Selected
Original Text
Taj Mehmood Amroti
Abdullah Yusuf Ali
Abdul Majid Daryabadi
Abul Ala Maududi
Ahmed Ali
Ahmed Raza Khan
A. J. Arberry
Ali Quli Qarai
Hasan al-Fatih Qaribullah and Ahmad Darwish
Mohammad Habib Shakir
Mohammed Marmaduke William Pickthall
Muhammad Sarwar
Muhammad Taqi-ud-Din al-Hilali and Muhammad Muhsin Khan
Safi-ur-Rahman al-Mubarakpuri
Saheeh International
Talal Itani
Transliteration
Wahiduddin Khan
بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ
In the name of Allah, Most Gracious, Most Merciful.
25:1
تَبَارَكَ ٱلَّذِى نَزَّلَ ٱلْفُرْقَانَ عَلَىٰ عَبْدِهِۦ لِيَكُونَ لِلْعَـٰلَمِينَ نَذِيرًا
25:1
اھو (الله) وڏو برڪت وارو آھي جنھن پنھنجي ٻانھي تي (حق ۽ باطل جو) فرق ڪندڙ (قرآن) ھن لاءِ نازل ڪيو ته جھان وارن لاءِ ڊيڄاريندڙ ھجي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:2
ٱلَّذِى لَهُۥ مُلْكُ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ وَلَمْ يَتَّخِذْ وَلَدًا وَلَمْ يَكُن لَّهُۥ شَرِيكٌ فِى ٱلْمُلْكِ وَخَلَقَ كُلَّ شَىْءٍ فَقَدَّرَهُۥ تَقْدِيرًا
25:2
(اُھو آھي) جنھن کي آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي آھي ۽ (پاڻ لاءِ) نڪو اولاد ورتائين ۽ نڪي بادشاھيءَ ۾ ساڻس ڪو شريڪ آھي ۽ سڀڪنھن شيء کي بڻايائين پوءِ ان جو اندازو پوري طرح ٺھرايائين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:3
وَٱتَّخَذُوا۟ مِن دُونِهِۦٓ ءَالِهَةً لَّا يَخْلُقُونَ شَيْـًٔا وَهُمْ يُخْلَقُونَ وَلَا يَمْلِكُونَ لِأَنفُسِهِمْ ضَرًّا وَلَا نَفْعًا وَلَا يَمْلِكُونَ مَوْتًا وَلَا حَيَوٰةً وَلَا نُشُورًا
25:3
۽ (ڪافرن) الله کانسواءِ اُھي معبود ورتا آھن جو ڪجھ بڻائي نه سگھندا آھن ۽ اُھي پاڻ پيدا ڪيل آھن ۽ پاڻ لاءِ نڪي ڏک ۽ نڪي سُک جو اختيار اٿن ۽ نڪي موت ۽ نڪي حياتي ۽ نه وري جيئري ٿيڻ جو اختيار اٿن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:4
وَقَالَ ٱلَّذِينَ كَفَرُوٓا۟ إِنْ هَـٰذَآ إِلَّآ إِفْكٌ ٱفْتَرَىٰهُ وَأَعَانَهُۥ عَلَيْهِ قَوْمٌ ءَاخَرُونَ ۖ فَقَدْ جَآءُو ظُلْمًا وَزُورًا
25:4
۽ ڪافر چوندا آھن ته ھيءُ (قرآن) رڳو ڪوڙو قصّو آھي جو اُھو پاڻون ٺاھيو اٿس ۽ اُن (جي ٺاھڻ) تي ٻي قوم به کيس مدد ڏني آھي، (اھڙي طرح چوڻ سان) بيشڪ اُنھن ظلم ۽ ڪوڙ (ڪم ۾) آندو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:5
وَقَالُوٓا۟ أَسَـٰطِيرُ ٱلْأَوَّلِينَ ٱكْتَتَبَهَا فَهِىَ تُمْلَىٰ عَلَيْهِ بُكْرَةً وَأَصِيلًا
25:5
۽ چيائون ته (ھي قرآن) اڳين جا قصّا آھن جو اُھي مٿس صُبح ۽ سانجھيءَ پڙھبا آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:6
قُلْ أَنزَلَهُ ٱلَّذِى يَعْلَمُ ٱلسِّرَّ فِى ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ ۚ إِنَّهُۥ كَانَ غَفُورًا رَّحِيمًا
25:6
(اي پيغمبر کين) چؤ ته اُھو (قرآن) اُنھي (الله) نازل ڪيو آھي جيڪو آسمانن ۽ زمين جو ڳجھ ڄاڻندو آھي، بيشڪ اُھو بخشڻھار مھربان آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:7
وَقَالُوا۟ مَالِ هَـٰذَا ٱلرَّسُولِ يَأْكُلُ ٱلطَّعَامَ وَيَمْشِى فِى ٱلْأَسْوَاقِ ۙ لَوْلَآ أُنزِلَ إِلَيْهِ مَلَكٌ فَيَكُونَ مَعَهُۥ نَذِيرًا
25:7
۽ (ڪافر) چون ٿا ته ھن پيغمبر کي ڇا (ٿيو) آھي جو طعام کائيندو آھي ۽ بازارين ۾ گھمندو آھي، ڏانھس ملائڪ ڇو نه نازل ڪيو ويو آھي ته اُھو ساڻس (گڏ) ڊيڄاريندڙ ھجي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:8
أَوْ يُلْقَىٰٓ إِلَيْهِ كَنزٌ أَوْ تَكُونُ لَهُۥ جَنَّةٌ يَأْكُلُ مِنْهَا ۚ وَقَالَ ٱلظَّـٰلِمُونَ إِن تَتَّبِعُونَ إِلَّا رَجُلًا مَّسْحُورًا
25:8
يا ڏانھس (آسمان کان) خزانو ڇو نه اُڇليو ويو يا اُن کي ڪو باغ ڇو نه آھي جو منجھانئس کائي، ۽ ظالم چوندا آھن ته اوھين رڳو جادو ڪيل ماڻھو جي تابعداري ڪندا آھيو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:9
ٱنظُرْ كَيْفَ ضَرَبُوا۟ لَكَ ٱلْأَمْثَـٰلَ فَضَلُّوا۟ فَلَا يَسْتَطِيعُونَ سَبِيلًا
25:9
(اي پيغمبر) ڏس ته تو لاءِ ڪھڙي طرح جون ڳالھيون ڪندا آھن پوءِ (اُھي) گمراھ ٿيا ۽ (ھاڻي) ڪا واٽ لھي نٿا سگھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:10
تَبَارَكَ ٱلَّذِىٓ إِن شَآءَ جَعَلَ لَكَ خَيْرًا مِّن ذَٰلِكَ جَنَّـٰتٍ تَجْرِى مِن تَحْتِهَا ٱلْأَنْهَـٰرُ وَيَجْعَل لَّكَ قُصُورًۢا
25:10
اُھو (الله) وڏو برڪت وارو آھي جيڪڏھن گھري ته (دنيا ۾) تولاءِ ھن (چيل) کان ڀلا باغ جن جي ھيٺان واھيون پيون وھن ڏيئي ۽ توکي وڏيون ماڙيون (به) ڏئي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:11
بَلْ كَذَّبُوا۟ بِٱلسَّاعَةِ ۖ وَأَعْتَدْنَا لِمَن كَذَّبَ بِٱلسَّاعَةِ سَعِيرًا
25:11
بلڪ قيامت کي ڪُوڙو ڀانيو اٿن ۽ جنھن قيامت کي ڪوڙو ڀانيو تنھن لاءِ دوزخ تيار ڪيو اٿئون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:12
إِذَا رَأَتْهُم مِّن مَّكَانٍۭ بَعِيدٍ سَمِعُوا۟ لَهَا تَغَيُّظًا وَزَفِيرًا
25:12
جڏھن (دوزخ) انھن کي ڏوراھين پنڌ کان ڏسندو (تڏھن) اُن جون ڪاوڙ جون ھڪلون ۽ گجڪار ٻڌندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:13
وَإِذَآ أُلْقُوا۟ مِنْهَا مَكَانًا ضَيِّقًا مُّقَرَّنِينَ دَعَوْا۟ هُنَالِكَ ثُبُورًا
25:13
۽ جڏھن اُتان ھٿ پير جڪڙيل سوڙھي ھنڌ سٽيا ويندا (تڏھن) اُتي (پاڻ لاءِ) ھلاڪ ٿيڻ کي سڏيندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:14
لَّا تَدْعُوا۟ ٱلْيَوْمَ ثُبُورًا وَٰحِدًا وَٱدْعُوا۟ ثُبُورًا كَثِيرًا
25:14
(چيو ويندن ته) اڄ اوھين ھڪ ھلاڪ ٿيڻ کي نه پڪاريو پر گھڻن ھلاڪتن کي پُڪاريو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:15
قُلْ أَذَٰلِكَ خَيْرٌ أَمْ جَنَّةُ ٱلْخُلْدِ ٱلَّتِى وُعِدَ ٱلْمُتَّقُونَ ۚ كَانَتْ لَهُمْ جَزَآءً وَمَصِيرًا
25:15
(اي پيغمبر کين) چؤ ته اُھو ڀلو آھي يا اُھو ھميشه وارو بھشت جنھن جو پرھيزگارن کي انجام ڏنو ويو آھي؟ جو اُنھن لاءِ بدلو ۽ موٽڻ جو ھنڌ ھوندو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:16
لَّهُمْ فِيهَا مَا يَشَآءُونَ خَـٰلِدِينَ ۚ كَانَ عَلَىٰ رَبِّكَ وَعْدًا مَّسْـُٔولًا
25:16
جيڪي گھرندا سو انھن لاءِ منجھس سدائين (موجود) ھوندو، تنھنجي پالڻھار کان (اھو) وعدو گھريل آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:17
وَيَوْمَ يَحْشُرُهُمْ وَمَا يَعْبُدُونَ مِن دُونِ ٱللَّهِ فَيَقُولُ ءَأَنتُمْ أَضْلَلْتُمْ عِبَادِى هَـٰٓؤُلَآءِ أَمْ هُمْ ضَلُّوا۟ ٱلسَّبِيلَ
25:17
۽ اُن ڏينھن کين ۽ جن کي الله کانسواءِ پوڄيندا آھن تن کي الله گڏ ڪندو پوءِ چوندو ته اوھان ھنن منھنجن ٻانھن کي گمراھ ڪيو ھو يا اُھي پاڻ واٽ کان گمراھ ٿيا ھوا؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:18
قَالُوا۟ سُبْحَـٰنَكَ مَا كَانَ يَنۢبَغِى لَنَآ أَن نَّتَّخِذَ مِن دُونِكَ مِنْ أَوْلِيَآءَ وَلَـٰكِن مَّتَّعْتَهُمْ وَءَابَآءَهُمْ حَتَّىٰ نَسُوا۟ ٱلذِّكْرَ وَكَانُوا۟ قَوْمًۢا بُورًا
25:18
چوندا ته تنھنجي پاڪائي بيان ٿا ڪريون تو کانسواءِ اسان کي ڪو دوست وٺڻ نه جڳائيندو ھو پر انھن کي ۽ سندن پين ڏاڏن کي آسودو ڪيئي تان جو نصيحت وساريائون، ۽ ھلاڪ ٿيل قوم ٿيا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:19
فَقَدْ كَذَّبُوكُم بِمَا تَقُولُونَ فَمَا تَسْتَطِيعُونَ صَرْفًا وَلَا نَصْرًا ۚ وَمَن يَظْلِم مِّنكُمْ نُذِقْهُ عَذَابًا كَبِيرًا
25:19
پوءِ (چونداسون ته اي ڪافرؤ) بيشڪ جيڪي (ڳالھيون ھنن معبودن بابت) چَيوَ ٿي تن ۾ اُنھن اوھان کي ڪُوڙو ڪيو پوءِ (اوھين) نڪي عذاب ٽاري سگھو ٿا ۽ نڪي مدد وٺي سگھو ٿا، ۽ اوھان مان جنھن ظلم ڪيو ھوندو تنھن کي وڏو عذاب چکائينداسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:20
وَمَآ أَرْسَلْنَا قَبْلَكَ مِنَ ٱلْمُرْسَلِينَ إِلَّآ إِنَّهُمْ لَيَأْكُلُونَ ٱلطَّعَامَ وَيَمْشُونَ فِى ٱلْأَسْوَاقِ ۗ وَجَعَلْنَا بَعْضَكُمْ لِبَعْضٍ فِتْنَةً أَتَصْبِرُونَ ۗ وَكَانَ رَبُّكَ بَصِيرًا
25:20
۽ توکان اڳ پيغمبرن مان جيترا به موڪلياسون سي (به تو ئي وانگر) طعام کائيندا ھوا ۽ بازارين ۾ گھمندا ھوا، ۽ اوھان کي (پاڻ ۾) ھڪ ٻئي لاءِ پرک ڪيو اٿئون، (ته ڏسون ته) صبر ڪريو ٿا (يا نه)؟ ۽ تنھنجو پالڻھار ڏسندڙ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:21
۞ وَقَالَ ٱلَّذِينَ لَا يَرْجُونَ لِقَآءَنَا لَوْلَآ أُنزِلَ عَلَيْنَا ٱلْمَلَـٰٓئِكَةُ أَوْ نَرَىٰ رَبَّنَا ۗ لَقَدِ ٱسْتَكْبَرُوا۟ فِىٓ أَنفُسِهِمْ وَعَتَوْ عُتُوًّا كَبِيرًا
25:21
۽ جيڪي اسان جي ملڻ جي اُميد نه رکندا آھن سي چوندا آھن ته اسان تي ڇو نه ملائڪ نازل ڪيا ويا يا پنھنجي پالڻھار کي (ڇو نه ٿا) ڏسون؟ بيشڪ اُنھن پنھنجن جيئن ۾ وڏائي ڪئي ۽ تمام وڏو ھٺ ڪيائون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:22
يَوْمَ يَرَوْنَ ٱلْمَلَـٰٓئِكَةَ لَا بُشْرَىٰ يَوْمَئِذٍ لِّلْمُجْرِمِينَ وَيَقُولُونَ حِجْرًا مَّحْجُورًا
25:22
جنھن ڏينھن ملائڪن کي ڏسندا تنھن ڏينھن ڏوھارين لاءِ ڪا خوشخبري نه آھي ۽ چوندا ته (الله ڪري اوھين شال) گھڻو پري ھجو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:23
وَقَدِمْنَآ إِلَىٰ مَا عَمِلُوا۟ مِنْ عَمَلٍ فَجَعَلْنَـٰهُ هَبَآءً مَّنثُورًا
25:23
۽ جيڪو ڪو عمل ڪيائون تنھن ڏانھن اسين مھاڙ ڪنداسون پوءِ اُن کي پڻي ڪري ڇڏينداسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:24
أَصْحَـٰبُ ٱلْجَنَّةِ يَوْمَئِذٍ خَيْرٌ مُّسْتَقَرًّا وَأَحْسَنُ مَقِيلًا
25:24
اُنھيءَ ڏينھن بھشتي رھڻ جي جاءِ ڪري ڀلا ۽ آرام ڪرڻ جي جاءِ ڪري تمام چڱا ھوندا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:25
وَيَوْمَ تَشَقَّقُ ٱلسَّمَآءُ بِٱلْغَمَـٰمِ وَنُزِّلَ ٱلْمَلَـٰٓئِكَةُ تَنزِيلًا
25:25
۽ جنھن ڏينھن آسمان ڪڪرن سان ڦاٽندو ۽ ملائڪ لڳو لڳ لاھبا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:26
ٱلْمُلْكُ يَوْمَئِذٍ ٱلْحَقُّ لِلرَّحْمَـٰنِ ۚ وَكَانَ يَوْمًا عَلَى ٱلْكَـٰفِرِينَ عَسِيرًا
25:26
اُن ڏينھن سچي حڪومت الله جي آھي، ۽ اُھو ڏينھن ڪافرن تي سخت ٿيندو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:27
وَيَوْمَ يَعَضُّ ٱلظَّالِمُ عَلَىٰ يَدَيْهِ يَقُولُ يَـٰلَيْتَنِى ٱتَّخَذْتُ مَعَ ٱلرَّسُولِ سَبِيلًا
25:27
۽ جنھن ڏينھن ظالم پنھنجا ٻئي ھٿ چٻيندو چوندو ته ھَيء اَرمان (جيڪر) پيغمبر سان گڏ واٽ وٺان ھا (ته چڱو ھو). - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:28
يَـٰوَيْلَتَىٰ لَيْتَنِى لَمْ أَتَّخِذْ فُلَانًا خَلِيلًا
25:28
ھَيء ھَيء ارمان جيڪر فلاڻي کي دوست نه وٺان ھا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:29
لَّقَدْ أَضَلَّنِى عَنِ ٱلذِّكْرِ بَعْدَ إِذْ جَآءَنِى ۗ وَكَانَ ٱلشَّيْطَـٰنُ لِلْإِنسَـٰنِ خَذُولًا
25:29
بيشڪ جڏھن مون وٽ نصيحت آئي تنھن پڄاڻا ھن مون کي اُن کان گمراہ ڪيو، ۽ شيطان ماڻھوءَ کي (وقت تي) دغا ڏيندڙ آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:30
وَقَالَ ٱلرَّسُولُ يَـٰرَبِّ إِنَّ قَوْمِى ٱتَّخَذُوا۟ هَـٰذَا ٱلْقُرْءَانَ مَهْجُورًا
25:30
۽ پيغمبر چوندو ته اي منھنجا پالڻھاربيشڪ منھنجي قوم ھن قرآن کي ڇڏي ڏنو ھو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:31
وَكَذَٰلِكَ جَعَلْنَا لِكُلِّ نَبِىٍّ عَدُوًّا مِّنَ ٱلْمُجْرِمِينَ ۗ وَكَفَىٰ بِرَبِّكَ هَادِيًا وَنَصِيرًا
25:31
۽ اھڙيءَ طرح سڀڪنھن پيغمبر لاءِ ڏوھارين مان ويري بڻاياسون، ۽ تنھنجو پالڻھار ھدايت ڪرڻ وارو ۽ مدد ڏيڻ وارو ڪافي آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:32
وَقَالَ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ لَوْلَا نُزِّلَ عَلَيْهِ ٱلْقُرْءَانُ جُمْلَةً وَٰحِدَةً ۚ كَذَٰلِكَ لِنُثَبِّتَ بِهِۦ فُؤَادَكَ ۖ وَرَتَّلْنَـٰهُ تَرْتِيلًا
25:32
۽ ڪافر چون ٿا ته پيغمبر تي سارو قرآن ھڪ ڀيري ڇو نه نازل ڪيو ويو؟ اھڙي طرح (ٿورو ٿورو ڪري لاٿوسون)، ته اُن سان تنھنجي دل کي مُحڪم ڪريون ۽ اُھو آھستو آھستو پڙھي ٻڌايوسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:33
وَلَا يَأْتُونَكَ بِمَثَلٍ إِلَّا جِئْنَـٰكَ بِٱلْحَقِّ وَأَحْسَنَ تَفْسِيرًا
25:33
۽ (ڪافر) تو وٽ اھڙي ڪا حُجّت نه ٿا آڻين جنھنجو اسين سچو (جواب) ۽ ڏاڍو چڱو بيان تو وٽ نه ٿا آڻيون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:34
ٱلَّذِينَ يُحْشَرُونَ عَلَىٰ وُجُوهِهِمْ إِلَىٰ جَهَنَّمَ أُو۟لَـٰٓئِكَ شَرٌّ مَّكَانًا وَأَضَلُّ سَبِيلًا
25:34
جيڪي پنھنجي منھن ڀر دوزخ ڏانھن گڏ ڪيا ويندا اُھي جاءِ جي ڪري تمام بُڇڙا ۽ واٽ کي بلڪل وڃائيندڙ آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:35
وَلَقَدْ ءَاتَيْنَا مُوسَى ٱلْكِتَـٰبَ وَجَعَلْنَا مَعَهُۥٓ أَخَاهُ هَـٰرُونَ وَزِيرًا
25:35
۽ بيشڪ مُوسىٰ کي ڪتاب ڏنوسون ۽ ساڻس سندس ڀاءُ ھارون وزير ڪيوسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:36
فَقُلْنَا ٱذْهَبَآ إِلَى ٱلْقَوْمِ ٱلَّذِينَ كَذَّبُوا۟ بِـَٔايَـٰتِنَا فَدَمَّرْنَـٰهُمْ تَدْمِيرًا
25:36
پوءِ چيوسون ته (ٻئي) اُنھي قوم ڏانھن وڃو جن اسان جي آيتن کي ڪوڙ ڀانيو، پوءِ (آخر) کين پاڙئون پٽيوسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:37
وَقَوْمَ نُوحٍ لَّمَّا كَذَّبُوا۟ ٱلرُّسُلَ أَغْرَقْنَـٰهُمْ وَجَعَلْنَـٰهُمْ لِلنَّاسِ ءَايَةً ۖ وَأَعْتَدْنَا لِلظَّـٰلِمِينَ عَذَابًا أَلِيمًا
25:37
۽ نوح جي قوم جڏھن پيغمبرن کي ڪُوڙو ڄاتو (تڏھن) کين ٻوڙيوسون ۽ کين ماڻھن لاءِ نشاني ڪئي سون، ۽ ظالمن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب تيار ڪيوسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:38
وَعَادًا وَثَمُودَا۟ وَأَصْحَـٰبَ ٱلرَّسِّ وَقُرُونًۢا بَيْنَ ذَٰلِكَ كَثِيرًا
25:38
۽ عادين ۽ ثمودين ۽ رَس وارن ۽ اُنھن جي وچ ۾ گھڻن جُڳن کي (ناس ڪيوسون). - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:39
وَكُلًّا ضَرَبْنَا لَهُ ٱلْأَمْثَـٰلَ ۖ وَكُلًّا تَبَّرْنَا تَتْبِيرًا
25:39
۽ ھر ھڪ کي بيان ڪري ٻڌايوسون، ۽ سڀني کي ناس ڪيوسون (جئن) ناس ڪرڻ گھرجي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:40
وَلَقَدْ أَتَوْا۟ عَلَى ٱلْقَرْيَةِ ٱلَّتِىٓ أُمْطِرَتْ مَطَرَ ٱلسَّوْءِ ۚ أَفَلَمْ يَكُونُوا۟ يَرَوْنَهَا ۚ بَلْ كَانُوا۟ لَا يَرْجُونَ نُشُورًا
25:40
۽ بيشڪ (ڪافر) اُن ڳوٺ وٽان ٿي آيا آھن جنھن تي (پٿرن جو) بڇڙو مينھن وسايو ويو ھو، اُن کي نه ٿي ڏٺائون ڇا؟ بلڪ اُھي وري جيئري ٿيڻ جي اُميد نه رکندا ھوا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:41
وَإِذَا رَأَوْكَ إِن يَتَّخِذُونَكَ إِلَّا هُزُوًا أَهَـٰذَا ٱلَّذِى بَعَثَ ٱللَّهُ رَسُولًا
25:41
۽ جڏھن توکي ڏسن ٿا (تڏھن) توکي رڳو ٺـٺولي ڪري وٺن ٿا، (چون ٿا ته) ھيءُ اُھو (شخص) آھي ڇا جنھن کي الله پيغمبر ڪري موڪليو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:42
إِن كَادَ لَيُضِلُّنَا عَنْ ءَالِهَتِنَا لَوْلَآ أَن صَبَرْنَا عَلَيْهَا ۚ وَسَوْفَ يَعْلَمُونَ حِينَ يَرَوْنَ ٱلْعَذَابَ مَنْ أَضَلُّ سَبِيلًا
25:42
بيشڪ اسان کي پنھنجن بتن (جي پوڄا) کان تڏھن ئي ڀلائي ڇڏي ھا جيڪڏھن اسين مٿن مُحڪم نه رھون ھا، ۽ جڏھن عذاب ڏسندا (تڏھن) ڄاڻندا ته واٽ کي بلڪل وڃائيندڙ ڪير آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:43
أَرَءَيْتَ مَنِ ٱتَّخَذَ إِلَـٰهَهُۥ هَوَىٰهُ أَفَأَنتَ تَكُونُ عَلَيْهِ وَكِيلًا
25:43
(اي پيغمبر) تو اُن کي ڏٺو جنھن پنھنجي سَڌ کي پنھنجو معبود ڪري ورتو؟ پوءِ تون مٿس ڪو نگھبان ٿيندين ڇا؟ - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:44
أَمْ تَحْسَبُ أَنَّ أَكْثَرَهُمْ يَسْمَعُونَ أَوْ يَعْقِلُونَ ۚ إِنْ هُمْ إِلَّا كَٱلْأَنْعَـٰمِ ۖ بَلْ هُمْ أَضَلُّ سَبِيلًا
25:44
ڀانيو اٿئي ڇا ته منجھانئن گھڻا ٻڌن ٿا يا سمجھن ٿا؟ اِھي رڳو ڍورن وانگر آھن بلڪ اُھي واٽ کي بلڪل وڃائيندڙ آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:45
أَلَمْ تَرَ إِلَىٰ رَبِّكَ كَيْفَ مَدَّ ٱلظِّلَّ وَلَوْ شَآءَ لَجَعَلَهُۥ سَاكِنًا ثُمَّ جَعَلْنَا ٱلشَّمْسَ عَلَيْهِ دَلِيلًا
25:45
(اي پيغمبر) پنھنجي پالڻھار ڏانھن نه ڏٺو اٿئي ڇا ته پاڇي کي ڪيئن ڊگھو ڪيائين؟ جيڪڏھن گھري ھا ته اُن کي ٺھرائي ڇڏي ھا، وري سج کي مٿس (پنھنجي قدرت جو) دليل ڪيوسون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:46
ثُمَّ قَبَضْنَـٰهُ إِلَيْنَا قَبْضًا يَسِيرًا
25:46
وري اُن (پاڇي) کي پاڻ ڏانھن ھوريان ھوريان سوڙھو ڪيوسون (جئن) سوڙھو ڪرڻ گھرجي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:47
وَهُوَ ٱلَّذِى جَعَلَ لَكُمُ ٱلَّيْلَ لِبَاسًا وَٱلنَّوْمَ سُبَاتًا وَجَعَلَ ٱلنَّهَارَ نُشُورًا
25:47
۽ (الله) اُھو آھي جنھن اوھان لاءِ رات کي پردو ۽ ننڊ کي آرام ڪيو ۽ ڏينھن کي اُٿڻ جو وقت ڪيائين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:48
وَهُوَ ٱلَّذِىٓ أَرْسَلَ ٱلرِّيَـٰحَ بُشْرًۢا بَيْنَ يَدَىْ رَحْمَتِهِۦ ۚ وَأَنزَلْنَا مِنَ ٱلسَّمَآءِ مَآءً طَهُورًا
25:48
۽ (الله) اُھو آھي جنھن پنھنجي ٻاجھ (يعني مينھن) کان اڳي وائُن کي خوشخبري ڏيندڙ ڪري موڪليو، ۽ آسمان مان پاڪ پاڻي (ھن لاءِ) وسايوسون - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:49
لِّنُحْـِۧىَ بِهِۦ بَلْدَةً مَّيْتًا وَنُسْقِيَهُۥ مِمَّا خَلَقْنَآ أَنْعَـٰمًا وَأَنَاسِىَّ كَثِيرًا
25:49
ته اُن سان ويران شھر کي آباد ڪريون ۽ ته پنھنجن پيدا ڪيل ڍورن ۽ گھڻن ماڻھن کي اُھو پياريون. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:50
وَلَقَدْ صَرَّفْنَـٰهُ بَيْنَهُمْ لِيَذَّكَّرُوا۟ فَأَبَىٰٓ أَكْثَرُ ٱلنَّاسِ إِلَّا كُفُورًا
25:50
۽ بيشڪ اُن (مينھن) کي سندن وچ ۾ ھن ڪري ڦيرائيندڙ آھيون ته نصيحت وٺن، پوءِ گھڻا ماڻھو بي شڪريءَ کانسواءِ نٿا رھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:51
وَلَوْ شِئْنَا لَبَعَثْنَا فِى كُلِّ قَرْيَةٍ نَّذِيرًا
25:51
۽ جيڪڏھن گھرون ھا ته سڀڪنھن ڳوٺ ۾ ھڪ ڊيڄاريندڙ موڪليون ھا. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:52
فَلَا تُطِعِ ٱلْكَـٰفِرِينَ وَجَـٰهِدْهُم بِهِۦ جِهَادًا كَبِيرًا
25:52
پوءِ تون ڪافرن جو چيو نه مڃ ۽ اُن (قرآن) جي حُڪم سان (مقابلي طرح) ساڻن وڏو جھاد ڪر. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:53
۞ وَهُوَ ٱلَّذِى مَرَجَ ٱلْبَحْرَيْنِ هَـٰذَا عَذْبٌ فُرَاتٌ وَهَـٰذَا مِلْحٌ أُجَاجٌ وَجَعَلَ بَيْنَهُمَا بَرْزَخًا وَحِجْرًا مَّحْجُورًا
25:53
۽ (الله) اُھو آھي جنھن ٻن دريائن کي پاڻ ۾ ملايو جو ھي (ھڪڙو) مِٺو اُڃ لاھيندڙ ۽ ھيءُ (ٻيو) لوڻاٺيو کارو آھي، ۽ سندن وچ ۾ اوٽ ۽ مُحڪم پردو بڻايائين. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:54
وَهُوَ ٱلَّذِى خَلَقَ مِنَ ٱلْمَآءِ بَشَرًا فَجَعَلَهُۥ نَسَبًا وَصِهْرًا ۗ وَكَانَ رَبُّكَ قَدِيرًا
25:54
۽ (الله) اُھو آھي جنھن پاڻيءَ مان ماڻھوءَ کي بڻايو پوءِ کيس پيڙھي ۽ سيڻپيءَ جي مائٽي وارو ڪيائين، ۽ تنھنجو پالڻھار وس وارو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:55
وَيَعْبُدُونَ مِن دُونِ ٱللَّهِ مَا لَا يَنفَعُهُمْ وَلَا يَضُرُّهُمْ ۗ وَكَانَ ٱلْكَافِرُ عَلَىٰ رَبِّهِۦ ظَهِيرًا
25:55
۽ الله کان سواءِ اھڙن جي پوڄا ڪندا آھن جي کين نڪي سُک ڏين ۽ نڪي کين ڏک پھچائن، ۽ ڪافر پنھنجي پالڻھار کي پُٺي ڏيڻ وارو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:56
وَمَآ أَرْسَلْنَـٰكَ إِلَّا مُبَشِّرًا وَنَذِيرًا
25:56
۽ (اي پيغمبر) اسان توکي رڳو خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:57
قُلْ مَآ أَسْـَٔلُكُمْ عَلَيْهِ مِنْ أَجْرٍ إِلَّا مَن شَآءَ أَن يَتَّخِذَ إِلَىٰ رَبِّهِۦ سَبِيلًا
25:57
(کين) چؤ ته آءٌ اوھان کان اُن (قرآن جي پھچائڻ) تي ڪو اُجورو نٿو گھران پر جيڪو پنھنجي پالڻھار ڏانھن واٽ وٺڻ گھري (سو ڀلي ته وٺي). - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:58
وَتَوَكَّلْ عَلَى ٱلْحَىِّ ٱلَّذِى لَا يَمُوتُ وَسَبِّحْ بِحَمْدِهِۦ ۚ وَكَفَىٰ بِهِۦ بِذُنُوبِ عِبَادِهِۦ خَبِيرًا
25:58
۽ (اي پيغمبر تون اُنھيءَ الله) جيئري تي ڀروسو ڪر جيڪو (ڪڏھن) نه مرندو ۽ سنديس ساراہ سان گڏ پاڪائي بيان ڪر، ۽ اُھو پنھنجن ٻانھن جي گناھن جي خبر رکندڙ ڪافي آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:59
ٱلَّذِى خَلَقَ ٱلسَّمَـٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَا فِى سِتَّةِ أَيَّامٍ ثُمَّ ٱسْتَوَىٰ عَلَى ٱلْعَرْشِ ۚ ٱلرَّحْمَـٰنُ فَسْـَٔلْ بِهِۦ خَبِيرًا
25:59
جنھن آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي سندن وچ ۾ آھي (سو) ڇھن ڏينھن ۾ بڻايو وري عرش تي قائم ٿيو، (اُھو) ٻاجھارو آھي پوءِ سندس (صفتون) ڪنھن خبر رکندڙ کان پُڇ. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:60
وَإِذَا قِيلَ لَهُمُ ٱسْجُدُوا۟ لِلرَّحْمَـٰنِ قَالُوا۟ وَمَا ٱلرَّحْمَـٰنُ أَنَسْجُدُ لِمَا تَأْمُرُنَا وَزَادَهُمْ نُفُورًا ۩
25:60
۽ جڏھن کين چئبو آھي ته رحمٰن کي سجدو ڪريو، (تڏھن) چوندا آھن ته رَحمٰن ڇا آھي جنھن لاءِ اسان کي حُڪم ٿو ڪرين؟ تنھن کي سجدو ڪريون ڇا؟ ۽ (اُنھي ڳالھ ھٿئون) سندن نفرت وڌائي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:61
تَبَارَكَ ٱلَّذِى جَعَلَ فِى ٱلسَّمَآءِ بُرُوجًا وَجَعَلَ فِيهَا سِرَٰجًا وَقَمَرًا مُّنِيرًا
25:61
اُھو (الله) وڏي برڪت وارو آھي جنھن آسمان ۾ برج بڻايائين ۽ منجھس ڏيو (يعني سِج) ۽ چمڪندڙ چنڊ بڻايو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:62
وَهُوَ ٱلَّذِى جَعَلَ ٱلَّيْلَ وَٱلنَّهَارَ خِلْفَةً لِّمَنْ أَرَادَ أَن يَذَّكَّرَ أَوْ أَرَادَ شُكُورًا
25:62
۽ (الله) اُھو آھي جنھن رات ۽ ڏينھن کي ھڪ ٻئي جي پوئتان ايندڙ اُنھيءَ (ماڻھو) لاءِ بڻايو جيڪو نصيحت وٺڻ گھري يا شڪرانو گھري. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:63
وَعِبَادُ ٱلرَّحْمَـٰنِ ٱلَّذِينَ يَمْشُونَ عَلَى ٱلْأَرْضِ هَوْنًا وَإِذَا خَاطَبَهُمُ ٱلْجَـٰهِلُونَ قَالُوا۟ سَلَـٰمًا
25:63
۽ ٻاجھاري (الله) جا ٻانھا اُھي آھن جيڪي زمين تي نِوَڙت سان گھمندا آھن ۽ جڏھن بي عقل ساڻن ڳالھائيندا آھن (تڏھن) چوندا آھن ته سلامت ھجو (شال). - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:64
وَٱلَّذِينَ يَبِيتُونَ لِرَبِّهِمْ سُجَّدًا وَقِيَـٰمًا
25:64
۽ اُھي جيڪي پنھنجي پالڻھار کي سجدو ڪندڙ ۽ قيام ڪندڙ ٿي راتيون گذاريندا آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:65
وَٱلَّذِينَ يَقُولُونَ رَبَّنَا ٱصْرِفْ عَنَّا عَذَابَ جَهَنَّمَ ۖ إِنَّ عَذَابَهَا كَانَ غَرَامًا
25:65
۽ اُھي جيڪي چوندا آھن ته اي اسان جا پالڻھار اسان کان دوزخ جو عذاب ٽار، بيشڪ دوزخ جو عذاب (وڏي) چَٽي آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:66
إِنَّهَا سَآءَتْ مُسْتَقَرًّا وَمُقَامًا
25:66
بيشڪ اُھو آرام ڪرڻ جو ھنڌ ۽ رھڻ جو ھنڌ بڇڙو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:67
وَٱلَّذِينَ إِذَآ أَنفَقُوا۟ لَمْ يُسْرِفُوا۟ وَلَمْ يَقْتُرُوا۟ وَكَانَ بَيْنَ ذَٰلِكَ قَوَامًا
25:67
۽ اُھي جڏھن خرچ ڪندا آھن (تڏھن) نڪي اجايو خرچيندا آھن ۽ نڪي تنگي ڪندا آھن ۽ انھن (ٻنھي) جي وچ ۾ پورا ھلندا آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:68
وَٱلَّذِينَ لَا يَدْعُونَ مَعَ ٱللَّهِ إِلَـٰهًا ءَاخَرَ وَلَا يَقْتُلُونَ ٱلنَّفْسَ ٱلَّتِى حَرَّمَ ٱللَّهُ إِلَّا بِٱلْحَقِّ وَلَا يَزْنُونَ ۚ وَمَن يَفْعَلْ ذَٰلِكَ يَلْقَ أَثَامًا
25:68
۽ اُھي جيڪي الله ساڻ ڪنھن ٻئي معبود کي نه پوڄيندا آھن ۽ نڪي اھڙي جيءَ کي ماريندا آھن جنھنجو حق کانسواءِ مارڻ الله حرام ڪيو آھي ۽ نڪي زنا ڪندا آھن، ۽ جيڪو اُھو ڪم ڪندو سو سخت عذاب لھندو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:69
يُضَـٰعَفْ لَهُ ٱلْعَذَابُ يَوْمَ ٱلْقِيَـٰمَةِ وَيَخْلُدْ فِيهِۦ مُهَانًا
25:69
قيامت جي ڏينھن اُن کي ٻيڻو عذاب ڪبو ۽ منجھس سدائين خوار رھندو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:70
إِلَّا مَن تَابَ وَءَامَنَ وَعَمِلَ عَمَلًا صَـٰلِحًا فَأُو۟لَـٰٓئِكَ يُبَدِّلُ ٱللَّهُ سَيِّـَٔاتِهِمْ حَسَنَـٰتٍ ۗ وَكَانَ ٱللَّهُ غَفُورًا رَّحِيمًا
25:70
پر جن توبه ڪئي ۽ ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي اُھي آھن جن جون مدايون الله ڦيرائي نيڪيون ڪندو، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:71
وَمَن تَابَ وَعَمِلَ صَـٰلِحًا فَإِنَّهُۥ يَتُوبُ إِلَى ٱللَّهِ مَتَابًا
25:71
۽ جيڪو توبه ڪري ۽ چڱا ڪم ڪري سو بيشڪ الله ڏانھن وري موٽي ٿو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:72
وَٱلَّذِينَ لَا يَشْهَدُونَ ٱلزُّورَ وَإِذَا مَرُّوا۟ بِٱللَّغْوِ مَرُّوا۟ كِرَامًا
25:72
۽ اُھي جيڪي ڪوڙي شاھدي نه ڏيندا آھن ۽ جڏھن بيھودي ڪم تي لنگھندا آھن (تڏھن چڱي ريت) ڀلارن وانگر لنگھندا آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:73
وَٱلَّذِينَ إِذَا ذُكِّرُوا۟ بِـَٔايَـٰتِ رَبِّهِمْ لَمْ يَخِرُّوا۟ عَلَيْهَا صُمًّا وَعُمْيَانًا
25:73
۽ اُھي جو جڏھن کين سندن پالڻھار جي آيتن سان نصيحت ڏبي آھي (ته) اُن (جي ٻڌڻ) سان ٻوڙا ۽ انڌا ٿي نه ڪرندا آھن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:74
وَٱلَّذِينَ يَقُولُونَ رَبَّنَا هَبْ لَنَا مِنْ أَزْوَٰجِنَا وَذُرِّيَّـٰتِنَا قُرَّةَ أَعْيُنٍ وَٱجْعَلْنَا لِلْمُتَّقِينَ إِمَامًا
25:74
۽ اُھي جيڪي چوندا آھن ته اي اسانجا پالڻھار اسان جي زالن ۽ اسان جي اولاد مان اسان کي اکين جو ٺار بخش ۽ اسان کي پرھيزگارن جو اِمام ڪر. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:75
أُو۟لَـٰٓئِكَ يُجْزَوْنَ ٱلْغُرْفَةَ بِمَا صَبَرُوا۟ وَيُلَقَّوْنَ فِيهَا تَحِيَّةً وَسَلَـٰمًا
25:75
اِھي (اُھي) آھن جن کي سندن صبر سببان وڏيون ماڙيون عوض ۾ ڏبيون ۽ اُن ۾ چڱي دُعا ۽ سلام پھچائبن. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:76
خَـٰلِدِينَ فِيهَا ۚ حَسُنَتْ مُسْتَقَرًّا وَمُقَامًا
25:76
منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، اُھو آرام ڪرڻ جو ھنڌ چڱو ۽ رھڻ جو ھنڌ چڱو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)
25:77
قُلْ مَا يَعْبَؤُا۟ بِكُمْ رَبِّى لَوْلَا دُعَآؤُكُمْ ۖ فَقَدْ كَذَّبْتُمْ فَسَوْفَ يَكُونُ لِزَامًۢا
25:77
(اي پيغمبر کين) چؤ ته جيڪڏھن (الله کي) اوھان جو سڏڻ نه ھجي ته منھنجي پالڻھار کي اوھان جي ڪا پرواھ نه آھي، بيشڪ اوھان (پيغمبر کي) ڪوڙو ڀانيو تنھنڪري سگھو اوھان لاءِ عذاب لازم ٿيندو. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)