Selected

Original Text
Taj Mehmood Amroti

Available Translations

7 Al-'A`rāf ٱلْأَعْرَاف

< Previous   206 Āyah   The Heights      Next >  

بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ
In the name of Allah, Most Gracious, Most Merciful.

7:157 ٱلَّذِينَ يَتَّبِعُونَ ٱلرَّسُولَ ٱلنَّبِىَّ ٱلْأُمِّىَّ ٱلَّذِى يَجِدُونَهُۥ مَكْتُوبًا عِندَهُمْ فِى ٱلتَّوْرَىٰةِ وَٱلْإِنجِيلِ يَأْمُرُهُم بِٱلْمَعْرُوفِ وَيَنْهَىٰهُمْ عَنِ ٱلْمُنكَرِ وَيُحِلُّ لَهُمُ ٱلطَّيِّبَـٰتِ وَيُحَرِّمُ عَلَيْهِمُ ٱلْخَبَـٰٓئِثَ وَيَضَعُ عَنْهُمْ إِصْرَهُمْ وَٱلْأَغْلَـٰلَ ٱلَّتِى كَانَتْ عَلَيْهِمْ ۚ فَٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ بِهِۦ وَعَزَّرُوهُ وَنَصَرُوهُ وَٱتَّبَعُوا۟ ٱلنُّورَ ٱلَّذِىٓ أُنزِلَ مَعَهُۥٓ ۙ أُو۟لَـٰٓئِكَ هُمُ ٱلْمُفْلِحُونَ
7:157 (۽ پڻ آخرت جي رحمت اُنھن لاءِ لکندس) جيڪي انھيء نبّي اُمّي پيغمبر جي تابعداري ڪندا آھن جنھن جون وصفون توريت ۽ انجيل ۾ پاڻ وٽ لکيلون لھندا آھن، (اُھو) اُنھن کي چڱن ڪمن جو حُڪم ڪندو آھي ۽ مندن ڪمن کان اُنھن کي جھليندو آھي ۽ سٺيون شيون اُنھن لاءِ حلال ڪندو آھي ۽ پليت شيون مٿن حرام ڪندو آھي ۽ سندن ڳرو بار ۽ جيڪي تڪليفون مٿن ھيون سي کانئن لاھيندو آھي، پوءِ جن اُن تي ايمان آندو ۽ سندس تعظيم ڪئي ۽ کيس مدد ڏنائون ۽ اُنھيءَ نُور (ڪلام الله) جي تابعداري ڪيائون جيڪو ساڻس لاٿو ويو سي ئي ڇٽل آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)