Selected

Original Text
Taj Mehmood Amroti

Available Translations

2 Al-Baqarah ٱلْبَقَرَة

< Previous   286 Āyah   The Cow      Next >  

بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ
In the name of Allah, Most Gracious, Most Merciful.

2:258 أَلَمْ تَرَ إِلَى ٱلَّذِى حَآجَّ إِبْرَٰهِـۧمَ فِى رَبِّهِۦٓ أَنْ ءَاتَىٰهُ ٱللَّهُ ٱلْمُلْكَ إِذْ قَالَ إِبْرَٰهِـۧمُ رَبِّىَ ٱلَّذِى يُحْىِۦ وَيُمِيتُ قَالَ أَنَا۠ أُحْىِۦ وَأُمِيتُ ۖ قَالَ إِبْرَٰهِـۧمُ فَإِنَّ ٱللَّهَ يَأْتِى بِٱلشَّمْسِ مِنَ ٱلْمَشْرِقِ فَأْتِ بِهَا مِنَ ٱلْمَغْرِبِ فَبُهِتَ ٱلَّذِى كَفَرَ ۗ وَٱللَّهُ لَا يَهْدِى ٱلْقَوْمَ ٱلظَّـٰلِمِينَ
2:258 (اي پيغمبر) تو اُنھن ڏانھن نه ڏٺو ڇا؟ جنھن پنھنجي پالڻھار بابت ابراھيم سان (انھيءَ مغروريءَ سبب) تڪرار ڪيو جو الله کيس بادشاھي ڏني ھئي، جڏھن ابراھيم چيو ته منھنجو پالڻھار اُھو آھي جو جياريندو آھي ۽ ماريندو آھي، (ڪافر) چيو ته آءٌ (به) جياريان ٿو ۽ ماريان ٿو. ابراھيم چيو ته الله سج کي اوڀر کان اوڀاريندو آھي تنھنڪري (تون) اُن کي اولھ کان اوڀار پوءِ ڪافر ھَڪو ٻَڪو ٿي ويو، ۽ الله ظالم ٽوليءَ کي سڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي. - Taj Mehmood Amroti (Sindhi)