Selected

Original Text
Taj Mehmood Amroti

Available Translations

11 Hūd هُود

< Previous   123 Āyah   Hud      Next >  

بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ
In the name of Allah, Most Gracious, Most Merciful.

11:1 الٓر ۚ كِتَـٰبٌ أُحْكِمَتْ ءَايَـٰتُهُۥ ثُمَّ فُصِّلَتْ مِن لَّدُنْ حَكِيمٍ خَبِيرٍ
11:1 الرٰ، (ھي) ڪتاب آھي جنھن جون آيتون مُحڪم آھن وري حِڪمت واري داناء الله وٽان بيان ڪيل آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:2 أَلَّا تَعْبُدُوٓا۟ إِلَّا ٱللَّهَ ۚ إِنَّنِى لَكُم مِّنْهُ نَذِيرٌ وَبَشِيرٌ
11:2 ته الله کانسواءِ ٻئي ڪنھن جي عبادت نه ڪريو، آءٌ سندس طرف کان اوھان کي ڊيڄاريندڙ ۽ خوشخبري ڏيندڙ آھيان. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:3 وَأَنِ ٱسْتَغْفِرُوا۟ رَبَّكُمْ ثُمَّ تُوبُوٓا۟ إِلَيْهِ يُمَتِّعْكُم مَّتَـٰعًا حَسَنًا إِلَىٰٓ أَجَلٍ مُّسَمًّى وَيُؤْتِ كُلَّ ذِى فَضْلٍ فَضْلَهُۥ ۖ وَإِن تَوَلَّوْا۟ فَإِنِّىٓ أَخَافُ عَلَيْكُمْ عَذَابَ يَوْمٍ كَبِيرٍ
11:3 ۽ ته پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرو وري ڏانھس (توبه ڪري) موٽو ته ٺھرايل مُدّت تائين اوھان کي چڱي نفعي سان فائدو ڏئي ۽ سڀڪنھن ڀلائيءَ واري کي سندس ڀلائي جو عوض ڏئي، ۽ جيڪڏھن اوھين ڦرندؤ ته بيشڪ آءٌ اوھان تي وڏي ڏينھن جي عذاب (پھچڻ) کان ڊڄان ٿو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:4 إِلَى ٱللَّهِ مَرْجِعُكُمْ ۖ وَهُوَ عَلَىٰ كُلِّ شَىْءٍ قَدِيرٌ
11:4 الله ڏانھن اوھان جو موٽڻ آھي، ۽ اُھو سڀڪنھن شي تي وس وارو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:5 أَلَآ إِنَّهُمْ يَثْنُونَ صُدُورَهُمْ لِيَسْتَخْفُوا۟ مِنْهُ ۚ أَلَا حِينَ يَسْتَغْشُونَ ثِيَابَهُمْ يَعْلَمُ مَا يُسِرُّونَ وَمَا يُعْلِنُونَ ۚ إِنَّهُۥ عَلِيمٌۢ بِذَاتِ ٱلصُّدُورِ
11:5 خبردار بيشڪ اُھي پنھنجن سينن کي ھن لاءِ وٽيندا آھن ته کانئس لِڪن، خبردار جنھن دم (اُھِي) پنھنجا ڪپڙا ڍڪيندا آھن (تنھن دم ۾) جيڪي ڳجھو ڪندا آھن ۽ جيڪي پڌرا ڪندا آھن سو (الله) ڄاڻندو آھي، بيشڪ اُھو سينن وارو (ڀيد) ڄاڻندڙ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:6 ۞ وَمَا مِن دَآبَّةٍ فِى ٱلْأَرْضِ إِلَّا عَلَى ٱللَّهِ رِزْقُهَا وَيَعْلَمُ مُسْتَقَرَّهَا وَمُسْتَوْدَعَهَا ۚ كُلٌّ فِى كِتَـٰبٍ مُّبِينٍ
11:6 ۽ ڪو چُرندڙ زمين ۾ آھي ئي نه پر سندس روزي الله تي آھي ۽ سندس رھڻ جو ھنڌ ۽ سنديس سانڀڻ جي جاءِ (الله) ڄاڻندو آھي، سڀ پڌري ڪتابن ۾ لکيل آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:7 وَهُوَ ٱلَّذِى خَلَقَ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضَ فِى سِتَّةِ أَيَّامٍ وَكَانَ عَرْشُهُۥ عَلَى ٱلْمَآءِ لِيَبْلُوَكُمْ أَيُّكُمْ أَحْسَنُ عَمَلًا ۗ وَلَئِن قُلْتَ إِنَّكُم مَّبْعُوثُونَ مِنۢ بَعْدِ ٱلْمَوْتِ لَيَقُولَنَّ ٱلَّذِينَ كَفَرُوٓا۟ إِنْ هَـٰذَآ إِلَّا سِحْرٌ مُّبِينٌ
11:7 ۽ اُھو (الله) آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي ڇھن ڏينھن ۾ بڻايو ۽ سندس عرش پاڻي تي ھو (اھو بڻائڻ ھن ڪري آھي) ته اوھان کي پرکي ته اوھان مان عملن جي ڪري ڪير تمام چڱو آھي، ۽ جيڪڏھن انھن کي چوين ته موت کانپوءِ اوھين جياريا ويندؤ ته ڪافر ضرور چوندا ته ھي پڌرو جادو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:8 وَلَئِنْ أَخَّرْنَا عَنْهُمُ ٱلْعَذَابَ إِلَىٰٓ أُمَّةٍ مَّعْدُودَةٍ لَّيَقُولُنَّ مَا يَحْبِسُهُۥٓ ۗ أَلَا يَوْمَ يَأْتِيهِمْ لَيْسَ مَصْرُوفًا عَنْهُمْ وَحَاقَ بِهِم مَّا كَانُوا۟ بِهِۦ يَسْتَهْزِءُونَ
11:8 ۽ جيڪڏھن ڪنھن مُقرّر مُدّت تائين کائن عذاب کڻي ھٽايون ته ضرور چوندا ته اُن کي ڪنھن جھليو آھي؟ خبردار جنھن ڏينھن (اُھو عذاب) وٽن ايندو (تنھن ڏينھن) کائن ٽرڻو نه آھي ۽ جنھن (شيء) سان ٺـٺوليون ڪندا ھوا سا کين وڪوڙي ويندي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:9 وَلَئِنْ أَذَقْنَا ٱلْإِنسَـٰنَ مِنَّا رَحْمَةً ثُمَّ نَزَعْنَـٰهَا مِنْهُ إِنَّهُۥ لَيَـُٔوسٌ كَفُورٌ
11:9 ۽ جيڪڏھن ماڻھوءَ کي پاڻ وٽان ڪا ٻاجھ چکايون ٿا (۽) وري اُھا کانئس کسيون ٿا، ته اُھو نااميد بي شڪر (بڻيو) آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:10 وَلَئِنْ أَذَقْنَـٰهُ نَعْمَآءَ بَعْدَ ضَرَّآءَ مَسَّتْهُ لَيَقُولَنَّ ذَهَبَ ٱلسَّيِّـَٔاتُ عَنِّىٓ ۚ إِنَّهُۥ لَفَرِحٌ فَخُورٌ
11:10 ۽ جيڪڏھن ان کي ڏک پھچڻ کانپوءِ سُک پُھچايون ته ضرور چوندو ته مون کان ڏک ويا، اھو پڪ سرھو وڏائي ڪندڙ ٿيندو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:11 إِلَّا ٱلَّذِينَ صَبَرُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّـٰلِحَـٰتِ أُو۟لَـٰٓئِكَ لَهُم مَّغْفِرَةٌ وَأَجْرٌ كَبِيرٌ
11:11 پر جن صبر ڪيو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن لاءِ بخشش ۽ وڏو اجر آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:12 فَلَعَلَّكَ تَارِكٌۢ بَعْضَ مَا يُوحَىٰٓ إِلَيْكَ وَضَآئِقٌۢ بِهِۦ صَدْرُكَ أَن يَقُولُوا۟ لَوْلَآ أُنزِلَ عَلَيْهِ كَنزٌ أَوْ جَآءَ مَعَهُۥ مَلَكٌ ۚ إِنَّمَآ أَنتَ نَذِيرٌ ۚ وَٱللَّهُ عَلَىٰ كُلِّ شَىْءٍ وَكِيلٌ
11:12 پوءِ (اي پيغمبر) جيڪي توڏانھن وحي ڪجي ٿو تنھن مان متان ڪي ڇڏي ڏئين ۽ (پڻ) متان دل تنگ ڪرين ڪافرن جي ھن چوڻ تي ته مٿس خزانو ڇونه لاٿو ويو يا ملائڪ ساڻس ڇونه آيو، (نه ڇڏ ۽ نه دل تنگ ڪر) ڇوته تون ڊيڄاريندڙ ئي آھين ۽ الله ھر شيء جو سنڀاليندڙ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:13 أَمْ يَقُولُونَ ٱفْتَرَىٰهُ ۖ قُلْ فَأْتُوا۟ بِعَشْرِ سُوَرٍ مِّثْلِهِۦ مُفْتَرَيَـٰتٍ وَٱدْعُوا۟ مَنِ ٱسْتَطَعْتُم مِّن دُونِ ٱللَّهِ إِن كُنتُمْ صَـٰدِقِينَ
11:13 بلڪ (ائين) به چون ٿا ته اُھو (قرآن) پاڻ ٺاھيو اٿس، چؤ ته جيڪڏھن سچا آھيو ته (اوھين به) اُن جھڙيون ڏہ سورتون پاڻون ٺاھيل آڻيو ۽ الله کانسواءِ (ٻـين) جن کي سڏي سگھو تن کي سڏيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:14 فَإِلَّمْ يَسْتَجِيبُوا۟ لَكُمْ فَٱعْلَمُوٓا۟ أَنَّمَآ أُنزِلَ بِعِلْمِ ٱللَّهِ وَأَن لَّآ إِلَـٰهَ إِلَّا هُوَ ۖ فَهَلْ أَنتُم مُّسْلِمُونَ
11:14 پوءِ جيڪڏھن اوھان جو (اھو چوڻ) قبول نه ڪن ته ڄاڻو ته (اُھو قرآن) رڳو الله جي علم سان لاٿو ويو آھي ۽ (ڄاڻو) ته ان کانسواءِ ٻيو ڪو عبادت جو لائق نه آھي، پوءِ اوھين اسلام تي (مُحڪم) ڇونه رھندؤ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:15 مَن كَانَ يُرِيدُ ٱلْحَيَوٰةَ ٱلدُّنْيَا وَزِينَتَهَا نُوَفِّ إِلَيْهِمْ أَعْمَـٰلَهُمْ فِيهَا وَهُمْ فِيهَا لَا يُبْخَسُونَ
11:15 جيڪو دنيا جي حياتي ۽ سندس سينگار گھرندو ھجي تن کي دنيا ۾ (ئي) سندن عملن جو اجورو پورو ڏينداسون ۽ انھن کي اُن ۾ گھٽ نه ڏبو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:16 أُو۟لَـٰٓئِكَ ٱلَّذِينَ لَيْسَ لَهُمْ فِى ٱلْـَٔاخِرَةِ إِلَّا ٱلنَّارُ ۖ وَحَبِطَ مَا صَنَعُوا۟ فِيهَا وَبَـٰطِلٌ مَّا كَانُوا۟ يَعْمَلُونَ
11:16 اِھي اُھي آھن جن لاءِ آخرت ۾ باہ کانسواءِ (ٻيو ڪي) نه آھي، ۽ جيڪي دنيا ۾ ڪيائون سو چٽ ٿيو ۽ جيڪي ڪمائيندا ھوا سو باطل ٿيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:17 أَفَمَن كَانَ عَلَىٰ بَيِّنَةٍ مِّن رَّبِّهِۦ وَيَتْلُوهُ شَاهِدٌ مِّنْهُ وَمِن قَبْلِهِۦ كِتَـٰبُ مُوسَىٰٓ إِمَامًا وَرَحْمَةً ۚ أُو۟لَـٰٓئِكَ يُؤْمِنُونَ بِهِۦ ۚ وَمَن يَكْفُرْ بِهِۦ مِنَ ٱلْأَحْزَابِ فَٱلنَّارُ مَوْعِدُهُۥ ۚ فَلَا تَكُ فِى مِرْيَةٍ مِّنْهُ ۚ إِنَّهُ ٱلْحَقُّ مِن رَّبِّكَ وَلَـٰكِنَّ أَكْثَرَ ٱلنَّاسِ لَا يُؤْمِنُونَ
11:17 (اُھو ماڻھو گمراھن جھڙو نه آھي) جيڪو پنھنجي پالڻھار (جي طرف) کان پڌري حجت تي ھجي ۽ الله کان اُن لاءِ شاھد (يعني قرآن پڙھندو) ھجي ۽ اُن (قرآن) کان اڳ موسىٰ جو ڪتاب (توريت) امام ۽ رحمت (به گواہ ھجي)، اِھي (ماڻھو) اُن (قرآن) تي ايمان آڻين ٿا، (پوءِ انھن جي سڀني) ٽولين مان جيڪو اُن (قرآن) جو انڪار ڪندو تنھن جي رھڻ جو ھنڌ باھ آھي، تنھنڪري (تون) کانئس شڪ ۾ نه ھُج، اُھو تنھنجي پالڻھار جي پار کان حق (لٿو) آھي پر گھڻا ماڻھو ايمان نه ٿا آڻين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:18 وَمَنْ أَظْلَمُ مِمَّنِ ٱفْتَرَىٰ عَلَى ٱللَّهِ كَذِبًا ۚ أُو۟لَـٰٓئِكَ يُعْرَضُونَ عَلَىٰ رَبِّهِمْ وَيَقُولُ ٱلْأَشْهَـٰدُ هَـٰٓؤُلَآءِ ٱلَّذِينَ كَذَبُوا۟ عَلَىٰ رَبِّهِمْ ۚ أَلَا لَعْنَةُ ٱللَّهِ عَلَى ٱلظَّـٰلِمِينَ
11:18 ۽ جيڪو الله تي ڪوڙو ٺاھ ٺاھي تنھن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي، اھي پنھنجي پالڻھار جي آڏو ڪيا ويندا ۽ شاھد چوندا ته اھي آھن جن پنھنجي پالڻھار تي ڪوڙ چيو، خبردار (انھن) ظالمن تي الله جي لعنت آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:19 ٱلَّذِينَ يَصُدُّونَ عَن سَبِيلِ ٱللَّهِ وَيَبْغُونَهَا عِوَجًا وَهُم بِٱلْـَٔاخِرَةِ هُمْ كَـٰفِرُونَ
11:19 جيڪي الله جي واٽ کان جھليندا آھن ۽ ان جي ڏنگائي گھرندا آھن، ۽ اُھي ئي آخرت کي نه مڃيندا آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:20 أُو۟لَـٰٓئِكَ لَمْ يَكُونُوا۟ مُعْجِزِينَ فِى ٱلْأَرْضِ وَمَا كَانَ لَهُم مِّن دُونِ ٱللَّهِ مِنْ أَوْلِيَآءَ ۘ يُضَـٰعَفُ لَهُمُ ٱلْعَذَابُ ۚ مَا كَانُوا۟ يَسْتَطِيعُونَ ٱلسَّمْعَ وَمَا كَانُوا۟ يُبْصِرُونَ
11:20 اُھي مُلڪ ۾ ڪڏھن عاجز ڪرڻ وارا نه آھن ۽ الله کانسواءِ (ٻيا ڪي) انھن جا مددگار نه آھن، انھن کي ٻيڻو عذاب ڪيو ويندو، جو ٻُڌي نه ٿي سگھيا ۽ نه ٿي ڏٺائون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:21 أُو۟لَـٰٓئِكَ ٱلَّذِينَ خَسِرُوٓا۟ أَنفُسَهُمْ وَضَلَّ عَنْهُم مَّا كَانُوا۟ يَفْتَرُونَ
11:21 اِھي اُھي آھن جن پاڻ کي ڇيئو لاتو ۽ جيڪو ٺاھ ٺاھيندا ھوا سو کانئن ڀلجي ويو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:22 لَا جَرَمَ أَنَّهُمْ فِى ٱلْـَٔاخِرَةِ هُمُ ٱلْأَخْسَرُونَ
11:22 بيشڪ اِھي (ماڻھو) ضرور آخرت ۾ ڇيئي وارا آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:23 إِنَّ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّـٰلِحَـٰتِ وَأَخْبَتُوٓا۟ إِلَىٰ رَبِّهِمْ أُو۟لَـٰٓئِكَ أَصْحَـٰبُ ٱلْجَنَّةِ ۖ هُمْ فِيهَا خَـٰلِدُونَ
11:23 بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيا ۽ پنھنجي پالڻھار ڏانھن نويا سي بھشتي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:24 ۞ مَثَلُ ٱلْفَرِيقَيْنِ كَٱلْأَعْمَىٰ وَٱلْأَصَمِّ وَٱلْبَصِيرِ وَٱلسَّمِيعِ ۚ هَلْ يَسْتَوِيَانِ مَثَلًا ۚ أَفَلَا تَذَكَّرُونَ
11:24 انھن ٻن ٽولين جو مثال انڌي ۽ ٻوڙي ۽ ڏسندڙ ۽ ٻڌندڙ وانگر آھي، (اھي) مثال ۾ برابر آھن ڇا؟ پوءِ ڇونه ٿا نصيحت وٺو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:25 وَلَقَدْ أَرْسَلْنَا نُوحًا إِلَىٰ قَوْمِهِۦٓ إِنِّى لَكُمْ نَذِيرٌ مُّبِينٌ
11:25 ۽ بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏانھن موڪليو (اُن چيو ته) آءٌ اوھان لاءِ پڌرو ڊيڄارندڙ آھيان. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:26 أَن لَّا تَعْبُدُوٓا۟ إِلَّا ٱللَّهَ ۖ إِنِّىٓ أَخَافُ عَلَيْكُمْ عَذَابَ يَوْمٍ أَلِيمٍ
11:26 ته الله کانسواءِ (اوھين ٻئي جي) عبادت نه ڪريو، بيشڪ آءٌ اوھان کي ڏکوئيندڙ ڏينھن جي عذاب (پھچڻ) کان ڊڄان ٿو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:27 فَقَالَ ٱلْمَلَأُ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ مِن قَوْمِهِۦ مَا نَرَىٰكَ إِلَّا بَشَرًا مِّثْلَنَا وَمَا نَرَىٰكَ ٱتَّبَعَكَ إِلَّا ٱلَّذِينَ هُمْ أَرَاذِلُنَا بَادِىَ ٱلرَّأْىِ وَمَا نَرَىٰ لَكُمْ عَلَيْنَا مِن فَضْلٍۭ بَلْ نَظُنُّكُمْ كَـٰذِبِينَ
11:27 پوءِ سندس قوم مان ڪافر ٽوليءَ چيو ته توکي پاڻ جھڙي ماڻھو کانسواءِ (ٻيو) نٿا ڏسون ۽ اسان مان بي سوچ خسيسن کان سواءِ (ٻيو) تنھنجو تابعدار نه ٿا ڏسون، ۽ پاڻ کان اوھان جي ڪا زيادتي نه ٿا ڏسون بلڪ اوھان کي ڪوڙ ڀائيندا آھيون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:28 قَالَ يَـٰقَوْمِ أَرَءَيْتُمْ إِن كُنتُ عَلَىٰ بَيِّنَةٍ مِّن رَّبِّى وَءَاتَىٰنِى رَحْمَةً مِّنْ عِندِهِۦ فَعُمِّيَتْ عَلَيْكُمْ أَنُلْزِمُكُمُوهَا وَأَنتُمْ لَهَا كَـٰرِهُونَ
11:28 (نوح) چيو ته اي منھنجي قوم (مون کي) ڏسيو ته سھين ته جيڪڏھن (آءٌ) پنھنجي پالڻھار جي پڪي حجت تي ھجان ۽ پاڻ وٽان مون کي رحمت ڏني ھجيس ۽ (جنھن جي حقيقت) اوھان کان لڪائي وئي ھجي ته اُن (جي مڃڻ) جو ھن ھوندي اوھان کي ڇو زور ڪريون جو اوھين اُن کي بڇان ڀائيندا ھجو؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:29 وَيَـٰقَوْمِ لَآ أَسْـَٔلُكُمْ عَلَيْهِ مَالًا ۖ إِنْ أَجْرِىَ إِلَّا عَلَى ٱللَّهِ ۚ وَمَآ أَنَا۠ بِطَارِدِ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوٓا۟ ۚ إِنَّهُم مُّلَـٰقُوا۟ رَبِّهِمْ وَلَـٰكِنِّىٓ أَرَىٰكُمْ قَوْمًا تَجْهَلُونَ
11:29 ۽ اي منھنجي قوم (آءٌ) اوھان کان اُن بابت ڪو مال نٿو گھران، منھنجو اجورو الله کانسواءِ ٻئي تي نه آھي ۽ آءٌ مؤمنن کي تڙڻ وارو نه آھيان، ڇوته اُھي پنھنجي پالڻھار کي ملڻ وارا آھن پر آءٌ اوھان کي جاھل قوم ڏسان ٿو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:30 وَيَـٰقَوْمِ مَن يَنصُرُنِى مِنَ ٱللَّهِ إِن طَرَدتُّهُمْ ۚ أَفَلَا تَذَكَّرُونَ
11:30 ۽ اي منھنجي قوم جيڪڏھن کين تڙيندس ته مون کي الله کان ڪير ڇڏائيندو، پوءِ ڇونه سمجھندا آھيو؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:31 وَلَآ أَقُولُ لَكُمْ عِندِى خَزَآئِنُ ٱللَّهِ وَلَآ أَعْلَمُ ٱلْغَيْبَ وَلَآ أَقُولُ إِنِّى مَلَكٌ وَلَآ أَقُولُ لِلَّذِينَ تَزْدَرِىٓ أَعْيُنُكُمْ لَن يُؤْتِيَهُمُ ٱللَّهُ خَيْرًا ۖ ٱللَّهُ أَعْلَمُ بِمَا فِىٓ أَنفُسِهِمْ ۖ إِنِّىٓ إِذًا لَّمِنَ ٱلظَّـٰلِمِينَ
11:31 ۽ آءٌ اوھان کي نٿو چوان ته مون وٽ الله جا خزانا آھن ۽ نڪي (ڪو) ڳُجھ ڄاڻندو آھيان ۽ نڪي چوان ٿو ته آءٌ ملائڪ آھيان ۽ جن کي اوھان جون اکيون ھيڻو ڏسن ٿيون تن لاءِ نٿو چوان ته الله کين ڪا چڱائي نه ڏيندو، جيڪي سندين دلين ۾ آھي سو الله چڱو ڄاڻندڙ آھي، (جي چوندس ته) آءٌ انھيءَ مھل ظالمن مان ٿيندس. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:32 قَالُوا۟ يَـٰنُوحُ قَدْ جَـٰدَلْتَنَا فَأَكْثَرْتَ جِدَٰلَنَا فَأْتِنَا بِمَا تَعِدُنَآ إِن كُنتَ مِنَ ٱلصَّـٰدِقِينَ
11:32 چيائون اي نوح بيشڪ تو اسان سان جھڳڙو ڪيو پوءِ اسان سان گھڻو جھيڙو ڪيئي جيڪڏھن سچن مان آھين ته اسان سان جيڪو انجام ڪرين ٿو سو اسان وٽ آڻ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:33 قَالَ إِنَّمَا يَأْتِيكُم بِهِ ٱللَّهُ إِن شَآءَ وَمَآ أَنتُم بِمُعْجِزِينَ
11:33 (نوح) چيو ته اُھو اوھان وٽ رڳو الله آڻيندو جيڪڏھن اُن گھريو ته ۽ اوھين (ڀڄي) عاجزي ڪرڻ وارا نه آھيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:34 وَلَا يَنفَعُكُمْ نُصْحِىٓ إِنْ أَرَدتُّ أَنْ أَنصَحَ لَكُمْ إِن كَانَ ٱللَّهُ يُرِيدُ أَن يُغْوِيَكُمْ ۚ هُوَ رَبُّكُمْ وَإِلَيْهِ تُرْجَعُونَ
11:34 ۽ جيڪڏھن آءٌ اوھان کي نصيحت ڏيڻ گھران ته جيڪڏھن الله اوھان جو ڀُلائڻ گھرندو ته منھنجي نصيحت اوھان کي ڪو نفعو نه ڏيندي، اُھو اوھان جو پالڻھار آھي، ۽ ڏانھس موٽايا ويندؤ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:35 أَمْ يَقُولُونَ ٱفْتَرَىٰهُ ۖ قُلْ إِنِ ٱفْتَرَيْتُهُۥ فَعَلَىَّ إِجْرَامِى وَأَنَا۠ بَرِىٓءٌ مِّمَّا تُجْرِمُونَ
11:35 بلڪ (ھيئن به) چوندا آھن ته (ھن پيغمبر) اُھو پاڻون ٺاھيو آھي، چئو ته جيڪڏھن مون اُن کي پاڻ ٺاھيو آھي ته منھنجو ڏوھ مون تي آھي ۽ جيڪي اوھين ڏوھ ڪندا آھيو تنھن کان آءٌ بيزار آھيان. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:36 وَأُوحِىَ إِلَىٰ نُوحٍ أَنَّهُۥ لَن يُؤْمِنَ مِن قَوْمِكَ إِلَّا مَن قَدْ ءَامَنَ فَلَا تَبْتَئِسْ بِمَا كَانُوا۟ يَفْعَلُونَ
11:36 ۽ نُوح ڏانھن وحي ڪيو ويو ته جنھن ايمان آندو آھي تنھن کانسواءِ تنھنجي قوم مان ٻيو ڪوبه ڪڏھن ايمان نه آڻيندو تنھنڪري جيڪي ڪندا آھن تنھن تي تون رنج نه ٿي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:37 وَٱصْنَعِ ٱلْفُلْكَ بِأَعْيُنِنَا وَوَحْيِنَا وَلَا تُخَـٰطِبْنِى فِى ٱلَّذِينَ ظَلَمُوٓا۟ ۚ إِنَّهُم مُّغْرَقُونَ
11:37 ۽ اسان جي روبرو ۽ اسان جي حُڪم سان ٻيڙي جوڙ ۽ ظالمن بابت مون کي نه چئج، ڇوته اُھي ٻوڙيا ويندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:38 وَيَصْنَعُ ٱلْفُلْكَ وَكُلَّمَا مَرَّ عَلَيْهِ مَلَأٌ مِّن قَوْمِهِۦ سَخِرُوا۟ مِنْهُ ۚ قَالَ إِن تَسْخَرُوا۟ مِنَّا فَإِنَّا نَسْخَرُ مِنكُمْ كَمَا تَسْخَرُونَ
11:38 ۽ ٻيڙي بڻائڻ لڳو، جڏھن ڪڏھن سندس قوم مان ڪا ٽولي وٽانئس لنگھي ٿي (ته) مٿس ٺـٺوليون ڪيائون، (نوح) ٿي چيو ته جيڪڏھن اوھين اسان تي ٺـٺوليون ڪريو ٿا ته اسين (به) اھڙيون ٺـٺوليون اوھان تي ڪنداسون جھڙيون ٺـٺوليون (اوھين) ڪريو ٿا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:39 فَسَوْفَ تَعْلَمُونَ مَن يَأْتِيهِ عَذَابٌ يُخْزِيهِ وَيَحِلُّ عَلَيْهِ عَذَابٌ مُّقِيمٌ
11:39 پوءِ جنھن کي عذاب پھچندو تنھن کي سگھوئي ڄاڻندؤ جو (اُھو) ان کي خوار ڪندو ۽ مٿس سدائين عذاب (پيو) لھندو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:40 حَتَّىٰٓ إِذَا جَآءَ أَمْرُنَا وَفَارَ ٱلتَّنُّورُ قُلْنَا ٱحْمِلْ فِيهَا مِن كُلٍّ زَوْجَيْنِ ٱثْنَيْنِ وَأَهْلَكَ إِلَّا مَن سَبَقَ عَلَيْهِ ٱلْقَوْلُ وَمَنْ ءَامَنَ ۚ وَمَآ ءَامَنَ مَعَهُۥٓ إِلَّا قَلِيلٌ
11:40 (انھيءَ ڪم ۾ ھوا) ايتري تائين جو اسان جو حُڪم آيو ۽ تنور اُڀاميو چيوسون ته سڀڪنھن جنس (جي جانورن) مان ٻه ٻه (نر ۽ مادي) ۽ جن بابت حڪم ٿي چڪو آھي (ته ھلاڪ ڪبا) تن ڌاران ٻيا پنھنجي گھر وارا ۽ جن ايمان آندو سي منجھس چاڙھ، ۽ ٿورن کانسواءِ مٿس ايمان نه آندو ھوائون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:41 ۞ وَقَالَ ٱرْكَبُوا۟ فِيهَا بِسْمِ ٱللَّهِ مَجْر۪ىٰهَا وَمُرْسَىٰهَآ ۚ إِنَّ رَبِّى لَغَفُورٌ رَّحِيمٌ
11:41 ۽ (نوحؑ) چيو ته منجھس چڙھو الله جي نالي سان سندس ھلڻ ۽ سندس بيھڻ آھي، ڇوته منھنجو پالڻھار ضرور بخشيندڙ مھربان آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:42 وَهِىَ تَجْرِى بِهِمْ فِى مَوْجٍ كَٱلْجِبَالِ وَنَادَىٰ نُوحٌ ٱبْنَهُۥ وَكَانَ فِى مَعْزِلٍ يَـٰبُنَىَّ ٱرْكَب مَّعَنَا وَلَا تَكُن مَّعَ ٱلْكَـٰفِرِينَ
11:42 ۽ اُھا جبلن جھڙين لھرين ۾ کين (کڻي) ھلڻ لڳي، ۽ نوحؓ پنھنجي پٽ کي سڏيو ۽ اُھو ڪناري تي ھو ته اي مُنھنجا پُٽ اسان سان چڙھ ۽ ڪافرن سان گڏ نه ھُج. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:43 قَالَ سَـَٔاوِىٓ إِلَىٰ جَبَلٍ يَعْصِمُنِى مِنَ ٱلْمَآءِ ۚ قَالَ لَا عَاصِمَ ٱلْيَوْمَ مِنْ أَمْرِ ٱللَّهِ إِلَّا مَن رَّحِمَ ۚ وَحَالَ بَيْنَهُمَا ٱلْمَوْجُ فَكَانَ مِنَ ٱلْمُغْرَقِينَ
11:43 چيائين ته (اھڙي) جبل تي پناھ وٺندس جو مون کي پاڻيءَ کان بچائيندو، (نوحؑ) چيو ته اڄ الله جي عذاب کان ڪو بچائيندڙ ڪونھي پر جنھن تي (پاڻ) رحم ڪري (سو بچي سگھندو)، ايتري ۾ ٻنھي جي وچ ۾ لھر اچي پئي ۽ (اُھو) ٻڏلن مان ٿيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:44 وَقِيلَ يَـٰٓأَرْضُ ٱبْلَعِى مَآءَكِ وَيَـٰسَمَآءُ أَقْلِعِى وَغِيضَ ٱلْمَآءُ وَقُضِىَ ٱلْأَمْرُ وَٱسْتَوَتْ عَلَى ٱلْجُودِىِّ ۖ وَقِيلَ بُعْدًا لِّلْقَوْمِ ٱلظَّـٰلِمِينَ
11:44 ۽ فرمايو ويو ته اي زمين (تون) پنھنجو پاڻي چُھي وڃ ۽ اي آسمان (تون پنھنجو پاڻي) بند ڪر ۽ پاڻي سُڪايو ويو ۽ ڪم پورو ڪيو ويو ۽ (ٻيڙي جبل) جوديءَ تي بيٺي ۽ چيو ويو ته (شل) ظالمن جي قوم ناس ٿئي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:45 وَنَادَىٰ نُوحٌ رَّبَّهُۥ فَقَالَ رَبِّ إِنَّ ٱبْنِى مِنْ أَهْلِى وَإِنَّ وَعْدَكَ ٱلْحَقُّ وَأَنتَ أَحْكَمُ ٱلْحَـٰكِمِينَ
11:45 ۽ نوحؑ پنھنجي پالڻھار کي سڏيو ۽ چيائين اي منھنجا پالڻھار منھنجو پٽ (به) منھنجي گھر وارن منجھان آھي ۽ بيشڪ تنھنجو انجام بلڪل سچو آھي ۽ تو حاڪمن جو حاڪم آھين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:46 قَالَ يَـٰنُوحُ إِنَّهُۥ لَيْسَ مِنْ أَهْلِكَ ۖ إِنَّهُۥ عَمَلٌ غَيْرُ صَـٰلِحٍ ۖ فَلَا تَسْـَٔلْنِ مَا لَيْسَ لَكَ بِهِۦ عِلْمٌ ۖ إِنِّىٓ أَعِظُكَ أَن تَكُونَ مِنَ ٱلْجَـٰهِلِينَ
11:46 (الله) فرمايو ته اي نوح اُھو تنھنجي گھر وارن مان نه آھي، ڇوته اَڻ سڌريل ڪمن وارو آھي، تنھنڪري جنھن جي توکي ڪا خبر نه آھي تنھن بابت مون کان نه پُڇ، آءٌ توکي نصيحت ڪريان ٿو ته متان جاھلن مان ٿئين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:47 قَالَ رَبِّ إِنِّىٓ أَعُوذُ بِكَ أَنْ أَسْـَٔلَكَ مَا لَيْسَ لِى بِهِۦ عِلْمٌ ۖ وَإِلَّا تَغْفِرْ لِى وَتَرْحَمْنِىٓ أَكُن مِّنَ ٱلْخَـٰسِرِينَ
11:47 (نوحؓ) چيو ته اي منھنجا پالڻھار جنھن (ڳالھ جي حقيقت) جي مون کي خبر نه آھي تنھن بابت توکان پڇڻ جي آءٌ تو وٽان پناھ گھران ٿو، ۽ جي تون نه بخشيندين ۽ رحم نه ڪندين ته ڇيئي وارن مان ٿيندس. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:48 قِيلَ يَـٰنُوحُ ٱهْبِطْ بِسَلَـٰمٍ مِّنَّا وَبَرَكَـٰتٍ عَلَيْكَ وَعَلَىٰٓ أُمَمٍ مِّمَّن مَّعَكَ ۚ وَأُمَمٌ سَنُمَتِّعُهُمْ ثُمَّ يَمَسُّهُم مِّنَّا عَذَابٌ أَلِيمٌ
11:48 چيو ويو ته اي نوحؑ اسان جي طرف کان سلامتي ۽ برڪتن سان لھ جي توتي ھجن ۽ انھن ٽولين تي (به) جيڪي توساڻ آھن، ۽ (ٻيون ڪي) جماعتون ھونديون جن کي آسودو ڪنداسون وري انھن (مان ڪافرن) کي اسان وٽان ڏکوئيندڙ عذاب پھچندو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:49 تِلْكَ مِنْ أَنۢبَآءِ ٱلْغَيْبِ نُوحِيهَآ إِلَيْكَ ۖ مَا كُنتَ تَعْلَمُهَآ أَنتَ وَلَا قَوْمُكَ مِن قَبْلِ هَـٰذَا ۖ فَٱصْبِرْ ۖ إِنَّ ٱلْعَـٰقِبَةَ لِلْمُتَّقِينَ
11:49 اِھي (قصا) ڳُجھين خبرن مان آھن جي تو ڏانھن وحي ڪريون ٿا، ھن کان اڳ نڪي (ان کي) تون ڄاڻندو ھئين ۽ نڪا تنھنجي قوم ڄاڻندي ھئي، پوءِ صبر ڪريو، بيشڪ پڇاڙي پرھيزگارن لاءِ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:50 وَإِلَىٰ عَادٍ أَخَاهُمْ هُودًا ۚ قَالَ يَـٰقَوْمِ ٱعْبُدُوا۟ ٱللَّهَ مَا لَكُم مِّنْ إِلَـٰهٍ غَيْرُهُۥٓ ۖ إِنْ أَنتُمْ إِلَّا مُفْتَرُونَ
11:50 ۽ عادين ڏانھن سندن ڀاءُ ھود کي (موڪليوسون)، چيائين ته اي منھنجي قوم الله جي عبادت ڪريو اُن (الله) کانسواءِ اوھان جو ڪو معبود نه آھي، اوھين رڳو ٺاھ ٺاھيندڙ آھيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:51 يَـٰقَوْمِ لَآ أَسْـَٔلُكُمْ عَلَيْهِ أَجْرًا ۖ إِنْ أَجْرِىَ إِلَّا عَلَى ٱلَّذِى فَطَرَنِىٓ ۚ أَفَلَا تَعْقِلُونَ
11:51 اي منھنجي قوم اوھان کان (ھن پيغام پھچائڻ تي) ڪو اجورو نٿو گھران، منھنجو اجورو رڳو انھي تي آھي جنھن مون کي پيدا ڪيو آھي، پوءِ اوھين ڇونه ٿا سمجھو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:52 وَيَـٰقَوْمِ ٱسْتَغْفِرُوا۟ رَبَّكُمْ ثُمَّ تُوبُوٓا۟ إِلَيْهِ يُرْسِلِ ٱلسَّمَآءَ عَلَيْكُم مِّدْرَارًا وَيَزِدْكُمْ قُوَّةً إِلَىٰ قُوَّتِكُمْ وَلَا تَتَوَلَّوْا۟ مُجْرِمِينَ
11:52 ۽ اي منھنجي قوم پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرو وري سندس اڳيان توبه ڪريو ته اوھان تي لڳولڳ وسندڙ ڪڪر موڪليندو ۽ اوھان جي سگھ تي سگھ وڌائيندو ۽ اوھين ڏوھي ٿي منھن نه ڦيريو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:53 قَالُوا۟ يَـٰهُودُ مَا جِئْتَنَا بِبَيِّنَةٍ وَمَا نَحْنُ بِتَارِكِىٓ ءَالِهَتِنَا عَن قَوْلِكَ وَمَا نَحْنُ لَكَ بِمُؤْمِنِينَ
11:53 چيائون ته اي ھُود اسان وٽ ڪوئي دليل نه آندو اٿئي ۽ اسين تنھنجي چوڻ تي پنھنجن معبودن کي ڇڏڻ وارا نه آھيون ۽ نڪي توکي مڃيندڙ آھيون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:54 إِن نَّقُولُ إِلَّا ٱعْتَرَىٰكَ بَعْضُ ءَالِهَتِنَا بِسُوٓءٍ ۗ قَالَ إِنِّىٓ أُشْهِدُ ٱللَّهَ وَٱشْهَدُوٓا۟ أَنِّى بَرِىٓءٌ مِّمَّا تُشْرِكُونَ
11:54 اسين توکي رڳو (ھي ڳالھ) چئون ٿا ته اسان جي ڪِن بُتن توکي ڪي ايذايو آھي، (ھود) چيو بيشڪ آءٌ الله کي شاھد ڪريان ٿو ۽ اوھين به شاھد ھُجو تحقيق آءٌ انھن کان بيزار آھيان جن کي (الله سان) شريڪ بڻائيندا آھيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:55 مِن دُونِهِۦ ۖ فَكِيدُونِى جَمِيعًا ثُمَّ لَا تُنظِرُونِ
11:55 اُن (الله) ڌاران پوءِ مون سان سڀئي مدائي ڪريو وري مون کي مُھلت نه ڏيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:56 إِنِّى تَوَكَّلْتُ عَلَى ٱللَّهِ رَبِّى وَرَبِّكُم ۚ مَّا مِن دَآبَّةٍ إِلَّا هُوَ ءَاخِذٌۢ بِنَاصِيَتِهَآ ۚ إِنَّ رَبِّى عَلَىٰ صِرَٰطٍ مُّسْتَقِيمٍ
11:56 تحقيق مون پنھنجي پالڻھار ۽ اوھان جي پالڻھار الله تي ڀروسو ڪيو آھي، ڪو (جاندار) چرندڙ نه آھي جنھنجي پيشانيءَ (جي چڳه) اُن (الله) کانسواءِ ٻيو ڪو (ھٿ ۾) وٺندڙ ھجي بيشڪ منھنجو پالڻھار سڌيءَ واٽ تي آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:57 فَإِن تَوَلَّوْا۟ فَقَدْ أَبْلَغْتُكُم مَّآ أُرْسِلْتُ بِهِۦٓ إِلَيْكُمْ ۚ وَيَسْتَخْلِفُ رَبِّى قَوْمًا غَيْرَكُمْ وَلَا تَضُرُّونَهُۥ شَيْـًٔا ۚ إِنَّ رَبِّى عَلَىٰ كُلِّ شَىْءٍ حَفِيظٌ
11:57 پوءِ جيڪڏھن ڦرندؤ ته (مون کي ڇا ٿيندو) بيشڪ جنھن پيغام سان اوھان ڏانھن موڪليو ويو آھيان سو اوھان کي پھچايم، ۽ منھنجو پالڻھار اوھان کانسواءِ ٻيءَ قوم کي اوھان جي جاءِ تي وھاريندو، ۽ اوھين کيس ڪُجھ ذرو نقصان پھچائي نه سگھندؤ، بيشڪ منھنجو پالڻھار سڀني شين تي نگھبان آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:58 وَلَمَّا جَآءَ أَمْرُنَا نَجَّيْنَا هُودًا وَٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ مَعَهُۥ بِرَحْمَةٍ مِّنَّا وَنَجَّيْنَـٰهُم مِّنْ عَذَابٍ غَلِيظٍ
11:58 ۽ جنھن مھل اسان جو عذاب پھتو (تنھن مھل) ھود کي ۽ جن ساڻس ايمان آندو تن کي پنھنجي ٻاجھ سان بچايوسون، ۽ کين سخت عذاب کان ڇڏايوسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:59 وَتِلْكَ عَادٌ ۖ جَحَدُوا۟ بِـَٔايَـٰتِ رَبِّهِمْ وَعَصَوْا۟ رُسُلَهُۥ وَٱتَّبَعُوٓا۟ أَمْرَ كُلِّ جَبَّارٍ عَنِيدٍ
11:59 ۽ اھو حال عادين جو آھي جو پنھنجي پالڻھار جي نشانين جو انڪار ڪيائون ۽ پنھنجي پيغمبرن جي نافرماني ڪيائون ۽ سڀڪنھن ھٺيلي فساديءَ جي حُڪم جا تابعدار ٿيا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:60 وَأُتْبِعُوا۟ فِى هَـٰذِهِ ٱلدُّنْيَا لَعْنَةً وَيَوْمَ ٱلْقِيَـٰمَةِ ۗ أَلَآ إِنَّ عَادًا كَفَرُوا۟ رَبَّهُمْ ۗ أَلَا بُعْدًا لِّعَادٍ قَوْمِ هُودٍ
11:60 ۽ ھن دُنيا ۾ (به) ۽ قيامت جي ڏينھن (به) پويان لعنت لاتي وين، خبردار تحقيق عادين پنھنجي پالڻھار جو انڪار ڪيو، خبردار عادين کي لعنت ھجي جو ھود جي قوم ھوا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:61 ۞ وَإِلَىٰ ثَمُودَ أَخَاهُمْ صَـٰلِحًا ۚ قَالَ يَـٰقَوْمِ ٱعْبُدُوا۟ ٱللَّهَ مَا لَكُم مِّنْ إِلَـٰهٍ غَيْرُهُۥ ۖ هُوَ أَنشَأَكُم مِّنَ ٱلْأَرْضِ وَٱسْتَعْمَرَكُمْ فِيهَا فَٱسْتَغْفِرُوهُ ثُمَّ تُوبُوٓا۟ إِلَيْهِ ۚ إِنَّ رَبِّى قَرِيبٌ مُّجِيبٌ
11:61 ۽ ثمود جي قوم ڏانھن سندن ڀاءُ صالحؑ کي موڪليوسون، چيائين ته اي منھنجي قوم الله جي عبادت ڪريو ان کانسواءِ (ڪو ٻيو) معبود نه آھي، اُنھيءَ اوھان کي زمين مان پيدا ڪيو ۽ منجھس اوھان کي آباد ڪيائين تنھنڪري کانئس بخشش گھرو وري سندس اڳيان توبه ڪريو، بيشڪ منھنجو پالڻھار ويجھو (۽) قبول ڪندڙ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:62 قَالُوا۟ يَـٰصَـٰلِحُ قَدْ كُنتَ فِينَا مَرْجُوًّا قَبْلَ هَـٰذَآ ۖ أَتَنْهَىٰنَآ أَن نَّعْبُدَ مَا يَعْبُدُ ءَابَآؤُنَا وَإِنَّنَا لَفِى شَكٍّ مِّمَّا تَدْعُونَآ إِلَيْهِ مُرِيبٍ
11:62 چيائون ته اي صالح ھن کان اڳ بيشڪ اسين تو ۾ (ڪيئي) اُميدون رکندا ھواسون (جي ھاڻي بند ٿيون) اسان جي ابن ڏاڏن جن کي پوڄيو تن جي پوڄڻ کان اسان کي ڇو ٿو جھلين؟ ۽ جنھن ڏانھن اسان کي سڏين ٿو تنھن کان اسين بلڪل شڪ ۾ پيل آھيون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:63 قَالَ يَـٰقَوْمِ أَرَءَيْتُمْ إِن كُنتُ عَلَىٰ بَيِّنَةٍ مِّن رَّبِّى وَءَاتَىٰنِى مِنْهُ رَحْمَةً فَمَن يَنصُرُنِى مِنَ ٱللَّهِ إِنْ عَصَيْتُهُۥ ۖ فَمَا تَزِيدُونَنِى غَيْرَ تَخْسِيرٍ
11:63 (صالح) چيو ته اي منھنجي قوم (مون کي اوھين) ڏسو ته سھين ته جيڪڏھن آءٌ پنھنجي پالڻھار کان چٽيءَ حُجت تي ھجان ۽ پنھنجي طرف کان مون تي ٻاجھ ڪئي ھجيس ته جيڪڏھن (آءٌ اوھان جو چيو مڃي) سندس نافرماني ڪريان ته الله کان مون کي ڪير ڇڏائيندو؟ پوءِ اوھان مون لاءِ رڳو نقصان وڌايو؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:64 وَيَـٰقَوْمِ هَـٰذِهِۦ نَاقَةُ ٱللَّهِ لَكُمْ ءَايَةً فَذَرُوهَا تَأْكُلْ فِىٓ أَرْضِ ٱللَّهِ وَلَا تَمَسُّوهَا بِسُوٓءٍ فَيَأْخُذَكُمْ عَذَابٌ قَرِيبٌ
11:64 ۽ اي منھنجي قوم ھيءَ الله جي ڏاچي اوھان لاءِ نشاني (مُعجزو) آھي پوءِ ان کي ڇڏيو ته الله جي زمين ۾ (جتي وڻيس اُتي) چَري ۽ ان کي ڪو ايذاءُ نه پھچايو نه ته پوءِ اوھان کي ستت ئي عذاب اچي وٺندو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:65 فَعَقَرُوهَا فَقَالَ تَمَتَّعُوا۟ فِى دَارِكُمْ ثَلَـٰثَةَ أَيَّامٍ ۖ ذَٰلِكَ وَعْدٌ غَيْرُ مَكْذُوبٍ
11:65 پوءِ اُن جو کُچون ڪپي (ماري) وڌائون پوءِ (صالحؑ) چيو ته اوھين پنھنجن گھرن ۾ (ڇڙا) ٽي ڏينھن فائدو وٺو، اُھو فائدو ڪوڙو نه آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:66 فَلَمَّا جَآءَ أَمْرُنَا نَجَّيْنَا صَـٰلِحًا وَٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ مَعَهُۥ بِرَحْمَةٍ مِّنَّا وَمِنْ خِزْىِ يَوْمِئِذٍ ۗ إِنَّ رَبَّكَ هُوَ ٱلْقَوِىُّ ٱلْعَزِيزُ
11:66 پوءِ جنھن مھل اسان جو عذاب آيو (تنھن مھل) صالح ۽ جن ساڻس ايمان آندو ھو تن کي پنھنجي ٻاجھ سان بچايوسون ۽ قيامت جي ڏينھن جي خواري کان (به) تحقيق تنھنجو پالڻھار طاقت وارو ۽ غالب آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:67 وَأَخَذَ ٱلَّذِينَ ظَلَمُوا۟ ٱلصَّيْحَةُ فَأَصْبَحُوا۟ فِى دِيَـٰرِهِمْ جَـٰثِمِينَ
11:67 ۽ (انھن) ظالمن کي ھڪ خوفناڪ آواز ورتو پوءِ صبح جو پنھنجن حويلين ۾ ڪرونڊڙا ٿي مري ويا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:68 كَأَن لَّمْ يَغْنَوْا۟ فِيهَآ ۗ أَلَآ إِنَّ ثَمُودَا۟ كَفَرُوا۟ رَبَّهُمْ ۗ أَلَا بُعْدًا لِّثَمُودَ
11:68 ڄڻڪ منجھس رھيا ئي نه ھوا، خبردار ثمودي پنھنجي رب کان منڪر ٿيا، ٻڌو! ثمودين تي لعنت ھجي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:69 وَلَقَدْ جَآءَتْ رُسُلُنَآ إِبْرَٰهِيمَ بِٱلْبُشْرَىٰ قَالُوا۟ سَلَـٰمًا ۖ قَالَ سَلَـٰمٌ ۖ فَمَا لَبِثَ أَن جَآءَ بِعِجْلٍ حَنِيذٍ
11:69 ۽ بيشڪ اسانجا قاصد ابراھيمؑ وٽ خوشخبري (ڏيڻ) لاءِ آيا (پوءِ) سلام ڏنائون، (ابراھيمؑ) سلام ورايو پوءِ ڀُڳل گابي (جي گوشت آڻڻ) ۾ ڪا دير نه ڪيائين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:70 فَلَمَّا رَءَآ أَيْدِيَهُمْ لَا تَصِلُ إِلَيْهِ نَكِرَهُمْ وَأَوْجَسَ مِنْهُمْ خِيفَةً ۚ قَالُوا۟ لَا تَخَفْ إِنَّآ أُرْسِلْنَآ إِلَىٰ قَوْمِ لُوطٍ
11:70 پوءِ جنھن مھل سندن ھٿن کي اُن (گوشت) ڏانھن نه پھچندو ڏنائين (تنھن مھل) کين اوپرو ڀانيائين ۽ کائن دل ۾ ڊنون چيائون ته نه ڊڄ اسان کي لُوط جي قوم ڏانھن موڪليو ويو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:71 وَٱمْرَأَتُهُۥ قَآئِمَةٌ فَضَحِكَتْ فَبَشَّرْنَـٰهَا بِإِسْحَـٰقَ وَمِن وَرَآءِ إِسْحَـٰقَ يَعْقُوبَ
11:71 ۽ سنديس زال جا بيٺل ھُئي سا کِلي پوءِ ان کي اسحاق جي (ڄمڻ جي) ۽ اسحاق جي پٺيان يعقوب جي مُبارڪ ڏنيسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:72 قَالَتْ يَـٰوَيْلَتَىٰٓ ءَأَلِدُ وَأَنَا۠ عَجُوزٌ وَهَـٰذَا بَعْلِى شَيْخًا ۖ إِنَّ هَـٰذَا لَشَىْءٌ عَجِيبٌ
11:72 چيائين ته مون لاءِ افسوس آھي آءٌ ھن حالت ۾ ڄڻينديس ڇا جو آءٌ پاڻ ڪراڙي جھور آھيان ۽ ھيءُ منھنجو مڙس ٻڍو آھي، ھي ته ھڪ عجيب ڳالھ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:73 قَالُوٓا۟ أَتَعْجَبِينَ مِنْ أَمْرِ ٱللَّهِ ۖ رَحْمَتُ ٱللَّهِ وَبَرَكَـٰتُهُۥ عَلَيْكُمْ أَهْلَ ٱلْبَيْتِ ۚ إِنَّهُۥ حَمِيدٌ مَّجِيدٌ
11:73 چيائون ته الله جي حُڪم تي عجب ڇو ٿي ڪرين اي ھن گھر وارؤ اوھان تي الله جي ٻاجھ ۽ سندس برڪتون آھن، بيشڪ اھو (الله) ساراھيل وڏائيءَ وارو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:74 فَلَمَّا ذَهَبَ عَنْ إِبْرَٰهِيمَ ٱلرَّوْعُ وَجَآءَتْهُ ٱلْبُشْرَىٰ يُجَـٰدِلُنَا فِى قَوْمِ لُوطٍ
11:74 پوءِ جنھن مھل ابراھيمؑ کان ڀؤ لٿو ۽ خوشخبري پُھتس (ته اُن وقت) لُوط جي قوم بابت اسان سان تڪرار ڪرڻ لڳو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:75 إِنَّ إِبْرَٰهِيمَ لَحَلِيمٌ أَوَّٰهٌ مُّنِيبٌ
11:75 ڇوته اِبراھيم بُردبار نرم دل (الله ڏانھن) موٽندڙ ھو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:76 يَـٰٓإِبْرَٰهِيمُ أَعْرِضْ عَنْ هَـٰذَآ ۖ إِنَّهُۥ قَدْ جَآءَ أَمْرُ رَبِّكَ ۖ وَإِنَّهُمْ ءَاتِيهِمْ عَذَابٌ غَيْرُ مَرْدُودٍ
11:76 (چيوسون ته) اي ابراھيمؑ اِن خيال کان مُڙي وڃ، تحقيق تنھنجي پالڻھار جو حُڪم اچي چڪو آھي، ۽ کين اَڻ ٽر عذاب اچڻ وارو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:77 وَلَمَّا جَآءَتْ رُسُلُنَا لُوطًا سِىٓءَ بِهِمْ وَضَاقَ بِهِمْ ذَرْعًا وَقَالَ هَـٰذَا يَوْمٌ عَصِيبٌ
11:77 ۽ جڏھن اسان جا قاصد لُوط وٽ آيا (تڏھن) سندن (اچڻ) سببان خفي ٿيو ۽ انھن جي سببان تنگدل ٿيو ۽ چيائين ته ھي ڏينھن سخت آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:78 وَجَآءَهُۥ قَوْمُهُۥ يُهْرَعُونَ إِلَيْهِ وَمِن قَبْلُ كَانُوا۟ يَعْمَلُونَ ٱلسَّيِّـَٔاتِ ۚ قَالَ يَـٰقَوْمِ هَـٰٓؤُلَآءِ بَنَاتِى هُنَّ أَطْهَرُ لَكُمْ ۖ فَٱتَّقُوا۟ ٱللَّهَ وَلَا تُخْزُونِ فِى ضَيْفِىٓ ۖ أَلَيْسَ مِنكُمْ رَجُلٌ رَّشِيدٌ
11:78 ۽ سندس قوم ڏانھس ڊوڙندي آئي، ۽ (اُھي) اڳي بُڇڙا ڪم ڪندا ھئا، چيائين ته اي منھنجي قوم ھيءُ منھنجون ڌيئرون اوھان جي (نڪاح) لاءِ ڏاڍيون سٺيون آھن پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجي مھمانن (سان بڇڙي ھلت ڪري) ۽ مونکي لڄي نه ڪريو، اوھان ۾ ڪو ڀلارو مڙس ڪونھي ڇا (جو اوھان کي جھلي)؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:79 قَالُوا۟ لَقَدْ عَلِمْتَ مَا لَنَا فِى بَنَاتِكَ مِنْ حَقٍّ وَإِنَّكَ لَتَعْلَمُ مَا نُرِيدُ
11:79 چيائون ته تون پڪي طرح ڄاڻي چڪو آھين ته اسان کي تنھنجي ڌيئرن ۾ ڪا احتياجي ڪانه آھي، ۽ توکي ته معلوم آھي جو اسين گھرون ٿا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:80 قَالَ لَوْ أَنَّ لِى بِكُمْ قُوَّةً أَوْ ءَاوِىٓ إِلَىٰ رُكْنٍ شَدِيدٍ
11:80 (لُوط) چيو ته جيڪڏھن مون کي اوھان سان مقابلي جي سگھ ھجي ھا يا ڪنھن ڏاڍي اوٽ جي پناھ وٺان ھا (ته جيڪي ڪرڻو ھو سو ڪريان ھا). - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:81 قَالُوا۟ يَـٰلُوطُ إِنَّا رُسُلُ رَبِّكَ لَن يَصِلُوٓا۟ إِلَيْكَ ۖ فَأَسْرِ بِأَهْلِكَ بِقِطْعٍ مِّنَ ٱلَّيْلِ وَلَا يَلْتَفِتْ مِنكُمْ أَحَدٌ إِلَّا ٱمْرَأَتَكَ ۖ إِنَّهُۥ مُصِيبُهَا مَآ أَصَابَهُمْ ۚ إِنَّ مَوْعِدَهُمُ ٱلصُّبْحُ ۚ أَلَيْسَ ٱلصُّبْحُ بِقَرِيبٍ
11:81 (ملائڪن) چيو ته اي لُوط اسين تنھنجي پالڻھار جا موڪليل آھيون (اُھي) تو وٽ ڪڏھن نه پھچي سگھندا پوءِ (تون) پنھنجي گھر وارن سوڌو ڪجھ رات ڏئي نِڪر ۽ اوھان کي جڳائي ته ڪو ھڪڙو پوءِ تي ڪافرن جي عذاب ڏانھن نه واجھائي پر تنھنجي زال (واجھائيندي)، ھن ڪري ته جو (عذاب) اُن (ڪافرن جي) قوم کي پھچندو سو اُن کي (به) پھچڻو آھي، سندن (عذاب پھچڻ جي) انجام جي مھل صبح آھي، صُبح ويجھو نه آھي ڇا؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:82 فَلَمَّا جَآءَ أَمْرُنَا جَعَلْنَا عَـٰلِيَهَا سَافِلَهَا وَأَمْطَرْنَا عَلَيْهَا حِجَارَةً مِّن سِجِّيلٍ مَّنضُودٍ
11:82 پوءِ جنھن مھل اسان جو حُڪم پھتو ته اُن (ڳوٺ) کي ھيٺ مٿي ڪيوسون ۽ اُن تي پڪي مٽيءَ جا ڳوڙھا لڳولڳ وسايا سون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:83 مُّسَوَّمَةً عِندَ رَبِّكَ ۖ وَمَا هِىَ مِنَ ٱلظَّـٰلِمِينَ بِبَعِيدٍ
11:83 جو تنھنجي پالڻھار وٽان نشان ٿيل ھوا، ۽ اُھا (سزا) ظالمن کان پري نه ھئي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:84 ۞ وَإِلَىٰ مَدْيَنَ أَخَاهُمْ شُعَيْبًا ۚ قَالَ يَـٰقَوْمِ ٱعْبُدُوا۟ ٱللَّهَ مَا لَكُم مِّنْ إِلَـٰهٍ غَيْرُهُۥ ۖ وَلَا تَنقُصُوا۟ ٱلْمِكْيَالَ وَٱلْمِيزَانَ ۚ إِنِّىٓ أَرَىٰكُم بِخَيْرٍ وَإِنِّىٓ أَخَافُ عَلَيْكُمْ عَذَابَ يَوْمٍ مُّحِيطٍ
11:84 ۽ مدين (جي قوم) ڏانھن سندن ڀاءُ شعيبؑ کي موڪليوسون، (شعيب) چيو ته اي منھنجي قوم الله جي عبادت ڪريو اُن کانسواءِ اوھان جو ڪو معبُود ڪونھي، ۽ ماڻ ۽ تور گھٽائي نه ڏيو آءٌ اوھان کي آسودو ڏسان ٿو آءٌ اوھان تي وڪوڙيندڙ ڏينھن جي عذاب (پھچڻ) کان ڊڄان ٿو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:85 وَيَـٰقَوْمِ أَوْفُوا۟ ٱلْمِكْيَالَ وَٱلْمِيزَانَ بِٱلْقِسْطِ ۖ وَلَا تَبْخَسُوا۟ ٱلنَّاسَ أَشْيَآءَهُمْ وَلَا تَعْثَوْا۟ فِى ٱلْأَرْضِ مُفْسِدِينَ
11:85 ۽ اي منھنجي قوم ماڻ ۽ تور انصاف سان پوري ڏيو وٺو ۽ ماڻھن کي سندين شيون گھٽائي نه ڏيو ۽ نڪي مُلڪ ۾ فسادي ٿي بگيڙو وجھو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:86 بَقِيَّتُ ٱللَّهِ خَيْرٌ لَّكُمْ إِن كُنتُم مُّؤْمِنِينَ ۚ وَمَآ أَنَا۠ عَلَيْكُم بِحَفِيظٍ
11:86 جيڪڏھن اوھين مؤمن آھيو ته الله جي بچايل بچت اوھان لاءِ ڀلي آھي، ۽ آءٌ اوھان تي نگھبان نه آھيان. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:87 قَالُوا۟ يَـٰشُعَيْبُ أَصَلَوٰتُكَ تَأْمُرُكَ أَن نَّتْرُكَ مَا يَعْبُدُ ءَابَآؤُنَآ أَوْ أَن نَّفْعَلَ فِىٓ أَمْوَٰلِنَا مَا نَشَـٰٓؤُا۟ ۖ إِنَّكَ لَأَنتَ ٱلْحَلِيمُ ٱلرَّشِيدُ
11:87 چيائون ته اي شعيب تنھنجي نماز توکي حڪم ڪيو آھي ڇا ته جنھن کي اسان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا ھوا تنھن کي يا پنھنجن مالن ۾ جيڪي ڪرڻ گھرندا آھيون سو ڇڏي ڏيون، (چٿر ڪري چيائون) ته بيشڪ بردبار سنئين رستي وارو آھين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:88 قَالَ يَـٰقَوْمِ أَرَءَيْتُمْ إِن كُنتُ عَلَىٰ بَيِّنَةٍ مِّن رَّبِّى وَرَزَقَنِى مِنْهُ رِزْقًا حَسَنًا ۚ وَمَآ أُرِيدُ أَنْ أُخَالِفَكُمْ إِلَىٰ مَآ أَنْهَىٰكُمْ عَنْهُ ۚ إِنْ أُرِيدُ إِلَّا ٱلْإِصْلَـٰحَ مَا ٱسْتَطَعْتُ ۚ وَمَا تَوْفِيقِىٓ إِلَّا بِٱللَّهِ ۚ عَلَيْهِ تَوَكَّلْتُ وَإِلَيْهِ أُنِيبُ
11:88 (شعيبؑ) چيو ته اي منھنجي قوم (اوھين ڏسو ته سھي ته آءٌ) جيڪڏھن پنھنجي پالڻھار کان چِٽي حُجّت تي ھجان ۽ پنھنجي پار کان چڱي روزي مون کي ڏني ھجيس (ته اوھان جو چيو ڪئن مڃيندس) ۽ جنھن کان اوھان کي جھليان ٿو تنھن کان اوھان (کي جھلڻ) جي ابتڙ ھلڻ نٿو گھران، جيڪي ٿي سگھيم سو سڌارڻ کانسواءِ نه گھرندس، ۽ الله (جي فضل) کانسواءِ مون کي ڪا سگھ نه آھي، مٿس ڀروسو ڪيم ۽ ڏانھس موٽان ٿو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:89 وَيَـٰقَوْمِ لَا يَجْرِمَنَّكُمْ شِقَاقِىٓ أَن يُصِيبَكُم مِّثْلُ مَآ أَصَابَ قَوْمَ نُوحٍ أَوْ قَوْمَ هُودٍ أَوْ قَوْمَ صَـٰلِحٍ ۚ وَمَا قَوْمُ لُوطٍ مِّنكُم بِبَعِيدٍ
11:89 ۽ اي منھنجي قوم اوھان کي مون سان دشمني ڪرڻ اھڙي عذاب جو سبب نه بڻجي جھڙو عذاب نوح جي قوم يا ھود جي قوم يا صالح جي قوم کي پُھتو، ۽ لُوط جي قوم اوھان کان ڪا پري نه آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:90 وَٱسْتَغْفِرُوا۟ رَبَّكُمْ ثُمَّ تُوبُوٓا۟ إِلَيْهِ ۚ إِنَّ رَبِّى رَحِيمٌ وَدُودٌ
11:90 ۽ پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرو وري اڳيانس توبه ڪريو، تحقيق منھنجو پالڻھار مھربان (سڀڪنھن جو) سڄڻ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:91 قَالُوا۟ يَـٰشُعَيْبُ مَا نَفْقَهُ كَثِيرًا مِّمَّا تَقُولُ وَإِنَّا لَنَرَىٰكَ فِينَا ضَعِيفًا ۖ وَلَوْلَا رَهْطُكَ لَرَجَمْنَـٰكَ ۖ وَمَآ أَنتَ عَلَيْنَا بِعَزِيزٍ
11:91 چيائون ته اي شعيب جيڪي تون چوين ٿو تنھن مان گھڻو نٿا سمجھون ۽ توکي پاڻ مان بلڪل ھيڻون ڏسون ٿا، ۽ جيڪڏھن تنھنجو ڪڙم نه ھجي ھا ته توکي پٿرن سان ماريون ھا، ۽ تون اسان تي ڪو سردار نه آھين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:92 قَالَ يَـٰقَوْمِ أَرَهْطِىٓ أَعَزُّ عَلَيْكُم مِّنَ ٱللَّهِ وَٱتَّخَذْتُمُوهُ وَرَآءَكُمْ ظِهْرِيًّا ۖ إِنَّ رَبِّى بِمَا تَعْمَلُونَ مُحِيطٌ
11:92 (شعيب) چيو ته اي منھنجي قوم اوھان وٽ منھنجو ڪڙم الله کان وڌيڪ پيارو آھي ڇا؟ ۽ اُن (الله جي حُڪم) کي پنھنجي پٺيءَ پويان اُڇلي ڇڏيو اٿوَ، تحقيق جيڪي ڪندا آھيو سو منھنجي پالڻھار جي قابو ۾ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:93 وَيَـٰقَوْمِ ٱعْمَلُوا۟ عَلَىٰ مَكَانَتِكُمْ إِنِّى عَـٰمِلٌ ۖ سَوْفَ تَعْلَمُونَ مَن يَأْتِيهِ عَذَابٌ يُخْزِيهِ وَمَنْ هُوَ كَـٰذِبٌ ۖ وَٱرْتَقِبُوٓا۟ إِنِّى مَعَكُمْ رَقِيبٌ
11:93 ۽ اي منھنجي قوم اوھين پنھنجي پر تي عمل ڪريو آءٌ (به) عمل ڪندڙ آھيان، سگھوئي ڄاڻندؤ ته ڪنھن کي عذاب پھچي ٿو جو کيس خوار ڪندو ۽ جيڪو ڪوڙو آھي تنھن کي به، ۽ انتظار ڪريو آءٌ (به) اوھان سان گڏ انتظار ڪندڙ آھيان. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:94 وَلَمَّا جَآءَ أَمْرُنَا نَجَّيْنَا شُعَيْبًا وَٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ مَعَهُۥ بِرَحْمَةٍ مِّنَّا وَأَخَذَتِ ٱلَّذِينَ ظَلَمُوا۟ ٱلصَّيْحَةُ فَأَصْبَحُوا۟ فِى دِيَـٰرِهِمْ جَـٰثِمِينَ
11:94 ۽ جنھن مھل اسان جو عذاب آيو تنھن مھل شعيبؑ کي ۽ جن ساڻس ايمان آندو ھو تن کي پنھنجي ٻاجھ سان بچايوسون، ۽ ظالمن کي سخت ڪڙڪي (اچي) پڪڙيو پوءِ پنھنجن گھرن ۾ گوڏن ڀر مري ويا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:95 كَأَن لَّمْ يَغْنَوْا۟ فِيهَآ ۗ أَلَا بُعْدًا لِّمَدْيَنَ كَمَا بَعِدَتْ ثَمُودُ
11:95 ڄڻڪ منجھن رھيا ئي نه ھوا، خبردار مدين وارن تي ڦِٽ ھجي جھڙي ثمود قوم تي لعنت ٿي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:96 وَلَقَدْ أَرْسَلْنَا مُوسَىٰ بِـَٔايَـٰتِنَا وَسُلْطَـٰنٍ مُّبِينٍ
11:96 ۽ بيشڪ موسىٰ کي پنھنجين نشانين ۽ پڌري حُجّت سان موڪليوسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:97 إِلَىٰ فِرْعَوْنَ وَمَلَإِي۟هِۦ فَٱتَّبَعُوٓا۟ أَمْرَ فِرْعَوْنَ ۖ وَمَآ أَمْرُ فِرْعَوْنَ بِرَشِيدٍ
11:97 فرعون ۽ سندس سردارن ڏانھن پوءِ (سڀ ماڻھو) فرعون جي حُڪم جي پويان لڳا، ۽ فرعون جو حُڪم سڌو نه ھو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:98 يَقْدُمُ قَوْمَهُۥ يَوْمَ ٱلْقِيَـٰمَةِ فَأَوْرَدَهُمُ ٱلنَّارَ ۖ وَبِئْسَ ٱلْوِرْدُ ٱلْمَوْرُودُ
11:98 قيامت جي ڏينھن (فرعون) پنھنجي قوم جو اڳواڻ ٿيندو پوءِ کين باھ ۾ گھيڙيندو، ۽ جنھن گھٽ ۾ گھيڙيا ويندا سو بڇڙو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:99 وَأُتْبِعُوا۟ فِى هَـٰذِهِۦ لَعْنَةً وَيَوْمَ ٱلْقِيَـٰمَةِ ۚ بِئْسَ ٱلرِّفْدُ ٱلْمَرْفُودُ
11:99 ۽ ھن (دنيا) ۾ (به) لعنت انھن کي پويان لڳائي ويئي ۽ قيامت جي ڏينھن (به) جيڪو (لعنت جو) انعام ملين سو بڇڙو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:100 ذَٰلِكَ مِنْ أَنۢبَآءِ ٱلْقُرَىٰ نَقُصُّهُۥ عَلَيْكَ ۖ مِنْهَا قَآئِمٌ وَحَصِيدٌ
11:100 (اي پيغمبر) اھي ڳوٺن جون خبرون آھن جي توتي بيان ڪريون ٿا انھن مان (ڪي) قائم (آھن) ۽ (ڪي) ناس ٿيل. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:101 وَمَا ظَلَمْنَـٰهُمْ وَلَـٰكِن ظَلَمُوٓا۟ أَنفُسَهُمْ ۖ فَمَآ أَغْنَتْ عَنْهُمْ ءَالِهَتُهُمُ ٱلَّتِى يَدْعُونَ مِن دُونِ ٱللَّهِ مِن شَىْءٍ لَّمَّا جَآءَ أَمْرُ رَبِّكَ ۖ وَمَا زَادُوهُمْ غَيْرَ تَتْبِيبٍ
11:101 ۽ اسان انھن تي ظلم نه ڪيو پر ھنن پاڻ تي (پاڻھين) ظلم ڪيو پوءِ جنھن مھل تنھنجي پالڻھار جو حُڪم پھتو (ته) سندن معبودن جن کي الله کان سواءِ سڏيندا ھوا کائن ڪُجھ به نه ٽاريو، ۽ ھلاڪي کانسواءِ (ٻيو ڪي) کين نه وڌايائون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:102 وَكَذَٰلِكَ أَخْذُ رَبِّكَ إِذَآ أَخَذَ ٱلْقُرَىٰ وَهِىَ ظَـٰلِمَةٌ ۚ إِنَّ أَخْذَهُۥٓ أَلِيمٌ شَدِيدٌ
11:102 ۽ ائين تنھنجي پالڻھار جو اُن مھل ڳوٺن (وارن) کي اُن حالت ۾ پڪڙڻ ٿيندو آھي جڏھن اُھي ظُلم ڪندڙ ٿيندا آھن، بيشڪ سندس پڪڙ سخت ڏکوئيندڙ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:103 إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَـَٔايَةً لِّمَنْ خَافَ عَذَابَ ٱلْـَٔاخِرَةِ ۚ ذَٰلِكَ يَوْمٌ مَّجْمُوعٌ لَّهُ ٱلنَّاسُ وَذَٰلِكَ يَوْمٌ مَّشْهُودٌ
11:103 بيشڪ ان (ڳالھ) ۾ انھيءَ لاءِ نشاني آھي جو آخرت جي عذاب کان ڊنو، اِھو اُھو ڏينھن آھي جنھن ۾ ماڻھن کي ميڙبو ۽ اِھو اُھو ڏينھن آھي جنھن ۾ (سڀ) حاضر ٿيندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:104 وَمَا نُؤَخِّرُهُۥٓ إِلَّا لِأَجَلٍ مَّعْدُودٍ
11:104 ۽ مُقرّر مُدت کانسواءِ ان کي نه ٿا ڍر ڏيون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:105 يَوْمَ يَأْتِ لَا تَكَلَّمُ نَفْسٌ إِلَّا بِإِذْنِهِۦ ۚ فَمِنْهُمْ شَقِىٌّ وَسَعِيدٌ
11:105 جنھن ڏينھن (اُھو) ايندو ته ڪو ماڻھو اُن (الله) جي موڪل کانسواءِ نه ڳالھائيندو، پوءِ اُنھن مان ڪي بدبخت ھوندا ۽ ڪي نيڪ بخت ھوندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:106 فَأَمَّا ٱلَّذِينَ شَقُوا۟ فَفِى ٱلنَّارِ لَهُمْ فِيهَا زَفِيرٌ وَشَهِيقٌ
11:106 پوءِ جيڪي بدبخت ٿيا سي باہ ۾ (گھڙندا) انھن کي منجھس چيڪَ ۽ دانھَن ھوندي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:107 خَـٰلِدِينَ فِيهَا مَا دَامَتِ ٱلسَّمَـٰوَٰتُ وَٱلْأَرْضُ إِلَّا مَا شَآءَ رَبُّكَ ۚ إِنَّ رَبَّكَ فَعَّالٌ لِّمَا يُرِيدُ
11:107 مگر جيترو وقت تنھنجي پالڻھار گھريو ان کانسواءِ آسمانن ۽ زمين جي بقا ھجڻ تائين منجھس سدائين رھندا، بيشڪ تنھنجو پالڻھار جيڪي گھرندو آھي سو ڪندو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:108 ۞ وَأَمَّا ٱلَّذِينَ سُعِدُوا۟ فَفِى ٱلْجَنَّةِ خَـٰلِدِينَ فِيهَا مَا دَامَتِ ٱلسَّمَـٰوَٰتُ وَٱلْأَرْضُ إِلَّا مَا شَآءَ رَبُّكَ ۖ عَطَآءً غَيْرَ مَجْذُوذٍ
11:108 ۽ جيڪي نيڪ بخت ڪيا ويا سي بھشت ۾ (گھڙندا) مگر جيترو وقت تنھنجي پالڻھار گھريو (ان کانسواءِ) آسمانن ۽ زمين جي بقا ھجڻ تائين منجھس سدائين رھندا، (اِھا) بخشش اَڻ کٽ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:109 فَلَا تَكُ فِى مِرْيَةٍ مِّمَّا يَعْبُدُ هَـٰٓؤُلَآءِ ۚ مَا يَعْبُدُونَ إِلَّا كَمَا يَعْبُدُ ءَابَآؤُهُم مِّن قَبْلُ ۚ وَإِنَّا لَمُوَفُّوهُمْ نَصِيبَهُمْ غَيْرَ مَنقُوصٍ
11:109 تنھنڪري اِھي جيڪا پوڄا ڪندا آھن تنھن کان تون شڪ ۾ نه رھ، جھڙو سندن پيءُ ڏاڏا اڳ پوڄيندا ھوا اِن کانسواءِ اِھي نه پوڄيندا آھن، ۽ اسين کين اَڻ کٽ (عذاب) جو سندن پورو حصّو ڏيندڙ آھيون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:110 وَلَقَدْ ءَاتَيْنَا مُوسَى ٱلْكِتَـٰبَ فَٱخْتُلِفَ فِيهِ ۚ وَلَوْلَا كَلِمَةٌ سَبَقَتْ مِن رَّبِّكَ لَقُضِىَ بَيْنَهُمْ ۚ وَإِنَّهُمْ لَفِى شَكٍّ مِّنْهُ مُرِيبٍ
11:110 ۽ بيشڪ موسىؑ کي ڪتاب ڏنوسون پوءِ منجھس اختلاف پيو، ۽ جيڪڏھن تنھنجي پالڻھار جو حڪم اڳي نه ٿي چڪي ھا ته سندن وچ ۾ فيصلو ڪيو وڃي ھا، ۽ اُھي کانئس وڏي شڪ ۾ پيل آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:111 وَإِنَّ كُلًّا لَّمَّا لَيُوَفِّيَنَّهُمْ رَبُّكَ أَعْمَـٰلَهُمْ ۚ إِنَّهُۥ بِمَا يَعْمَلُونَ خَبِيرٌ
11:111 ۽ جنھن مھل (اُٿاريا ويندا ته) سڀڪنھن کي تنھنجو پالڻھار سندن اعمالن جو پورو بدلو ڏيندو، ڇوته جيڪي ڪندا آھن تنھنجي اُھو خبر رکندڙ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:112 فَٱسْتَقِمْ كَمَآ أُمِرْتَ وَمَن تَابَ مَعَكَ وَلَا تَطْغَوْا۟ ۚ إِنَّهُۥ بِمَا تَعْمَلُونَ بَصِيرٌ
11:112 پوءِ جئن توکي حُڪم ڪيو ويو آھي تئن تون مُحڪم رھ ۽ جن توسان توبه ڪئي (سي به محڪم رھن) ۽ حد کان نه لنگھو، بيشڪ جيڪي ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:113 وَلَا تَرْكَنُوٓا۟ إِلَى ٱلَّذِينَ ظَلَمُوا۟ فَتَمَسَّكُمُ ٱلنَّارُ وَمَا لَكُم مِّن دُونِ ٱللَّهِ مِنْ أَوْلِيَآءَ ثُمَّ لَا تُنصَرُونَ
11:113 ۽ ظالمن ڏانھن لاڙو نه ڪريو نه ته اوھان کي باھ لڳندي ۽ الله کان سواءِ ڪو اوھان جو دوست نه آھي وري مدد نه ڏبوَ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:114 وَأَقِمِ ٱلصَّلَوٰةَ طَرَفَىِ ٱلنَّهَارِ وَزُلَفًا مِّنَ ٱلَّيْلِ ۚ إِنَّ ٱلْحَسَنَـٰتِ يُذْهِبْنَ ٱلسَّيِّـَٔاتِ ۚ ذَٰلِكَ ذِكْرَىٰ لِلذَّٰكِرِينَ
11:114 ۽ ڏينھن جي اڳياڙيءَ ۽ پوياڙي جي وقتن ۾ ۽ ڪو وقت رات ۾ (به) نماز پڙھ، تحقيق چڱايون مداين کي نينديون آھن، نصيحت وٺندڙن لاءِ اِھا نصيحت آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:115 وَٱصْبِرْ فَإِنَّ ٱللَّهَ لَا يُضِيعُ أَجْرَ ٱلْمُحْسِنِينَ
11:115 ۽ صبر ڪر بيشڪ الله ڀلارن جو اجر نه وڃائيندو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:116 فَلَوْلَا كَانَ مِنَ ٱلْقُرُونِ مِن قَبْلِكُمْ أُو۟لُوا۟ بَقِيَّةٍ يَنْهَوْنَ عَنِ ٱلْفَسَادِ فِى ٱلْأَرْضِ إِلَّا قَلِيلًا مِّمَّنْ أَنجَيْنَا مِنْهُمْ ۗ وَٱتَّبَعَ ٱلَّذِينَ ظَلَمُوا۟ مَآ أُتْرِفُوا۟ فِيهِ وَكَانُوا۟ مُجْرِمِينَ
11:116 پوءِ اوھان کان اڳ اڳين صدين وارن مان (گھڻا) سمجھ ڀريا ڇونه ٿيا جو (ماڻھن کي) ملڪ ۾ فساد (وجھڻ) کان جھلين ھا پر ڪي ٿورڙا ٿيا جن کي منجھائن بچايوسون، ۽ جيڪي ظالم ھوا سي جنھن (مال) ۾ آسودا ڪيا ويا تنھنجي پٺيان لڳا ۽ اُھي ڏوھاري ھوا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:117 وَمَا كَانَ رَبُّكَ لِيُهْلِكَ ٱلْقُرَىٰ بِظُلْمٍ وَأَهْلُهَا مُصْلِحُونَ
11:117 ۽ (اي پيغمبر) تنھنجو پالڻھار اھڙو نه آھي جو ڳوٺن کي سندن سڌريل رھاڪُن ھوندي ظلم سان ناس ڪري ڇڏي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:118 وَلَوْ شَآءَ رَبُّكَ لَجَعَلَ ٱلنَّاسَ أُمَّةً وَٰحِدَةً ۖ وَلَا يَزَالُونَ مُخْتَلِفِينَ
11:118 ۽ جيڪڏھن تنھنجو پالڻھار گھري ھا ته (سڀني) ماڻھن کي ھڪ ئي مذھب (تي) ڪري ھا ۽ (اُھي) سدائين مختلف (مذھب تي) رھندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:119 إِلَّا مَن رَّحِمَ رَبُّكَ ۚ وَلِذَٰلِكَ خَلَقَهُمْ ۗ وَتَمَّتْ كَلِمَةُ رَبِّكَ لَأَمْلَأَنَّ جَهَنَّمَ مِنَ ٱلْجِنَّةِ وَٱلنَّاسِ أَجْمَعِينَ
11:119 پر جن تي تنھنجي پالڻھار رحم ڪيو (سي ھڪ ئي مذھب تي رھندا)، ۽ کين انھيءَ لاءِ (الله) پيدا ڪيو آھي، ۽ تنھنجي پالڻھار جو ٻولُ پورو ٿيو جو جنن ۽ ماڻھن مان گڏي دوزخ ضرور ڀريندس. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:120 وَكُلًّا نَّقُصُّ عَلَيْكَ مِنْ أَنۢبَآءِ ٱلرُّسُلِ مَا نُثَبِّتُ بِهِۦ فُؤَادَكَ ۚ وَجَآءَكَ فِى هَـٰذِهِ ٱلْحَقُّ وَمَوْعِظَةٌ وَذِكْرَىٰ لِلْمُؤْمِنِينَ
11:120 ۽ (اي پيغمبر) پيغمبرن جي خبرن مان تو وٽ ايترو بيان ڪريون ٿا جنھن سان تنھنجي دل کي مضبوط ڪريون، ۽ اُنھن (خبرن) ۾ حق ۽ مؤمنن لاءِ نصيحت ۽ سمجھاڻي آئي آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:121 وَقُل لِّلَّذِينَ لَا يُؤْمِنُونَ ٱعْمَلُوا۟ عَلَىٰ مَكَانَتِكُمْ إِنَّا عَـٰمِلُونَ
11:121 ۽ (اي پيغمبر) جيڪي نه مڃيندا آھن تن کي چؤ ته اوھين پنھنجي جاءِ عمل ڪريو، اسين (به) عمل ڪندڙ آھيون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:122 وَٱنتَظِرُوٓا۟ إِنَّا مُنتَظِرُونَ
11:122 ۽ انتظار ڪريو، اسين (به) انتطار ڪندڙ آھيون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)

11:123 وَلِلَّهِ غَيْبُ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ وَإِلَيْهِ يُرْجَعُ ٱلْأَمْرُ كُلُّهُۥ فَٱعْبُدْهُ وَتَوَكَّلْ عَلَيْهِ ۚ وَمَا رَبُّكَ بِغَـٰفِلٍ عَمَّا تَعْمَلُونَ
11:123 ۽ آسمانن ۽ زمين جو ڳُجھ رڳو الله کي (معلوم) آھي ۽ سڀ ڪم ڏانھس موٽايو ويندو آھي پوءِ سندس عبادت ڪر ۽ مٿس ڀروسو رک، ۽ جيڪي اوھين ڪندا آھيو تنھن کان تنھنجو پالڻھار بي خبر نه آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)