڳ گھڻا جُڳ ناس ڪياسون، منجائن ڪنھن ھڪ جو پتو لھين ٿو ڇا يا سندس ڀڻڪ ٻڌين ٿو ڇا؟